سيمسون اگونسٽس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Jogi don چوريو صفحو سيمسون اگونسٽيس ڏانهن سيمسون اگونسٽس: سنڌي نالو ڪيو ويو
سِٽَ 4:
 
== انگريزي ڪتاب جي هڪ پوئم جو خُلاصو ==
سيمن اگونسٽاگونسٽ، سيمسون اگونسٽس جي نالي سان هڪ شعر (Poem) يارنيهن،ٻارنهين جماعت جي انگريزي سيليبس جي ڪتاب ۾ پڻ آهي، جنهن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته، سيمسن يا شمشون هڪ زبردست طاقت رکندڙ شخص هيو، جنهن جي تمام طاقت سندس مَٿي جي وارن ۾ هئي، سيمسن اگونسٽ يا شمشون جي هڪ محبوبا هئي، جنهن جو نالو ڊليئلا هيو، جيڪا هڪ يهودي يا عرب فلسطيني عورت هئي ۽ انجي ذريعي سيمسن جي دشمنن هڪ سازش رِٿي، جنهن تحت ڊيليئلا سيمسن کي نشو پياريو ۽ پوءِ سندس بيحوشي جي حالت ۾ مَٿي جا وار ڪوڙي، ڪتري ڇڏيا، سيمسن جيئن ئي ننڊ مان جاڳيو ته هن پهنجو مٿو تمام کالي ۽ هلڪو محسوس ڪيو ۽ پنهنجي مَٿي کي جيئن ئي ڌوڻو ڏنائين ته سندس مَٿي تي ٽِڪڻ هئڻ سبب سندس مَٿيجا وار ڪونه لُڏيا ۽ جلد ئي پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس هڪ وڏي ميدان ۾ تماشي لاءِ رکيو ويو، جتي فلسطين جي سڄي ملڪ مان وڏا وڏا واپاري، سياستدان، حڪمران ۽ اشرافيا گڏ ٿي هئي.
 
سيمسن کي زنجيرن ۾ هڪ ٿَنڀي (پول) سان ٻڌو ويو هيو، ۽ ڪوئي به جُرعت نه پئي ڪري سگهيو ته سندس مدِ مقابل ٿئي. سيمسن کي اوچتو جوش اچي ويو ۽ هن جيئن ئي ٿَنڀي کي پنهنجي پوري طاقت سان لوڏيو ته ٿَنڀ اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو، اُن سان گڏ تمام ڪَٺا ٿيل بادشاهه، حڪمران، اشرافيا جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل هيا سيمسن سميت اُن هيٺان اچي دٻجي ويا