چارلس نيپئر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4:
 
==تقرري ۽ شادي==
1825ع ۾ [[ڪرنل]] ٿيو ۽ اپريل 1827ع ۾ [[شادي]] ڪيائين. هاءِ ڪميشن ۾ [[نوڪري]] ڪندي بالا عملدارن سان نا اتفاقي ٿي پيس. ان ڪري ڊگھي [[موڪل]] وٺي اچي ’باٿ‘ شهر ۾ رهيو. 1833ع ڌاري سندس [[زال]] [[ڪالرا]] وگھي [[وفات]] ڪري وئي، جنهن بعد 1835ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. 1837ع ۾ [[ميجر جنرل]] مقرر ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر [[فوجي]] خـدمـتـون سـرانـجـام ڏيـڻ لـڳـو. چارلس نيپئر 1841ع ۾ [[هندستان]] جو فوجي سربراهه ٿيو. [[آگسٽ]] 1842ع ڌاري [[هندستان]] جي نئين [[گورنر جنرل]] ’لارڊ ايلنبرو‘ نيپئر کي جيمس آئوٽرام جي جاءِ تي سندن[[سنڌ]] جو بااختيار سياسي ۽ [[فوجي]] اڳواڻ مقرر ڪيو. چارلس نيپئر 3 [[سيپٽمبر]] 1842ع تي [[ممبئي]] کان [[ڪراچي]] لاءِ روانو ٿيو. ان دوران سامونڊي سفر ۾ ئي هو ته ڪالرا جي وبا ڦهلجي وئي، جنهنڪري سندس جهاز ۾ 54 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر سر چارلس نيپئر بچي ويو.
 
==سنڌ اچڻ==