ادريس عليہ السلام: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م محمد مجیب moved page ادريس to ادريس عليہ السلام
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
حضرت '''ادريس''' [[الله]] جو ٽيون نبي ھيو. جنھن اٰل [[قابيل]] سان جھنگ ڪئي ھئي.
==احوال==
حضرت -ادريس عليه السلام-، -الله- تعاليٰ جو پيغمبر هو. پاڻ انيف (مصر) ۾ پيدا ٿيو. عرب جا ماڻهو کيس هرمس، ادريس ۽ مثلث بالمغمه جي نالن سان سڏيندا آهن. پاڻ 105 سال نبوت جا فرض ادا ڪيائون ۽ عام ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ -الله- جو پيغام پهچائيندا رهيا، مٿن ٽيهه صحيفا نازل ٿيا. 65 سالن جي عمر ۾ بروفا نالي هڪ نيڪ خاتون سان شادي ڪيائون، جنهن مان کيس هڪ فرزند متوشلح پيدا ٿيو. قرآن پاڪ ۾ ٻه دفعا سندن ذڪر آيو آهي. پهرين سورة مريم ۾، -جتي- ٻين نبين سڳورن جو ذڪر ڪندي 56 -آيت- ۾ فرمايو ويو آهي ته: ”اي نبي، پاڪ ڪتاب ۾ -ادريس عليه السلام- جو ذڪر ڪر، هو راست بازي جو پيڪر ۽ نبي هو، اسان -ان- کي تمام وڏي مقام تي پهچائي ڇڏيو هو.“ ٻيو سورة الانبياء جي 85 -آيت- ۾ حضرت اسماعيل عليه -اسلام-، حضرت -ادريس عليه السلام- ۽ حضرت ذوالڪفل عليه السلام جو ذڪر آيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ”اهي سڀئي حق جي راهه تي صبر ڪرڻ وارا هئا، اسان انهن کي پنهنجي رحمت جي سايي ۾ کڻي ورتو. هو يقيناً نيڪ ماڻهن مان هئا.“ -انجيل- ۾ به حضرت -ادريس عليه السلام- جو ذڪر موجود آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AF%D8%B1%D9%8A%D8%B3%20%D8%B9%D9%84%D9%8A%D9%87%20%D8%A7%D9%84%D8%B3%D9%84%D8%A7%D9%85</ref>