ڇاتين جو سرطان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 11:
ٻيو قسم بي ضرر واڌ آهي. ان واڌ جا به ڪيترا قسم ٿين ٿا. مثال: جيئن رت جي ڳوڙهي يا شريانين واري رسولي (گومڙ: Angioma)، تاندورن وارو گومڙ (Fibroma Tumor)، چرٻي وارو گومڙ (Lipoma/ Lypoma)، لڪل ڌاڳن وارين مشڪن جو گومڙ (Leiomyoma) ۽ هڏين جو گومڙ (Osteoma) وغيره اچي وڃن ٿا. بي ضرر قسم جا سڀئي گومڙ سدائين ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) سان ئي اُڀرن ٿا.
*(2) مهلڪ سرطاني واڌ (Malignant Growth/ Tumor): ڇاتيءَ ۾ مهلڪ قسم جي غير فطري واڌ جي علامت سان ڇاتيءَ جي سرطان هئڻ جي واضح نشاني ليکبي آهي. اها واڌ ڇاتيءَ جي چرٻيءَ وارن جيو گھرڙن (Epithelium Cells) مان اڀرندي آهي. ڇاتيءَ جي هيءَ مهلڪ واڌ (گومڙ) جنهن کي نج ڇاتيءَ جو ڪينسر چئبو آهي، عورت جي حياتي لاءِ ڏاڍي مهلڪ آهي.
==مهلڪ (سرطاني) واڌ جا قسم (Types of Malignant Growth)==
*(1) سخت سرطاني واڌ (گومڙ) (Scrrihus Growth/ Tumor): هن قسم جو سرطاني (گومڙ) واڌ، سڀني قسمن جي گومڙن (واڌ) ۾ عام ٿئي ٿي. هن قسم جو گومڙ سخت ٿئي ٿو ۽ واڌ ويجھه ۾ گھڻو وقت وٺندو آهي. ڪن حالتن ۾ هن قسم جي گومڙ جي وڌڻ ۾سال به لڳي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن قسم جو گومڙ وڏي عمر ۾، خاص ڪري عورت جي حيض جي موقوف Menu pause Period)) کان پوءِ ظاهر ٿيندو آهي. هن قسم جي گومڙ ۾ سور به ٿيندو آهي، پر اهو هر وقت نه ٿيندو آهي. گومڙ (واڌ) واري کل ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيندو آهي. تنهن کانسواءِ گھڻين مريضائن جا هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ ڇاتيءَ سان گڏ بغل جا غدود به سڄي پوندا آهن.
*(2) ميڄالي جي مِکُ جي شڪل جھڙي واڌ (Encephaliod Growth of Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ مٿين سرطاني واڌ وانگر سخت ڪانه ٿيندي آهي، پر ڪي قدر نرم ٿيندي آهي، جيئن جيئن سرطاني واڌ ۾ واڌارو ٿيندو آهي ته سرطان جي واڌ جي مٿاڇري وارين نسن (Superfical Veins) ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي، ان واڌ جو رنگ واڱڻائي هوندو آهي، جيڪا هن قسم جي واڌ جي ڀرپور علامت هوندي آهي ۽ چورڻ سان هيڏي هوڏي ڦرندي آهي. هيءَ واڌ اڳتي هلي جڏهن ڦاٽي پوندي آهي ته ان مان گھڻو ڪري ڪاري رنگ جو رت وهندو آهي. هن قسم جي گومڙ جي شڪل گل جھڙي ٿيندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي سرطاني واڌ کي (Rose Cancer) به چوندا آهن. هن قسم جي گومڙ جو ڪاڇو ٻين سرطاني گومڙن جي مقابلي ۾ گھڻو وڏو هوندو آهي ۽ گومڙ جو وزن به گھڻو هوندو آهي، تنهنڪري مريضه پنهنجي سرطاني ڇاتيءَ ۾ واڌ سان گڏ ڳوراڻ به گھڻي محسوس ڪندي آهي. هن قسم جي ڪينسر جي واڌ تمام گھڻي تڪڙي ٿيندي آهي، جيڪا هڪ سال کان مٿي ڪانه ٿيندي آهي.
