گانڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}[[Image:Gandhi_Jee.jpg|frame|مهاتما گانڌي]]{{مبسس4}}'''مهاتما گانڌي''' جو پورو نالو مهاتما موهنداس ڪرم چند گانڌي آهي، 1915ع ڌاري گانڌي ڏکڻ آفريڪا کان موٽڻ بعد [[هندستان]] جي سياست ۾ شامل ٿيو. ان وقت سڄي هندستان تي انگريزن جي حڪومت هئي. گانڌي هڪ خلوص دل انسان، قابل سياستدان ۽ اهنسا جو پرچارڪ هو.
سندس جنم 2 آڪٽوبر 1869 ۾ ٿيو. ڪاٺياواڙي راجڪوٽ رياست جو شهر پوربندر سندس جنم ڀومي آهي. موهن داس يعني غلام ڪرشن جي باري ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندس وڏا اصل ۾ [[ننگر پارڪر]] کان 12 ميل پري پاري نگر جا رهواسي هئا. هن انگلينڊ مان 1891ع ۾ بئريسٽري پاس ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. هن اُتي مئي 1894ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي شاخ قائم ڪئي.
 
سِٽَ 5:
 
{{مبسس4}}آخر 8 آگسٽ 1940ع تي ڪانگريس کان ”هندستان خالي ڪريو“ جو ٺهراءَ پاس ڪرائي سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرايائين. انگريز سرڪار ڪانگريس کي غيرقانوني جماعت قرار ڏيئي لکين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان وقت [[مسلم ليگ]] ۽ ڪانگريس وچ ۾ وڇوٽين جي ڪري ٻن الڳ ملڪن جي ورهاست لاءِ ماحول سازگار هو جڏهن ته گانڌي اهڙي ورهاڱي جي سخت خلاف هو. نيٺ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ ٿي آيو جنهن هندستان کي ورهائي [[پاڪستان]] ۽ هندستان طور ٻن الڳ ملڪن جو بنياد وڌو. ان ئي عرصي ۾ مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ سخت خون ريزي ٿيندي رهي، گانڌي سمجهوتي لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ايتري قدر جو هندن جي ڪٽر فرقي پرست جماعت جي هڪ فرد گاڊسي کيس 30 جنوري 1948ع تي صبح جي وقت پستول سان فائر ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. اڄ به ڪروڙين ماڻهو سندس مداح آهن تاريخ جو هي يگانو فرد آهي جنهن اهنسا جي پرچار ۾ حياتي گذاري پر نيٺ سندس موت هڪ هنساوادي هٿان ٿيو.
 
{{مبسس5}}حوالا<hr>
<br>{{مبسس4}}* جديد سياست جا نورتن، ليکڪ سائين جي ايم سيد
<br>* گانڌي، ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي