انسان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[Image:Human_Evolution.jpg|frame|{{مبسس4}}انساني زندگيءَ جو اوائلي عڪس.]]
{{مبسس4}}[[ڊاڪٽر فهميده حسن]] لکي ٿي، ”چارلس”[[چارلس ڊارون،ڊارون]]، ڊيسمنڊ مورس کان وٺي ايلن مورگن ۽ گرڊالرفر تائين [[انساني ارتقا]] بابت سندس نظريا، سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان چئن پيرن واري جانور وارو دور گذاري ٻن پيرن واري باندر نما جانور بعد انساني شڪل اختيار ڪئي آهي. چارلس ڊارون پهريون ماڻهو آهي جنهن سائنسي بنيادن تي پهريون انساني ارتقائي نظريو ڏنو.“ ڊارون پنهنجي ڪتاب ۾ انسان کي ٻين جانورن سان ڀيٽڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي نسلي هڪجهڙايون ڏٺيون، جيئن انسان، لنگور ۽ باندرن جا ڪجهه قسم تڪليف وقت روئن ٿا. ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي وڃن ٿا، ٿڪ مهل اوٻاسيون ڏين ٿا، مقابلي مهل گهورين ٿا، ڪتڪتائي ڪرڻ مهل کلن ٿا، خوف ۾ ڏڪن ٿا، پيار مهل ڀاڪر پائين ٿا، دشمني ۾ ڏند ڪرٽين ٿا، حيرت ۾ ڀرون مٿي کڻن ٿا ۽ بي عزتي مهل ڪنڌ ورائي ٿا ڇڏين. اهڙي قسم جي هڪجهڙائين سائنسدانن کي کوجنائون ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ انساني ارتقائي ڪهاڻي وجود ۾ آئي. ان کي مختلف دورن ۾ ورهايو ويو.
 
{{مبسس4}}ڊارون کي جڏهن موقعو مليو ته هن دنيا جي اڪيچار سامونڊي ڪنارن جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي کوجنا لاءِ ڪيترن ئي جانورن جا ڍانچا هٿ ڪيا، جن جي ذريعي هن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سموريون [[حياتياتي ذاتيون]] ڪنهن هڪ جاندار مان [[ارتقا]] ذريعي پيدا ٿيون آهن. تمام ڏکين حالتن ڪري هن پنهنجو مواد ظاهر ڪرڻ کان لنوايو پئي جيڪو اڳتي هلي نيٺ پڌرو ٿيو. سندس ڪتاب پڌري ٿيڻ کان پوءِ هڪ طرف مذهبي ڌرين ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ته ٻئي طرف پراڻ پسندن رانڀوٽا هڻڻ لاءِ پنهنجا ننهن تکا ڪيا. چارلس ڊارون پنهنجي ڪتاب ڇپائڻ ۾ ان ڪري ئي دير ڪئي هئي ته جيئن اهڙين حالتن کي منهن ڏينهن واسطي ايترا ثبوت ۽ شاهديون هجن جو ڪير کيس رد نه ڪري سگهي. ڊارون پنهنجي مقصد ۾ سوڀارو ٿيو پر سندس نظريي ۾ اڪيچار خاميون هيون جيڪي اڳتي هلي وڌيڪ کوجنائن ذريعي دور ڪيون ويون.
 
{{مبسس4}}ارتقا تي ڊارون کان اڳ توڙي پوءِ بيشمار کوجنا ٿي آهي. [[گريجر مينڊل]] جنهن کي ”جينيٽڪس“ جو ابو چيو ويندو آهي ان جي مٽرن تي ڪيل کوجنا ڊارون جي نظريي کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي. [[جينيٽڪس]] کي سنڌيءَ ۾ ”موروثيت”[[موروثيت جو علم“علم]]“ چئي سگهجي ٿو. [[سائنس]] جي اها اهم شاخ انساني ڀلائي واسطي ٻوٽن توڙي جانورن ۾ اهڙيون جنسي ۽ ذاتياتي تبديليون ڪرڻ ۾ رڌل آهي جنهن ذريعي ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند ۽ چانورن وغيره جي في ايڪڙ پيداوار ۾ انقلابي تبديلي آئي آهي، ساڳي طرح جانورن جهڙوڪ کير ڏيندڙ [[جانورن جي نسلي افزائش]] ذريعي کير توڙي مکڻ جي پيداوار ۾ هٿرادو اضافو ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه اهو ڪم پولٽري ۾ پڻ ڪيو ويو آهي جنهن جو نتيجو اهي ڪڪڙيون آهن جيڪي ٻارهوئي بيضا ڏينديون رهنديون آهن.
 
{{مبسس4}}”ماڻهو“ اڃا جڏهن جديد ماڻهو نه بڻيو هو ته جنگلن ۾ ٻين جانورن جيان شڪار تي گذران ڪندو هو ۽ غارن ۾ رهندو هو، ان جي بچاءُ جو واحد هٿيار باهه هئي. جانور مان انسان بڻجڻ جي ڪهاڻي کوجنا جي گهرجائو پئي رهي آهي. انسان جي بڻ بڻياد تي شڪ جا آثار يونان جي سجاڳي واري دور ۾ پڻ ملن ٿا. دنيا جي سمورن مذهبن انسان کي ڄمندي ڄام ظاهر ڪيو آهي، جيڪو جهڙو اڄ آهي اهڙو ئي هزارين سال اڳ هو بلڪه جنهن ڏينهن کيس پيدا ڪيو ويو ان وقت کان ئي مڪمل ۽ ڪامل انسان هو.