ڇاتين جو سرطان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 3:
[[File:Breast cancer.jpg|thumb|ارهن جي ڪينسر ۾ ٻنڊ ابت سبت ٿيڻ ۽ چمڙي جو سوڪهڙو.]]
'''ڇاتي يا ارهه جو سرطان'''، (Breast Cancer/ Carcinoma) عورتن ۾ ٿيندڙ هڪ مهلڪ مرض آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هن بيماريءَ سبب فوت ٿيل عورتن جي شرح ٻين مرضن جي بنسبت وڌيڪ آهي. آڳاٽي زماني ۾ هيءَ بيماري اڪثر اهڙين عورتن کي ٿيندي هئي، جيڪي پنهنجي ماهواريءَ بند ٿيڻ واري عمر ۾ Menu pause کي پهچنديون هيون، پر هاڻي هيءَ بيماري ڪيترن سببن ڪري عورت کي عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگھي ٿي. ڪيتريون نوجوان ڇوڪريون جيڪي اڃا بالغ ٿينديون آهن ته اهي به هن موذي مرض ۾ وٺجي وينديون آهن.
اڃا تائين هن بيماريءَ جو ڪو خاطر خواهه علاج نه لڌو ويو آهي ۽ نه ئي سرجريءَ سان هن مرض کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته متاثر ارهه جو اهو حصو يا سڄو [[ارهه]] ڪٽڻ جا تجربا به ڪيا ويا، پر بيماري ختم ٿيڻ بجاءِ بگڙيل صورت ۾ ٻيهر ٿي پوندي آهي. ڪپي ڪڍڻ (Mastiodectomy) کان پوءِ وري انهن ڦٽن ۾ روڳ وڌي ويندو آهي ۽ ڦٽن ۾ وِرُ ٿي پوندو آهي. پوءِ ان وِرُ مان پونءِ نڪرندي آهي ۽ پوءِ مرض ڇاتيءَ سان لاڳاپيل عضون ڏانهن پکڙجي ٿو، جيڪو ‘Mestastasis’ سڏجي ٿو. ان ۾ ٻئي ارهه، ڪَڇُن ۽ سيني وارين هڏين متاثر ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي.
==تاريخ==
هـن بيمـاريءَ جـي تـاريـخ تـمـام قـديـم آهـي. 2500 سال اڳ رومـي ۽ يوناني حڪيمن ڇاتيءَ جي ڪيترين بيمارين مان ڪينسر ۽ ڇاتيءَ ۾ طبعي تبديلين بابت ڄاڻ ڏني هئي. دنيا ۾ حڪيم بُقراط (Hippocrate) اهو پهريون يوناني حڪيم هو، جنهن ڇاتيءَ ۾ ٿيندڙ مهلڪ طبعي تبديلين (Physiological Changes) ۽ غير فطري روڳي واڌ بابت تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ هن ان غير فطري واڌ کي (Skiros Karkinoma) يعنيBreast Carcinoma (Cancer) جو نالو ڏنو، جيڪو نالو اڄ تائين ميڊيڪل سائنس ۾ قائم آهي.