گانڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 3:
==تعارف==
{{مبسس4}}'''مهاتما گانڌي''' جو پورو نالو مهاتما موهنداس ڪرم چند گانڌي آهي، 1915ع ڌاري گانڌي ڏکڻ آفريڪا کان موٽڻ بعد [[هندستان]] جي سياست ۾ شامل ٿيو. ان وقت سڄي هندستان تي انگريزن جي حڪومت هئي. گانڌي هڪ خلوص دل انسان، قابل سياستدان ۽ اهنسا جو پرچارڪ هو.
سندس جنم 2 آڪٽوبر 18691869ع ۾ ٿيو. ڪاٺياواڙي راجڪوٽ رياست جو شهر پوربندر سندس جنم ڀومي آهي. موهن داس يعني غلام ڪرشن جي باري ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندس وڏا اصل ۾ [[ننگر پارڪر]] کان 12 ميل پري پاري نگر جا رهواسي هئا. هن انگلينڊ مان 1891ع ۾ بئريسٽري پاس ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. هن اُتي مئي 1894ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي شاخ قائم ڪئي.
 
{{مبسس4}}جليانوالا باغ ۾ انگريزن طرفان ڪيل خون ريزي کان پوءِ ھن هندن ۽ مسلمانن کي گڏجي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪيو. جڏهن سڀني جماعتن جا اجلاس گڏ ٿيڻ لڳا ته گانڌي جي حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هو مسلمانن توڙي هندن جو محبوب رهنما بڻجي اڀريو. 1922ع ڌاري کيس ڇهن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو پر سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ٻن سالن اندر آزاد ڪيو ويو. 1930ع ۾ هن جڳ مشهور لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي هلچل هلائي. ان دوران ٻه ڀيرا کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو. اهڙي طرح سياست ۾ سرگرمي سان بهرو وٺندو رهيو.