سقراط: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Removing "Socrates.jpg", it has been deleted from Commons by JuTa because: No source since 13 March 2016.
سِٽَ 1:
سقراط سنگ تراش سوفرونڪس ۽ دائيءَ فيتيريتي جو پٽ هو. جنهن ايٿينز جي رواج جي ابتڙ پيءُ جي ڌنڌي ڪرڻ کان نابري واري، ۽ سچ جو مبلغ ٿيو. هو اڄ کان چويهه سو سال اڳ جي ايٿينز، [[يونان]] جو رهواسي هو. جڏهن [[سائنس]]، ڊرامي ۽ شاعري ۾ [[هومر]]، [[فيثاغورث]]، پنڊار، سوفوڪليز، ليان، هيسئڊ، [[جارجيس]]، يوريپڊيز، ايمپي ڊوڪليز، انڪثا غورث، ارسٽو فينز ۽ ايگاٿن وغيره پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. سقراط انهن مان ڪيترو لاڀ پرايو سا ڳالهه [[افلاطون]] جي سقراط سان منسوب ڪيل مڪالمن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
 
[[عڪس:Socrates.jpg|frame|{{مبسس4}}سقراط، جنهن کي ستر سالن جي عمر ۾ موت جي سزا ڏني وئي ۽ هن زهر جو پيالو پيتو]]
 
سقراط [[خيال پرست]] فلسفي هو. هو هڪ طرح [[توحيد]] جو قائل هو، سندس چوڻ هو ته سڀ ديوتا نيڪي جا خواهان آهن. سقراط کي خبر هئي ته قديم شاعرن جي شاعري يونان ۾ مقدس ليکي وڃِي ٿي پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي جڏهن ته ڪريفن جو ڊلفي وارو حوالو به وٽس هو.