امام ترمذي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: امام -ترمذي- (محدث ):206هه/821ع ۾ ايران جي ’بوغ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. محدث -امام- ترمذيءَ جو نالو فقہ ج...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 11:36, 31 مَئي 2016ع

امام -ترمذي- (محدث ):206هه/821ع ۾ ايران جي ’بوغ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. محدث -امام- ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو اصل نالو محمد -بن- عيسيٰ -بن- سوده -بن- موسيٰ -بن- ضحاڪ هو ۽ سندس ڪنيت ابوعيسيٰ هئي. -ترمذ- ۾ رهائش سبب -ترمذي- مشهور ٿيو. امام -ترمذي-، -امام- بخاريءَ جو شاگرد هو. بعد ۾ -امام- مسلم، -امام- ابودائود ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن کان علمي استفادو حاصل ڪيائين. حديث جي طلب ۾ ڪيترن ئي علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين ۽ حديثن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيائين، جيڪو ”جامع ترمذيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ حديث جي ڇهن مستند ڪتابن: ”صحاح سته“ ۾ شامل آهي. جامع ترمذيءَ کان علاوه هن ”شمائل -ترمذي-“ به لکيو. ”جامع ترمذيءَ“ جون 17 شرحون آهن ۽ ”شمائل -ترمذي-“ جون 14 يا 15 شرحون آهن. امام ترمذيءَ جي -باري- ۾ اها به روايت آهي ته پاڻ پيدائشي نابين هو. ٻيءَ روايت موجب، خدا جي خوف جي ڪري مسلسل روئڻ سبب نابين ٿي ويو هو. 17 رجب 279هه/13 -آڪٽوبر- 892ع تي وفات ڪيائين.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%85%D8%A7%D9%85%20%D8%AA%D8%B1%D9%85%D8%B0%D9%8A