سِٽَ 17:
*(4) گوشت (جي ٽڪري) جھڙي واڌ (Sarcoma Growth Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ تمام گھڻي خطرناڪ هوندي آهي. هن قسم جي واڌ جي پاڙ گھڻو ڪري سرطاني مرض ۾ وچڙيل ڇاتيءَ جي هيٺان هڏن تائين هوندي آهي. هن قسم جي سرطان تمام گھڻو تڪڙو واڌ ويجهه ڪندو آهي. سرجريءَ کان پوءِ نئين حملي ۾ هي پنهنجي اصلي جاءِ مٽائي ڪنهن ٻئي عضوي يا ٻئي اُرهه ڏي وڌندو يا پکڙبو (Metastasis) آهي، پر جيڪڏهن ساڳي هنڌ تي وري ٿي پيو ته به اهو تمام تڪڙو واڌ ويجھه ڪندو آهي. تمام گھڻو مهلڪ ۽ خطرناڪ بڻجي ويندو آهي.
آپريشن کان پوءِ جيڪڏهن هن قسم جي سرطان جي واڌ ساڳئي هنڌ ٿي پئي ته ڪن حالتن ۾ اها ايتري ته وڏي هوندي آهي، جو اها ٽن ڇاتين جيڏي ٿي پوندي آهي، تنهنڪري ٻيهر بيماري هيٺ آيل ڇاتيءَ وارو حصو وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڀوائتو لڳندو آهي.
==ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جا سبب (Aetiology)==
*(1) ٿڃ نه ڌارائڻ: ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو ۽ بنيادي سبب ماءُ جو ٻار کي ٿڇ نه ڌارائڻ آهي. ٿڃ ڌارائڻ ڪري ماءُ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ وڏي ڍال آهي. جيڪي مائرون پنهنجي اولاد کي ٿڃ نٿيون ڌارائن، انهن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي.
*(2) دير سان شادي ٿيڻ (Late Marriage): اڄڪلهه سماجي مجبورين ۽ ڪن سببن جي ڪري ڇوڪرين جي شادي دير سان ٿئي ٿي، جنهنڪري ڪنوارين ڇوڪرين کي پڻ گهڻي ڀاڱي ارهه جو ڪينسر ٿئي ٿو.
سِٽَ 37:
ڊاڪٽر بيماريءَ جي تشخيص لاءِ مختلف ليبارٽري ٽيسٽون ۽ ڇاتين جي الٽراسائونڊ ذريعي پتو لڳائين ٿا.
<gallery>
File:Diagram showing stage 1A breast cancer CRUK 199.svg|Stageڏاڪو 1A breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram showing stage 1B breast cancer CRUK 202.svg|Stageڏاڪو 1B breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 1 of 2 showing stage 2A breast cancer CRUK 003.svg|Stageڏاڪو 2A breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 2 of 2 showing stage 2A breast cancer CRUK 009.svg|Stageڏاڪو 2A breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 1 of 3 showing stage 2B breast cancer CRUK 006.svg|Stageڏاڪو 2B breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 2 of 3 showing stage 2B breast cancer CRUK 012.svg|Stageڏاڪو 2B breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 3 of 3 showing stage 2B breast cancer CRUK 015.svg|Stageڏاڪو 2B breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 1 of 3 showing stage 3A breast cancer CRUK 007.svg|Stageڏاڪو 3A breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 2 of 3 showing stage 3A breast cancer CRUK 013.svg|Stageڏاڪو 3A breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 3 of 3 showing stage 3A breast cancer CRUK 016.svg|Stageڏاڪو 3A breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 1 of 2 showing stage 3B breast cancer CRUK 004.svg|Stageڏاڪو 3B breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram 2 of 2 showing stage 3B breast cancer CRUK 010.svg|Stageڏاڪو 3B breastڇاتين cancerجو سرطان
File:Diagram showing stage 4 breast cancer CRUK 228.svg|Stageڏاڪو 4 breastڇاتين cancerجو سرطان
</gallery>
 
==احتياط وارا اپاءَ (Preventive Measures)==
ڪينسر جي مريضه کي هر صورت ۾ رڌ پچاءُ نه ڪرڻ ڏجي، ڇو ته باهه جي تاءَ سبب مرض اڃا به وڌي ويندو آهي. ائين علاج ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن مريضه صحتمند ٿئي ته به کيس هڪ سال تائين باهه جي ويجھو نه وڃڻ گھرجي، نه ته مرض وري ٻيهر اٿلي سگھي ٿو. باهه جي لهس تي هي مرض وڌندو ۽ وري ٻيهر موٽندو به آهي.
ڪينسر جي مريضه کي اس کان به بچائڻ گھرجي نه ته ٻيءَ صروت ۾ هيءُ مرض تڪڙو وڌي ويندو آهي. صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين هر حال ۾ اُس تي گھٽ نڪرجي، خاص ڪري اونهاري واري موسم جي اُس ۾ گھٽ نڪرڻ گھرجي.