"ادرڪ" جي ورجائن ۾ تفاوت

٢٬٢١٣ بائيٽون واڌ ،  ٥ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل ايپ سنوار
ٽيگَ: موبائل ايپ سنوار
[[عڪس:Koeh-146-no_text.jpg|thumb|ادرڪ جو ٻوٽو]]
'''ادرڪ'''(Ginger) زنجبيل جي ٻوٽي جو پاڙ نما ٿڙ(rhizome) آهي، جيڪو دوا، [[مصالحو|مصالحي]] ۽ خوارڪ جي سجاوٽ جي طور لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.
 
==تفصيل==
ھي ھڪ قسم جو وکر آھي، جيڪو اصل ۾ ٻوٽي جي پاڙ آهي. هيءَ هيڊ جي ڳڙين وانگر ڳنڍين واري ٿئي ٿي. سُڪل ادرڪ کي ”سُنڍ“ چئبو آهي. اُن جي کل ميراڻ تي مائل، خاڪي رنگ جي ٿئي ٿي. ان جو ذائقو تيز ٿيندو آهي. طعام رڌڻ ۾ مصالحي طور ڪم اچي ٿي.
 
==استعمال==
عام طور ادرڪ گرم خشڪ آهي، جنهن کي سياري جي موسم ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. هن کي گهريلو ٽوٽڪن ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. معدي جي ڪمزوري ۽ بلغم جي گهڻائيءَ ۾ هيءَ تمام گهڻي فائديمند آهي. بادي ۽ بلغم لاءِ ته هن کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو به گهڻي مقدار ۾ واپرائيندا آهن. سياري ۾ ڪي ماڻهو هن جي چٽڻي ٺاهيندا آهن، ڪي سانڌاڻو ٺاهيندا آهن ته ڪي وري هن کي تري کاڌي طور استعمال ڪندا آهن.
 
==طبي فائدا==
ادرڪ نه رڳو سانڌاڻي ۽ ٻوڙ جي ذائقي لاءِ استعمال ڪبي آهي، پر هيءَ تمام گهڻن مرضن جي نجات لاءِ وڏي فائدي واري آهي. حڪيمن مطابق ادرڪ فالج، لقوه، بلغم، کنگهه، دم، نزلي ۽ زڪام لاءِ ته هڪ ٽِڪ آهي. باديءَ وارين ڀاڄين ۾ ادرڪ ملائڻ مفيد آهي. ادرڪ بک وڌائي ٿي ۽ رت کي صاف ڪري ٿي. هن جي تمام گهڻي استعمال سان هاضمي جي خرابي ٿيندي، سيني ۾ ساڙو ٿيندو، تيزابيت وڌندي، پيشاب ڳاڙهي رنگ جو ۽ ساڙو ڪندڙ ايندو، تنهن ڪري هن جو استعمال متوازن ڪرڻ گهرجي. [[فارسي ٻولي|فارسي]] ۽ عربيءَ ٻولين ۾ هن ٻوٽي کي ”زنجبيل“ يا .زنگبيل“ چون ٿا.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AF%D8%B1%DA%AA</ref><ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Ginger</ref>
==حوالا==
[[زمرو:مصالحا]]
 
==تفصيل==