ارجن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: راجا پانڊَو جو ٽيون نمبر پُٽ، جيڪو راڻيءَ ڪُنتيءَ (ماتا ڪنتي) جي پيٽ مان پيدا ٿيو. هن لڙائيءَ جي تر...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
راجا پانڊَو جو ٽيون نمبر پُٽ، جيڪو راڻيءَ ڪُنتيءَ (ماتا ڪنتي) جي پيٽ مان پيدا ٿيو. هن لڙائيءَ جي تربيت دروڻ -آچاريه- کان حاصل ڪئي ۽ تيراندازيءَ ۾ پڻ خاص مهارت حاصل ڪيائين، انهيءَ ڪري سؤيمبر ۾ دروپدي کٽيائين. جُوئا ۾ دروپديءَ کي هارائڻ جي نتيجي ۾ پانڊون کي ٻارهن سال بنواس ڀوڳڻو پيو ته -ارجن- سمورو وقت ڀائرن سان گڏ رهيو. تيرهين سال ۾ ڪورون ۽ پانڊون جي وچ ۾ -جنگ- لڳي. -ان- -جنگ- کي ”مهاڀارت“ چون ٿا، جيڪا ڪرو کيتر جي ميدان ۾ لڳي، اڳي شري ڪرشن مهراج پانڊون جي مدد ۾ آيو. انهيءَ -جنگ- ۾ -ارجن- پنهنجن سڀني مٽن مائٽن ۽ سؤٽن کي پنهنجي مقابلي ۾ ڏسي، -جنگ- مان هٿ ڪڍڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪرشن مهراج جي نصيحتن (جيڪي [[شريمد ڀڳؤت- گيتا|ڀڳوت گيتا]] جو حصو آهن)، کيس لڙائيءَ تي آماده ڪيو. هن لڙائيءَ ۾ ڪورون جا وڏا طرفدار ڀيم، جئدرٿ ۽ ڪَرَن مارجي ويا ۽ پانڊون کي فتح حاصل ٿي. -ان- کان پوءِ به -ارجن- ڪيتريون ئي لڙايون ڪري، پنهنجيءَ حڪومت کي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ دکن تائين وڌايو. عمر جي پوئين حصي ۾ هماليه جي جهنگلن ۾ هليو ويو ۽ اتي ئي گذاري ويو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B1%D8%AC%D9%86</ref>