چارلس نيپئر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''چارلس جيمس نيپئر''' انگريز جنرل 10 آگسٽ 1782ع تي فوجي ڪرنل ’جارج‘ جي گھر ۾، انگلنڊ ۾ ڄائو. هيءُ اڃا...
 
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
'''چارلس جيمس نيپئر''' انگريز جنرل 10 آگسٽ 1782ع تي فوجي ڪرنل ’جارج‘ جي گھر ۾، انگلنڊ ۾ ڄائو. هيءُ اڃا ٽن سالن جو مس هو ته سندس خاندان لنڊن (برطانيا) ڇڏي ’ڊبلن‘ (آئرلينڊ) جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ وڃي آباد ٿيو. نـنـڍي هـونـدي سـاڻـس هـڪ حـادثـو پيـش آيـو، جنهنڪري هيءُ بيمار رهڻ لڳو ۽ بيمار رهڻ ڪري اڪثر جسماني طور ڪمزور ۽ طبيعت ۾جذباتي ٿي پيو، پر هُو ننڍي هوندي کان تمام ذهين ۽ چالاڪ هو.
==شروعاتي دور==
جنوري 1794ع ۾ ڪميشن پاس ڪري شاهي [[فوج]] ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پنجن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقي ڪري 1803ع ڌاري ڪئپٽن ٿيو. چارلس نيپئر بدترين مصيبتن ۽ ذلتن جو [[شڪار]] رهيو. 1809ع واري [[اسپين]] جي [[جنگ]] ۾ جنگي [[قيدي]] ٿيو. 1810ع ڌاري قيدين جي مٽاسٽا ۾ [[آزادي]] ماڻي، مائٽن سان ملي، وري اچي پنهنجي [[ريجمينٽ]] ۾ شامل ٿيو. ساڳئي [[سال]] ’بساڪو‘ واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ ۾ سندس هڪ هٿ جو چنبو ڀڄي پيو. 1811ع ۾ [[ليفٽيننٽ ڪرنل]] مقرر ٿيو. 1815ع ۾ وري [[فرانس]] واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ تان موٽندي جيتوڻيڪ فوجين جو [[جهاز]] ٻڏي ويو، پر هيءُ محفوظ رهيو. 1820ع ۾ سِيڪريٽ سروس ۾ شموليت اختيار ڪيائينڪيائي. [[يونان ]]۾ هاءِ [[ڪمشنر]] جي هٿ هيٺ سياسي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ مقامي ماڻهن جي چڱي سهائتا ڪيائين.
 
==تقرري ۽ شادي==
1825ع ۾ ڪرنل ٿيو ۽ اپريل 1827ع ۾ شادي ڪيائين. هاءِ ڪميشن ۾ نوڪري ڪندي بالا عملدارن سان نا اتفاقي ٿي پيس. ان ڪري ڊگھي موڪل وٺي اچي ’باٿ‘ شهر ۾ رهيو. 1833ع ڌاري سندس زال ڪالرا وگھي وفات ڪري وئي، جنهن بعد 1835ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. 1837ع ۾ ميجر جنرل مقرر ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر فوجي خـدمـتـون سـرانـجـام ڏيـڻ لـڳـو. چارلس نيپئر 1841ع ۾ هندستان جو فوجي سربراهه ٿيو. آگسٽ 1842ع ڌاري هندستان جي نئين گورنر جنرل ’لارڊ ايلنبرو‘ نيپئر کي جيمس آئوٽرام جي جاءِ تي سنڌ جو بااختيار سياسي ۽ فوجي اڳواڻ مقرر ڪيو. چارلس نيپئر 3 سيپٽمبر 1842ع تي ممبئيءَ کان ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيو. ان دوران سامونڊي سفر ۾ ئي هو ته ڪالرا جي وبا ڦهلجي وئي، جنهنڪري سندس جهاز ۾ 54 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر سر چارلس نيپئر بچي ويو.