ڪمپيوٽر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 28:
هن عرصي ۾ ٺهيل ڪمپيوٽر ٻئين نسل جا ڪمپيوٽر چورائيندا آهن. هي پهرين نسل جي ڪمپيوٽرن جي نسبت ڪجھه بهتر ثابت ٿيا، هنن جو بنياد ڪنڊڪٽرز ۽ ٽرانسسٽرز تي رکيو ويو، ۽ ان کان علاوه هي پهرين نسل جي ڪمپيوٽرن جي مقابلي ۾ سائيز ۾ ڪجھه ننڍا به هيا. ۽ هنن ۾ ويڪيوم ٽيوب جو استعمال نه ڪيو ويو هيو، جنهن سبب هي حرارت به گھٽ خارج ڪندا هيا، ۽ انهن جي ميموريءَ ۾ ڪور (ڪور جا هم معنى لفظ: non-volatile يا permanent يعني مستقل. ڪور معنى ڊيٽا کي مقناطيسي magnetic طريقي سان مستقل طور تي محفوظ ڪرڻ جو طريقو يا انگريزيءَ ۾ ان کي هيئن چئبو Core: non-volatile magnetic storage method used in old computers ) مطلب ته انهن جي ميمريءَ ۾ ڪور استعمال ڪرڻ جي ڪري انهن جي ڪم جي صلاحيت ڪافي وڌي وئي هئي. هنن ڪمپيوٽرن جي ڪم ڪرڻ جي رفتار مائڪرو سيڪنڊن (micro seconds) يعني سيڪنڊ جو ڏهه لکون حصو (one millionth of second) جي رينج ۾ هئي. ۽ ياد رهي ته هي ٻئين نسل جا ڪمپيوٽر اليڪٽرانڪ ڪمپيوٽر هيا.
 
==== (اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ۾ فرق: ====
هي ٻئي اصطلاح بجليءَ تي هلندڙ شين لاءِ ئي استعمال ٿيندا آهن. فرق صرف ايترو هوندو آهي ته ”اليڪٽرانڪس“ جي شين ۾ اهڙا پرزا لڳل هوندا آهن جيڪي بجليءَ کي ضرورت مطابق گھٽ وڌ ڪندا رهندا آهن. جهڙوڪ: پکو، استري، آئرن، موٽر، بلب وغيره اهي سڀ شيون ”اليڪٽرڪ“ آهن، ڇو ته عام طور انهن ۾ بجليءَ کي گھٽائڻ وڌائڻ لاءِ ڪي به پرزا استعمال ٿيل نه هوندا آهن. بجلي صرف انهن ۾ موجود تارن وغيره مان گذرندي آهي ته اها شي پنهنجو ڪم ڪندي آهي. پر ”اليڪٽرانڪ“ شين جو بهترين مثال هڪ ٽيسٽر آهي جيڪو اسان بجليءَ جي ڪرنٽ ڏسڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون. توهان سوچيو ته جيڪڏهن توهان ڪا سنهي کان سنهي ڌاتوءَ جي تار کڻي بجليءِ جي تار کي ڇهو ته توهان کي زوردار ڪرنٽ لڳي سگھي ٿو. پر ٽيسٽر کي اسان بي خوف ٿي بجليءَ جي تارن سان ڇو لڳائيندا آهيون، يا ان سان اسان کي ڪرنٽ ڇو ڪونه لڳندو آهي. ان جو ڪارڻ دراصل هي آهي ته ان اندر اليڪٽرانڪ جو ننڍڙو آلو ڊائيوڊ وغيره لڳل هوندو آهي، جيڪو بجليءَ جي زور کي ضرورت مطابق ايترو گھٽ ڪري ڇڏيندو آهي جو اها انساني جسم تي ڪو خاص اثر نه ڪندي آهي پر ان ۾ ايتري طاقت ضرور هوندي آهي جو نتيجي ۾ ٽيسٽر ۾ لڳل بلب کي ٻاري سگھي، اهڙي ريت ٽي وي، ريڊيو، ڪمپيوٽر وغيره اليڪٽرانڪ ڊوائيسز آهن ڇو ته انهن ۾ اليڪٽرانڪ پرزا جهڙوڪ ڊائيوڊس، ٽرانزسٽرس، چپس ۽ سرڪٽس وغيره لڳل هوندا آهن، جيڪي بجليءَ کي ضرورت مطابق ٻين پرزن تائين گھٽائي وڌائي پيش ڪندا آهن. هاڻي توهان سمجھي ويا هوندا ته ”اليڪٽرڪ“ ۽ ”اليڪٽرانڪ“ شين ۾ ڪهڙو فرق آهي). ها ته ڳالهه ڪري رهيا هيا سين ته پهرين دور جا ڪمپيوٽر اليڪٽرو مڪينيڪل ڪمپيوٽر هيا، جڏهن ته ٻئين دور کان وٺي هن وقت تائين هلندڙ ڪمپيوٽر اليڪٽرانڪ ڪمپيوٽر آهن.