ڪمپيوٽر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 167:
هي پرنٽرز ڪريڪٽرن يا نشانين/گرافڪس وغيره کي اليڪٽريڪلي چارج ٿيل مس جي تمام ننڍڙن ڦڙن جي وهڪري وسيلي ڪاغذ وغيره تي پرنٽ ڪندا آهن. مس جي انهن ننڍڙن ڦڙن جي چرپر بجليءَ جي اوزار وسيلي ڪنٽرول ٿيندي رهندي آهي. ياد رهي ته هي به نان امپيڪٽ پرنٽر آهي.
 
======= iii.ٿرمل پرنٽرس: =======
هن پرنٽر جي ڪم ڪرڻ جو طريقو به بلڪل انڪ جيٽ پرنٽر جهڙو آهي، يعني مس جي سنهڙن ڦڙن ذريعي پرنٽ ڪرڻ، فرق صرف ايترو آهي ته هن پرنٽر ۾ استعمال ٿيندڙ مس جا سنهڙا ڦڙا مس کي گرم ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيندا آهن.
 
===== 3. اسپيڪرس: =====
هيءَ اهڙي آئوٽ پٽ ڊوائيز آهي جنهن وسيلي اسان ڪمپيوٽر ذريعي آواز ٻڌي سگھون ٿا، فلم ۽ گانا وغيره/ڏسي ٻڌي سگهون ٿا، مختلف گيمز مان لطف اندوز ٿي سگھون ٿا. هاڻي اهو پڻ ممڪن آهي ته اسان ڪمپيوٽر ذريعي مائيڪ تي ڪجھه ڳالهايون ۽ اهو ان وقت ئي لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌي سگھجي، يعني اسان ڪمپيوٽر جي سائونڊ سسٽم ذريعي تقرير، پريزنٽيشن وغيره به ڏئي سگھون ٿا.