ڇاتين جو سرطان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 7:
اڃا تائين هن بيماريءَ جو ڪو خاطر خواهه علاج نه لڌو ويو آهي ۽ نه ئي سرجريءَ سان هن مرض کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته متاثر ارهه جو اهو حصو يا سڄو [[ارهه]] ڪٽڻ جا تجربا به ڪيا ويا، پر بيماري ختم ٿيڻ بجاءِ بگڙيل صورت ۾ ٻيهر ٿي پوندي آهي. ڪپي ڪڍڻ (Mastiodectomy) کان پوءِ وري انهن ڦٽن ۾ روڳ وڌي ويندو آهي ۽ ڦٽن ۾ وِرُ ٿي پوندو آهي. پوءِ ان وِرُ مان پونءِ نڪرندي آهي ۽ پوءِ مرض ڇاتيءَ سان لاڳاپيل عضون ڏانهن پکڙجي ٿو، جيڪو ‘Mestastasis’ سڏجي ٿو. ان ۾ ٻئي ارهه، ڪَڇُن ۽ سيني وارين هڏين متاثر ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي.
==تاريخ==
هـن بيمـاريءَ جـي تـاريـخ تـمـام قـديـم آهـي. 2500 سال اڳ رومـي ۽ يوناني حڪيمن ڇاتيءَ جي ڪيترين بيمارين مان ڪينسر ۽ ڇاتيءَ ۾ طبعي تبديلين بابت ڄاڻ ڏني هئي. دنيا ۾ حڪيم بُقراط (HippocrateHippocrates) اهو پهريون يوناني حڪيم هو، جنهن ڇاتيءَ ۾ ٿيندڙ مهلڪ طبعي تبديلين (Physiological Changes) ۽ غير فطري روڳي واڌ بابت تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ هن ان غير فطري واڌ کي (Skiros Karkinoma) يعنيBreast Carcinoma (Cancer) جو نالو ڏنو، جيڪو نالو اڄ تائين ميڊيڪل سائنس ۾ قائم آهي.
اٽڪل 500 ق. م ڌاري ڪيترن رومي ۽ يوناني حڪيمن، ڇاتيءَ جي هن مهلڪ بيماريءَ تي گھڻن رخن کان وڌيڪ تجربا ڪيا. بيماريءَ کي يوناني حڪيمن سامونڊي کيکڙي (Sea-crabs) جي شڪل سان مشابهت ڏني، جنهنڪري هن بيماريءَ کي سرطان چيو ويندو آهي. هن بيماريءَ جو سبب اهو آهي ته جڏهن ڇاتيءَ جي صحتمند جيوگھرڙن جي فعل ۾ گھڻن سببن جي ڪري بگاڙ ٿئي ٿو ته ڇاتيءَ جي اوڄن ۾ پڻ نئين غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کي اسين ڇاتيءَ جو ڪينسر چئون ٿا.
بيماريءَ جا قسم (Types of Disease): ڇاتيءَ جي هن غير فطري واڌ کي بيماريءَ جي روڳي هجڻ يا نه هجڻ جي خاصيت کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، ڇو ته هر هڪ واڌ ڪينسر ناهي هو ندي: