انسان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[Image:Human_Evolution.jpg|frame|{{مبسس4}}انساني زندگيءَ جو اوائلي عڪس.]]
{{مبسس4}}[[ڊاڪٽر فهميده حسن]] لکي ٿي، ”[[چارلس ڊارون]]، ڊيسمنڊ مورس کان وٺي ايلن مورگن ۽ گرڊالرفر تائين [[انساني ارتقا]] بابت سندسسندن نظريا، سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان چئن پيرن واري جانور وارو دور گذاري ٻن پيرن واري باندر نما جانور بعد انساني شڪل اختيار ڪئي آهي. چارلس ڊارون پهريون ماڻهو آهي جنهن سائنسي بنيادن تي پهريون انساني ارتقائي نظريو ڏنو.“

{{مبسس4}}ڊارون پنهنجي ڪتاب ۾ انسان کي ٻين جانورن سان ڀيٽڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي نسلي هڪجهڙايون ڏٺيون، جيئن انسان، لنگور ۽ باندرن جا ڪجهه قسم تڪليف وقت روئن ٿا.ٿا، ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي وڃن ٿا، ٿڪ مهل اوٻاسيون ڏين ٿا، مقابلي مهل گهورين ٿا، ڪتڪتائي ڪرڻ مهل کلن ٿا، خوف ۾ ڏڪن ٿا، پيار مهل ڀاڪر پائين ٿا، دشمني ۾ ڏند ڪرٽين ٿا، حيرت ۾ ڀرون مٿي کڻن ٿا ۽ بي عزتي مهل ڪنڌ ورائي ٿا ڇڏين. اهڙي قسم جي هڪجهڙائين سائنسدانن کي کوجنائون ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ انساني ارتقائي ڪهاڻي وجود ۾ آئي. ان کي مختلف دورن ۾ ورهايو ويو.
 
{{مبسس4}}ڊارون کي جڏهن موقعو مليو ته هن دنيا جي اڪيچار سامونڊي ڪنارن جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي کوجنا لاءِ ڪيترن ئي جانورن جا ڍانچا هٿ ڪيا، جن جي ذريعي هن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سموريون [[حياتياتي ذاتيون]] ڪنهن هڪ جاندار مان [[ارتقا]] ذريعي پيدا ٿيون آهن. تمام ڏکين حالتن ڪري هن پنهنجو مواد ظاهر ڪرڻ کان لنوايو پئي جيڪو اڳتي هلي نيٺ پڌرو ٿيو. سندس ڪتاب پڌري ٿيڻ کان پوءِ هڪ طرف مذهبي ڌرين ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ته ٻئي طرف پراڻ پسندن رانڀوٽا هڻڻ لاءِ پنهنجا ننهن تکا ڪيا. چارلس ڊارون پنهنجي ڪتاب ڇپائڻ ۾ ان ڪري ئي دير ڪئي هئي ته جيئن اهڙين حالتن کي منهن ڏينهن واسطي ايترا ثبوت ۽ شاهديون هجن جو ڪير کيس رد نه ڪري سگهي. ڊارون پنهنجي مقصد ۾ سوڀارو ٿيو پر سندس نظريي ۾ اڪيچار خاميون هيون جيڪي اڳتي هلي وڌيڪ کوجنائن ذريعي دور ڪيون ويون.