اياز جاني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اياز جاني جو پورو نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ. 4 آڪٽوبر 1967 تي ڳوٺ خير محمد آريجا لاڙڪاڻي ۾ پي...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
اياز جاني جو پورو نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ. 4 آڪٽوبر 1967 تي ڳوٺ خير محمد آريجا لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم ڪوٽڙي، باڊهه ۽ نئوديرو مان ورتي.
== تعليم ==
1982ع ۾ مئٽرڪ نئون ديرو هاءِ اسڪول مان ڪئي. 1984 ۾ انٽر سائنس ڊگري ڪاليج رتوديرو مان، جڏهن ته گريجوئيشن 1986 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. 1988 ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. ادب ۾ 1980 ڌاري پروانو سيوهاڻي جي رسالي ”سرهاڻ ۽ ”گل ڦل“ ۾ لکڻ سان پير پاتو.
== روزگار ==
اياز جاني شروع ۾ ٽيليفون کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ گلشن حديد ڪراچي ۾ وڃي مستقل طور رهائش پذير ٿيو. 2 سال اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار ٿيو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار طور مقرر ٿيو. اياز جاني 1984ع ۾ نئون ديرو ۾ منٺار سولنگي ۽ زاهد مهراڻويءَ سان گڏجي ”ٻارن جي دنيا سنگت“ نالي هڪ تنظيم جو بنياد وڌو، اياز جاني آثم ادبي سنگت نئون ديرو، گھايل ادبي سنگت نئون ديرو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو سان 1986ع تائين واڳيل رهيو ۽ ان جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ ٿيو.
== ادبي خدمتون ==
اياز جاني سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۽ گلشن حديد شاخ سان مختلف حيثيتن ۾ لاڳاپيل رهيو. جاني جديد سنڌي غزل ۽ وائيءَ جو نهايت ئي برجستو شاعر هيو. غزل ۽ وائي سندس سڃاڻپ جا خاص حوالا هئا. ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ اياز جاني جي شاعري تي شيخ اياز پڻ لکيو هو ۽ سندس شعر مثال طور ڏنا هئا هي اهو اياز جاني هو جنهن شيخ اياز جھڙي شاعر کي به متاثر ڪيو. تازو ئي سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”دراوڙ دل جي تنهائي“ ڇپجي پڌرو ٿيو جنهن جي مهورت آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي ادب شعبي پاران ڪرائي وئي ان پروگرام ۾ سموري سنڌ مان اياز جاني سان پيار ڪندڙ اديب شريڪ ٿيا. اياز جاني جي ادبي ڪم تي ڳالهائڻ لاءِ ته تفصيلي طور لکڻ جي ضرورت آهي ڇالاءِ ته هن سموري حياتي ادب کي ارپي ڇڏي هئي سندس لکيل گيت، غزل ۽ وايون ڌرتيءَ ڌڻين جي دکن دردن جون ترجمان به آهن ته سندس لفظ هن جي وجود جي پيڙائن جو اظهار پڻ.
اياز جاني ماهوار “سارس“، ماهوار ”لهرون“ ۽ ماهوار ”همرچو“ ادبي رسالن سان پڻ واڳيل رهيو. هو شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ريسرچ آفسير طور به ڪم ڪندو رهيو. کيس ”قلندر شهباز بهترين شاعر“ ايوارڊ 2011 ۾ مليو، سندس جيون ساٿياڻي ساجده انصاري، اولاد ۾ ڇهه پٽ ۽ هڪ نياڻي، ترتيبوار منصور علي، سرمد اياز، برکا اياز، ذوالفقار علي، حسين اياز، علي عباس ۽ علي قاسم شامل آهن.