انسان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 88:
بهرحال، هاڻ بحث جو هڪ رخ اهو آهي ته هاڻوڪي ماڻهوءَ، جنهن جو -جنم- آفريڪا ۾ ٿيو، هوريان هوريان سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو ۽ اڳوڻي ماڻهوءَ جي جاءِ وٺي ڇڏيائين. بحث جو ٻيو رخ اهو آهي ته هر هنڌ مقامي -انسان- پنهنجي ليکي جدا جدا ارتقا ڪئي آهي ۽ پوءِ هڪٻئي سان ميل ميلاپ سبب ويجهو ٿيو آهي. انهن ٻنهي بحثن کي ڪجهه هن ريت به ملايو ٿو وڃي ته جديد ماڻهوءَ جي نسلي ارتقا ته آفريڪا ۾ ٿي، پر جڏهن اهو نسل سڄي دنيا ۾ پکڙيو ته -ان- مقامي ماڻهن سان نسلي ميلاپ ڪيو، جنهن سان هاڻوڪا نسل پڌرا ٿيا آهن.
سائنسي بنيادن تي جڏهن ”نسل“ جي وصف بيان ڪبي ته ائين چئبو ته هڪ اهڙي آبادي جنهن جي جينياتي خاصيت ساڳي هجي، ۽ ٻين کان مختلف هجي، پر هاڻي ايئن ڪونه رهيو آهي. -ان- بنياد تي ڪجهه سائنسدان ته ايئن به چون ٿا ته دنيا ۾ سڀ -انسان- هڪ ٻئي کان مختلف آهن. -ان- ڪري اهو چوڻ ته سڀ -انسان- برابر آهن، درست نه آهي. اها -تشريح- سائنسي طور تي ڀلي ته وزن رکندي هجي پر ثقافتي ۽ سچي انساني جذبي جي وڏي توهين آهي ۽ اها ورڇ ڪوڙي نسل پرستي آهي، جنهن کي گوري چمڙيءَ وارن پنهنجي نسلي برتريءَ لاءِ دليل طور استعمال ڪيو آهي.
حياتيات جي اصولن جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته خود انهن دليلن جي نفي ٿيندي نظر اچي ٿي. -انسان- جي رنگ جي تبديلي جسم جي جيوگهرڙن تي اُس جو اثر آهي، جنهن سبب جسم ۾ ڪي خاص مادا متحرڪ ٿي ماحول موجب چمڙيءَ جي رنگت يا يا ڪم بدلائين ٿا. اهڙيءَ طرح قد ڪاٺ جو فرق به آهي، جنهن جا سڀ تفصيل چڱيءَ طرح سامهون نه آيا آهن.<ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Homo_sapiensHuman</ref><ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D8%B3%D8%A7%D9%86</ref>