ڄام صادق علي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 16:
==سندس اولاد==
ڄام صادق علي جي اولاد مان ڄام معشوق علي پڻ مختلف وزارتن تي رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ سندس ڀائٽيو ڄام مدد علي ڪجهه عرصو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو، جڏهن ته هن وقت پيپلز پارٽيءَ سان مخلوط حڪومت سان وزير طور شامل آهي.
==ڪتاب==
==هڪ عجيب ڪردار==
ڄام صادق عليءَ جي باري ۾ ڪافي لکيو ويو آهي. سنڌ جي تعليمي ماهر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڄام صادق عليءَ جي زندگي ۽ سياست تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب 1993ع ۾ لکيو هو. جنهن ۾ ڄام جي شخصيت، سوانح ۽ سياست جي ڪافي ڄاڻ ملي ٿي.
 
ڄام صديق ابڙو: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: ”ڄام صديق ابڙو ڪلهوڙن جي مريدن مان هو، ميان الياس کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ميان شاهه علي عرف ميان شاهل محمد اڳواڻ بڻيو. گادي تي ويهڻ سان مريدن ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ميان شاهل محمد جي حڪمن تي مريد پوکي راهيءَ کي وڌائڻ لڳا، لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه سندس کوٽايل آهي. هن واهه جي ٻنهي ڪپن واري زمين سانگي ۽ ابڙا برادري کان حاصل ڪري پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي. پاڻ حبيباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. ان صورتحال ۾ ڄام صديق ابڙو ۽ جلال خان ابڙو ميان شاهل جي مريدي ڇڏي هليا ويا ۽ ٻين زميندارن سان گڏجي بکر جي نواب کي دانهن ڏنائون ۽ ڄام صديق ابڙي بکر جي نواب جي مدد سان ميان شاهل محمد کي قتل ڪرائي ڇڏيو.
==بيماري ۽ وفات==
1992ع ۾ ڄام صادق علي شديد بيمار ٿي پيو، ۽ سيد مظفر حسين شاهه کي بين الصوبائي رابطن جو انچارج بڻائي پنهنجا اڪثر اختيار ان جي حوالي ڪيائين. ڪابينا جي اجلاسن جي صدارت ڪرڻ کان وٺي پاليسي فيصلن جا اختيار سيد مظفر شاهه حوالي رهيا. ان باوجود هيءُ پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو ۽ ان عهدي تي موجودگيءَ دوران ئي، ڪينسر سبب ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ 5 مارچ 1992ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪيائين. کيس سندس اباڻي ڳوٺ ڄام نواز عليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان، وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي گورنر محمود اي. هارون سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.