اسماعيل عليہ السلام: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
مسلمانن جي عقيدي موجب، اسماعيل، [[الله]] جو ھڪ نبي ھو.
 
==تفصيل==
 
حضرت اسماعيل -الله- پاڪ جو پيغمبر، حضرت ابراهيم عليه السلام جو فرزند، اڪبر ۽ بنو قريش خاندان جو پڙ ڏاڏو هو. پاڻ 2248 ق. م ڌاري پيدا ٿيو. سندس لقب ”ذبيح -الله-“ هو. بائيبل جي بيان موجب پاڻ -ان- وقت پيدا ٿيو، جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام جي عمر 86 ورهيه هئي ۽ -ان- کي عنعان ۾ پهچندي يارهن سال گذري ويا هئا. پاڻ 13 ورهين جو هو ته بيبي ساره کي حضرت -اسحاق عليه السلام- پيدا ٿيو. حضرت ساره ۽ حضرت هاجره جي اختلافن جي ڪري حضرت ابراهيم بيبي هاجره ۽ حضرت اسماعيل کي وٺي اتي پهتو، -جتي- هن وقت مڪي جو شهر آهي. -ان- وقت حضرت اسماعيل اڃان کير پياڪ هو، جڏهن پنهنجي والده سان گڏ حضرت ابراهيم ڇڏي ويو. ذبح جو واقعو -ان- کان پوءِ جو آهي. پاڻ اڃا ننڍو ئي هو جو حضرت ابراهيم عليه السلام کي فرزند جي قربانيءَ جو حڪم مليو، -ان- بعد حضرت اسماعيل کان راءِ پڇي وئي، پاڻ -الله- تعاليٰ جي رضامنديءَ جو احترام ڪندي، پنهنجي والد محترم کي چيائون ته ائين ئي ڪيو جيئن -الله- تعاليٰ جي رضا آهي. پوءِ حضرت ابراهيم -اکيون- -ٻڌي- حضرت اسماعيل کي ذبح پئي ڪيو ته -الله- تعاليٰ جي طرفان -جبرئيل- عليه السّلام حضرت اسماعيل جي جاءِ تي گھيٽو پيش ڪيو ۽ اهو ذبح ٿيو. -الله- تعاليٰ کي سندس اها قرباني قبول پئي. انهيءَ ڪري ئي حضرت اسماعيل ”ذبيح -الله-“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. کين حضرت ابراهيم عليه السّلام کانپوءِ نبوت ملي، 137 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون. کين ٻارهن پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. پاڻ واپار به ڪندو هو. کين پنهنجي والده ماجده جي مزار جي ويجھو دفن ڪيو ويو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B3%D9%85%D8%A7%D8%B9%D9%8A%D9%84%20%D8%B9%D9%84%D9%8A%D9%87%20%D8%A7%D9%84%D8%B3%D9%84%D8%A7%D9%85</ref>
{{ڪچو}}
==حوالا==
[[زمرو:اسلام]]