چارلس نيپئر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4:
 
==تقرري ۽ شادي==
1825ع ۾ [[ڪرنل]] ٿيو ۽ اپريل 1827ع ۾ [[شادي]] ڪيائين. هاءِ ڪميشن ۾ [[نوڪري]] ڪندي بالا عملدارن سان نا اتفاقي ٿي پيس. ان ڪري ڊگھي [[موڪل]] وٺي اچي ’باٿ‘ شهر ۾ رهيو. 1833ع ڌاري سندس [[زال]] [[ڪالرا]] وگھي [[وفات]] ڪري وئي، جنهن بعد 1835ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. 1837ع ۾ [[ميجر جنرل]] مقرر ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر [[فوجي]] خـدمـتـون سـرانـجـام ڏيـڻ لـڳـو. چارلس نيپئر 1841ع ۾ [[هندستان]] جو فوجي سربراهه ٿيو. [[آگسٽ]] 1842ع ڌاري [[هندستان]] جي نئين [[گورنر جنرل]] ’لارڊ ايلنبرو‘ نيپئر کي جيمس آئوٽرام جي جاءِ تي سنڌسندن جو بااختيار سياسي ۽ [[فوجي]] اڳواڻ مقرر ڪيو. چارلس نيپئر 3 [[سيپٽمبر]] 1842ع تي ممبئيءَ[[ممبئي]] کان ڪراچيءَ[[ڪراچي]] لاءِ روانو ٿيو. ان دوران سامونڊي سفر ۾ ئي هو ته ڪالرا جي وبا ڦهلجي وئي، جنهنڪري سندس جهاز ۾ 54 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر سر چارلس نيپئر بچي ويو.
 
==سنڌ اچڻ==
ڪراچي پهچڻ کان پوءِ جڏهن سنڌو درياهه رستي ڪراچيءَ کان سکر لاءِ نڪتو ته حيدرآباد وٽ ميرن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. سندس سواريءَ لاءِ سون ۽ چانديءَ سان مڙهيل هڪ پالڪي موڪلي وئي. سر چارلس نيپئر جي ساٿي آفيسرن لاءِ سون ۽ چانديءَ سان سجايل اُٺڻيون موڪليون ويون. ساڳئي وقت مير عباس علي خان ۽ ٻين ميرن کي اڳواٽ سندن آجيان لاءِ روانو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح چارلس نيپئر وڏي دٻدٻي ۽ ٺٺ ٺانگر سان ميرن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن تي اسٽيمر تي چڙهي وڃي سکر نڪتو. ان وقت بکر جي قديم قلعي ۾ انگريز فوج جي وڏي ڇانوڻي قائم هئي. 20 ميل اولهه اتر طرف شڪارپور ۾ به انگريزن جا فوجي دستا ترسيل هئا. نيپئر مڪمل طرح فوجي ڪنٽرول سنڀالي، ٽالپرن جي خبر ورتي. هن جيمس آئوٽرام سان صلاح مصلحت ڪري، گورنر جنرل جي منظوريءَ سان خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن کي هڪ سخت قسم جي عهدنامي ڪرڻ جو چيو. ان کان اڳ ميرن سان ٿيل عهدنامي مطابق ڪراچي، بکر ۽ شڪارپور جا علائقا مير حڪمرانن جي هٿ مان نڪري چڪا هئا. هِن عهدنامي مطابق ٽالپرن تي زور ڀريو ويو ته اهي انگريز فوج جي چرپر لاءِ وڏي رقم، کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ مهيا ڪري ڏين. اهڙي عهدنامي سان سنڌو درياهه واري رسد انگريزن جي قبضي ۾ پئي آئي ۽ ٽالپر حڪمرانن کي درياهه جي ٻنهي طرفن کان ڪچي جي زمين، ٻيلن ۽ محصول اوڳاڙڻ جي حق تان دستبردار ٿيڻو پئي پيو. جڏهن ميجر جنرل آئوٽرام ان قسم جو عهدنامو آڻي ميرن اڳيان رکيو ته سندن حوصلا خطا ٿي ويا. خيرپور جي پوڙهي مير رستم خان ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مير علي مراد ۾ اڻبڻت پيدا ٿي پئي. اهڙيءَ طرح چارلس نيپئر خيرپور جي والي مير رستم خان تي دٻاءُ وڌو ته هو ڪوٽڏجيءَ جي قلعي مان نڪري وڃي ٿر ۾ امام ڳڙهه واري قلعي ۾ لڪو. نيپئر 6 جنوري 1843ع تي 350 پيادا ۽ اٺ توڙي گھوڙي سوار دستا ساڻ ڪري سندس پويان پيو. هن انگريزي فوج سان 80 ميلن جي جھنگ ۽ واريءَ جو سفر ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري، اچي امام ڳڙهه قلعي وٽ پهتو. ان وچ ۾ مير رستم خان قلعو خالي ڪري نڪري چڪو هو ۽ اچي حيدرآباد جي ميرن وٽ فريادي ٿيو. 16 جنوري تي نيپئر امام ڳڙهه قلعي کي مسمار ڪري واپس خيرپور موٽي ويو. ميجر جنرل آئوٽرام کي هدايت ڪئي وئي ته هو ڪنهن به حالت ۾ ميرن کان نئين ٺاهه تي صحيحون ڪرائي وٺي. انهيءَ مقصد لاءِ آئوٽرام 16 جنوريءَ تي ڪوٽڏيجيءَ پهتو. 25 جنوريءَ تائين ميرن ۽ سندن وڪيلن جو انتظار ڪيائين، پر سندن ڪا پهر نه موٽي. انهيءَ وچ ۾ حيدرآباد ۾ ميرن جي گھڻگھري ميجر آئوٽرام، چارلس نيپئر کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته هو خود حيدرآباد وڃي ٽالپر حڪمرانن سان ملاقات ڪري، کين ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ لاءِ راضي ڪندو. ان لاءِ 8 فبروريءَ تي ميجر آئوٽرام حيدرآباد ريزيڊنسيءَ ۾ اچي لٿو ۽ ميرن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ لاڳيتو چار ڏينهن ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ ٽالپرن کي اهڙي عهدنامي لاءِ راضي ڪري ورتائين. اهڙيءَ ريت ميجر آئوٽرام بنا ڪنهن جنگ جي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي واپس خيرپور موٽي آيو. جيتوڻيڪ ٽالپر حڪمرانن خوف وچان اهڙي شڪست قبول ڪئي هئي، پر سنڌ جي ننڍن ميرن، بلوچ سردارن ۽ ڪجهه غيرتمند ۽ محب وطن سپاهين مفت ۾ پنهنجي ڌرتي ڏئي ڇڏڻ کان نابري واري ۽ انگريزن سان هر صورت ۾ جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون.