ابراهيم بن اڌم بلخي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: هڪ مسلمان صوفي، جيڪو -بلخ- جي اميرزادن مان هو، پر ڪن روايتن مطابق پاڻ -بلخ- جو حاڪم هو. جڏهن طبيعت ز...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 11:48, 25 اپريل 2016ع

هڪ مسلمان صوفي، جيڪو -بلخ- جي اميرزادن مان هو، پر ڪن روايتن مطابق پاڻ -بلخ- جو حاڪم هو. جڏهن طبيعت زهد ۽ فقر طرف لاڙو ڪيس ته سڀ ڪجهه ڇڏي، دنيا کان الڳ ٿي ويو. اوني ڪپڙو پائيندو هو، جيڪو صوفين جو شعار آهي. سڄو وقت عبادت الاهيءَ، رياضت ۽ سياحت ۾ گذاريائين. هن سفيان ثوريءَ ۽ فضيل -بن- عياض کان فيض حاصل ڪيو ۽ -تصوف- ۾ هڪ وڏو رتبو حاصل ڪيائين. هي -تصوف- ۾ -ان- مقام تي وڃي پهتو، -جتي- اڪثر وڏا وڏا صوفي شاعر کيس ڏسي رشڪ ڪندا هئا. ابراهيم -بن- اڌم مڪي شريف ۾ ڄائو، -تعليم- به اتي حاصل ڪيائين. سندس قول اڄ به مشهور آهن، جيئن ته هڪ مجلس ۾ ماڻهن هن کان پڇيو ته ”ڪهڙو سبب آهي، جو -الله- تعاليٰ اسان جون دعائون قبول نٿو فرمائي“، جنهن تي پاڻ جواب ڏنائين، ته ”-الله- تعاليٰ کي ڄاڻڻ باوجود سندس اطاعت نٿا ڪريون. رسول -الله- کي سڃاڻڻ باوجود -ان- جي پيروي نٿا ڪريون. قرآن شريف کي پڙهون ٿا، پر -ان- تي عمل نٿا ڪريون. -الله- تعاليٰ جون نعمتون ته حاصل ڪريون ٿا، پر سندس شڪر ادا نٿا ڪريون. خبر به اٿئون ته دوزخ گناهگارن لاءِ آهي، پر -ان- کان ڊڄون نٿا. شيطان کي دشمن ٿا سمجهون، پر -ان- کان ڀڄون نٿا. عزيزن ۽ قريبن کي هٿ سان ٿا دفن ڪريون، مگر -ان- مان عبرت نٿا حاصل ڪريون. اهڙي صورت ۾ ڪنهن جي دعا ڪيئن قبوليت حاصل ڪندي.“ سندس -جنم- جو سال 783ع آهي ۽ سنه 894ع ۾ وفات ڪيائين. هن بزرگ جي سنڌ ۾ آمد بابت ڪجهه روايتون آهن. ’اروڙ‘ سلسلي جي ٽڪرين ۾ خيرپور ضلعي، تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ڳوٺ راڄپاريءَ ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي، سندس نالي سان هڪ آستانو ۽ روضو موجود آهي. -جتي- ”ابراهيم -بن- اڌم“ جو ميلو 13 رمضان تي لڳندو آهي. ابراهيم اڌم واري ٽڪريءَ جي ڀر ۾ واقع هڪ ٻي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قبر وانگر پٿرن جو هڪ ڍڳ آهي. جيڪو اولهه -اوڀر- رخ ۾ آهي. -ان- قبر کان سواءِ هتي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي. هن قبر بابت مقامي ماڻهن جي روايت آهي ته اهو ابراهيم اڌم سلطان جو پهريون آستانو آهي، -جتي- هن ٻه ٽي سال قيام ڪيو. ٽڪريءَ کان -اوڀر- وارو علائقو ڪنهن وقت ۾ درياهه جو وهڪرو هو. پير مشائخ جي درگاهه هتان -اوڀر- ۾ ڪجهه فاصلي تي آهي، -جتي- درياهه جو پراڻو وهڪرو آهي. روايتن موجب هن علائقي ۾ سلطان ابراهيم اڌم ڪل 12 سال قيام ڪيو.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D8%B1%D8%A7%D9%87%D9%8A%D9%85%20%D8%A8%D9%86%20%D8%A7%DA%8C%D9%85%20%D8%A8%D9%84%D8%AE%D9%8A