آڳاٽو روم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''Bold text''' {{f}} قديم يونان اھڙيءَ ريت يونان جي غلامي ۽ جمھوريت جي دور جي تاريخي رڪارڊ ۾ آھن ھومر جي د...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''Bold text'''
{{f}} قديم يونان
 
 
اھڙيءَ ريت يونان جي غلامي ۽ جمھوريت جي دور جي تاريخي رڪارڊ ۾ آھن ھومر جي دور جي طبقاتي ڍانچي کاب وڏو الڳ ھو. ساحلي علائقن ۾ ھر طرف تجارتي شھر ڦٽي پيا ھئا. ھي سڀ شھر پھريون پھريون زمين جي مالڪن جي ننڍن ننڍن حڪمران طبقن جي اثر ھيٺ ھئا جن سياسي حقن تي قبضو قائم ڪيو. اسين سمجھي سگھون ٿا ته زمين جا مالڪ ئي شھرن جي مرڪزي قلم لکندڙن تي حقيقي قابض رھيا ھوندا. جئين جئين تجارت ارتقا ڪئي ھوندي زمين جا اگھ آسمان تي چڙھي ويا ھوندا. ۽ زمين جي مالڪن پنھنجي پيداواري حيثيت سان منديءَ تي قابو ڪرڻ جي قابل رھيا ھوندا. پڪ سان انھن پنھنجي مٿانھين حيثيت کي چؤڌاري رھڻ وارين غريب شھرين جي وچ اوڌر ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ھوندو. ۽ گھڻن کي قرض جي بار ھيٺئون دٻيو ويو ھوندو. (ھونئن ھي مسئلو اڃان تحقيق جوڳو آھي، انڪري ڳوٺاڻا ماڻھو پنھنجي زمينن کي گروي رکندا ھئا يا ته پنھنجو پاڻ کي).
جئين جئين تجارت جو ارتقا ٿيو، تاجر ۽ دستڪار طبقه اھميت پڪڙيندا ويا، ۽ ان سان گڏوگڏ غريب ھارين جي سياسي حقن جي لاءِ جدوجھد به مٿي چڙھي. جڏھن ھڪ دفعو طبقاتي معاشرن پنھنجا پير ڄمايا، ته انھن آباديءَ جي وڏي حصي ۾ ويڙھ ۽ جنگ ذريعي پير ڦھلائڻ شروع ڪري ڇڏيا. ھر ڪوئي ان تاڪ ۾ ھو تي وڌيڪ پيداوار جو ڪوئي حصو جھپٽي سگھي. يونان ۽ روم جون سڀ شھري رياستون انھيءَ ئي ھڪ اصول ھيٺ قائم ھيون. جملي شھري رياست (يوناني زبان ۾ پوليس) (polis) ھر ٻي شھري رياست خلاف گڏ ھئي، پر پاڻ انتشار جو شڪار. ھڪ پاسي ته طبقاتي لڪيرن انھن ۾ پھاڙ وجھي ڇڏيا ۽ ٻئي پاسي شھري ۽ غلام ھئڻ جي.