آگرو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: آگرو شهر الهندي -اتر- پرديش (ڀارت) ، درياءِ جمنا جي ڪناري تي -آباد- آهي. هن شهر جو بنياد سڪندر لوڌيءَ...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سِٽَ 1:
[[File: Taj Mahal in India.jpg|thumb|آگري ۾ تاج محل]]
آگرو شهر الهندي -اتر- پرديش (ڀارت) ، درياءِ جمنا جي ڪناري تي -آباد- آهي. هن شهر جو بنياد سڪندر لوڌيءَ وڌو هو، ڇو ته -ان- کي آگري کي وچ هند جو مرڪز بنائي اڳتي وڌڻو هو. پوءِ -اڪبر بادشاهه- 1566ع ۾ آگري کي مغل سلطنت جي دارالحڪومت جي حيثيت سان منتخب ڪيو. يقيناً -ان- ڪري جو هن جون نظرون مالوي، راجپوتانا، گجرات ۽ دکن تي ڄميل هيون. پوءِ هو سيڪري ۾ سليم چشتي رحه جو گهڻو معتقد ٿي ويو. سليم چشتي رحه کان اولاد نرينه جي دعا ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن پٽ جي ولادت جو وقت ويجهو آيو ته ديري لاءِ شيخ سليم چشتيءَ جي درگاهه وٽ محل جو انتظام ڪيو. شهزادو سليم اتي پيدا ٿيو. هن هنڌ کي اڪبر بابرڪت سمجهي سيڪري وٽ فتح پور جي نالي سان نئون دارالحڪومت -ان- ميدان تي قائم ڪيو، -جتي- بابر راڻي سنگا تي فتح حاصل ڪئي. فتح پور سيڪري آگري کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ميلن جي فاصلي تي الهندي پاسي واقع آهي. ڪجهه وقت دهلي ۽ -آگرو- ٻئي گڏجي دارالحڪومت رهيا، جڏهن شاهجهان دهليءَ ۾ لال قلعو ۽ ٻيون عمارتون تعمير ڪرائي نئون شهر ”شاهه جهان -آباد-“ جي نالي سان -آباد- ڪيو ته آگري جي اهميت گهٽجي وئي پر آگري شهر جي شاهي عمارتنجو جواب نه آهي. مثلن -تاج محل-، قلعو، موتي مسجد، -جامع مسجد-، اڪبر جو مقبرو (سڪندره نزد -آگرو-) وغيره، -آگرو- اهم ريلوي جنڪشن پڻ آهي. ”آگره يونيورسٽي“ علمي مرڪز جي حيثيت سان مشهور آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%DA%AF%D8%B1%D9%88</ref>
{{حوالا}}