آدم جي چوٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سِٽَ 1:
[[عڪس:Sri Pada 04.jpg|thumbnail]]
'''آدم جي چوٽي''' (Adam’s Peak ) [[سريلنڪا]] ۾ هڪ [[جبل]] جي چوٽيءَ جو نالو آهي، اُها [[ڪولمبو]] کان پنجيتاليهه ميل ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. انهيءَ چوٽيءَ جي بلندي 7360 فوٽ آهي. ان چوٽيءَ تي 24x74 فوٽ هموار پوٺو آهي. هن چوٽيءَ تي هڪ هموار ٽڪرو آهي، جنهن تي 5.4 فوٽ ڊگهو ۽ 2.6فوٽ ويڪرو هڪ انساني پير جو نشان موجود آهي، جنهن بابت مسلمانن جو خيال آهي ته اهو پير جو نشان [[آدم عليہ السلام|حضرت آدم عليه السلام]] جو آهي ۽ اهو به چون ٿا ته زمين تي حضرت آدم جو اهو پهريون قدم آهي، جڏهن ته ٻڌ ڌرم وارن جو چوڻ آهي ته اهو نشان گوتم ٻڌ جي پير جو آهي. هندن جي چوڻ موجب اهو شِواجيءَ جي پير جو نشان آهي. مسلمانن جو چوڻ آهي ته حضرت آدم کي [[جنت]] مان نيڪالي ملڻ بعد انهيءَ هنڌ تي لاٿو ويو هو. بهرحال هن وڏي زيارتگاهه ۾ ڪنهن تي به ڪا پابندي نه آهي. <ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AF%D9%85%20%D8%AC%D9%8A%20%DA%86%D9%88%D9%BD%D9%8A</ref>
{{حوالا}}
[[زمرو:قديم آثار]]