ڪوالالمپور: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ==Cityscape== {{wide image|Kuala Lumpur - Titiwangsa - Panorama 0002.JPG|1100px|The view of Kuala Lumpur from Titiwangsa Lake Garden}} ڪوالالمپور ({{lang-en| '''Kua...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 18:
1830ع ۾ سلانغور (Selangor) رياست جي راجا سلطان محمود هن علائقي جي کوٽائي شروع ڪئي، پر ناڪام رهيو. پر ان ناڪاميابيءَ هوندي به افواهه جاري رهيا ته ان علائقي ۾ ٽين تمام گهڻو آهي. 1857ع ۾ انهيءَ راجا جي ڀائٽي راجا جمعت پنهنجن ٽن ساٿين سان گڏ ٽين جي کاڻين جي ڳولا وري شروع ڪرائي. راجا جمعت کان اڳ به اتراهن علائقن ۾ ٽين جي کوٽائي ۽ ڪاروبار مان چڱي ڪمائي ۽ تجربو حاصل ڪري چڪو هو. هن پنهنجي ساٿين ۾ هڪ ته پنهنجو ڀاءُ راجا عبدالله شامل ڪيو ۽ وڌيڪ ناڻي ۽ خرچ پکي جي مدد لاءِ ملاڪا جا ٻه چيني واپاري: چي يم چئان ۽ لم سي هو شامل ڪيا. انهن ڏينهن ۾ هي سڄو علائقو جهنگل هو ۽ جهنگل به اهڙو گهاٽو جنهن مان ماڻهو هلي سگهي. هنن کاڻين جي ڳولا ۽ کوٽائيءَ لاءِ هنن ستاسي چيني مزور هٿ ڪيا. جهنگ مان رستو ٺاهي اڳتي وڌڻ ته مشڪل ڪم هو، سو هو ٻيڙين رستي ڪلانگ نديءَ مان اڳتي وڌي ان هنڌ تي پهتا، جتي اڄ جو ڪوالالمپور آهي، جتي ڪلانگ نديءَ سان گمباڪ ندي ملي ٿي. اتي پهچي هي همراه ٻيڙين مان لٿا ۽ ٽين جي ڳولا ۾ گهاٽن جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ گهڙي پيا. آخر ڪار هنن هڪ هنڌ ٽين جا تمام وڏا ذخيرا ڳولي ورتا. اهو هنڌ ڪوالالمپور جو اڄ وارو ائمپنگ علائقو هو. ٽين ملڻ جي خوشي ته تمام گهڻي ٿي. پر اها يڪدم مايوسيءَ ۾ بدلجي ويئي. تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي جهنگلن ۾ ايڏا زهريلا مڇر هئا جو مهيني اندر سواءِ ويهارو کن ماڻهن جي باقي مزور هڪ هڪ ٿي مليريا وگهي مري ويا. راجا عبدالله دل نه لاٿي ۽ ڏيڍ سئو مزورن جو ٻيو جٿو وٺي ساڳي هنڌ تي ٽين جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪرايو ۽ پوءِ ڪجهه عرصي جي کوٽائيءَ بعد ٽين جي لڳاتار سپلاءِ کاڻين کان درياهه جي ڪناري تائين ۽ پوءِ ٻيڙين جي رستي واپاري اڏن تي پهچڻ شروع ٿي ويئي.
 
1859ع ۾ ٽين جي خريداري ۽ وڪري لاءِ اتر کان ٻه وڏا چيني واپاري: هيو سيو ۽ آهه ذي ڪيليڊڪ هتي آيا. هيو سيو (Hiu-siew) ته تمام هوشيار حرفتي هو ۽ راجا عبدالله سان ايڏي دوستي ٿي ويس جو هن کيس ان وقت جي هن ننڍڙي ڳوٺڙي ڪوالالمپور جو وڏيرو مقر ڪيو ۽ “ڪئپٽن چينا” لقب ڏنو. هن جي رهبري ۽ راڄ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. 1862ع ۾ ڪئپٽن چينا جي مرڻ تي سندس جاءِ هڪ ٻئي چيني ليو نگم ڪانگ والاري ۽ ان کان پوءِ يپ آهه ٿيو. يپ آهه جي ڪئپٽن چينا ٿيڻ تي ڪافي مخالفت ٿي، جو هي ٻين چينين جي مقابلي ۾ ڌاريون هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ چين کان ملاڪا آيو هو ۽ 1854ع ۾ جڏنهن ملاڪا پهتو ته بنا پئسي ڪوڏيءَ جي سترهن سالن جو ڇوڪرو هو پر پوءِ حرفتن، اٽڪلن ۽ ڏاهپ جي ڪري چوڏنهن سالن اندر هڪ طاقتور عهديدار ٿي ويو هو. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=23</ref>
 
ڪوالالمپور جي تواريخ ۾ سال 1890ع يادگار سال چيو وڃي ٿو, جنهن ۾ سيام (ٿائلنڊ) جي بادشاهه ڪوالالمپور جو دورو ڪيو ۽ پهريون انگريزي اسڪول کليو. هن ئي سال سنيٽري بورڊ پڻ قائم ڪيو ويو, جنهن جو ڪم شهر جي وڌندڙ حالتن کي ڌيان ۾ رکي ان موجب, صفائي، سٺائي ۽ روشنيءَ ڏي خيال ڏنو ويو. 1893ع ۾ سڀ کان وڏو انگريزي اسڪول Victoria institution کليو ۽ 1896ع ۾ ملايا جي ٻين رياستن جي گاديءَ جو هنڌ پڻ ڪوالالمپور ڪيو ويو. انهيءَ سال اپريل ۾ ائمپنگ ۾ پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي ٺاهي ويئي، جنهن مان پائيپن رستي ڪوالالمپور شهر جي گهرن کي پاڻي پهچائڻ جو ڪم شروع ٿيو. ڪوالالمپور شهر جي وچ ۾ جيڪو پودو جيل آهي، اهو پڻ ان سال ٺهي راس ٿيو هو. ان جي ٺهڻ تي انهن ڏينهن ۾ سوا ٽي لک ڊالر خرچ آيو هو ۽ ان ۾ پنج سئو ويهه قيدين جي رهائش رکي ويئي. ملائيشيا جي انگريزي اخبار ملئي ميل (Malay Mail) پهرين روزاني اخبار هئي، جيڪا 1896ع ۾ ڪوالالمپور مان جاري ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. هن اخبار جو شروعات ۾ رڳو ٻه سئو ڪاپيون روز نڪرنديون هيون. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=23</ref>
 
{{حوالا}}