آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: آل -پاڪستان- نيوز پيپرز سوسائٽي:-پاڪستان- جي اخبارن ۽ رسالن جي ملڪ گير تنظيم (APNS) جو بنياد 1958ع ڌاري...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 13:38, 6 فيبروري 2016ع

آل -پاڪستان- نيوز پيپرز سوسائٽي:-پاڪستان- جي اخبارن ۽ رسالن جي ملڪ گير تنظيم (APNS) جو بنياد 1958ع ڌاري پيو. هيءَ تنظيم هڪ طرف ته اخبارن جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪندي آهي ته ٻئي طرف صحافين سان دوستاڻا تعلقات قائم رکڻ کان سواءِ اشتهاري ايجنسين سان ڪاروباري تعلق قائم ڪندي آهي. -ان- کان سواءِ هيءَ تنظيم مختلف موضوعن تي صحافتي اوارڊ ۽ اشتهاري ايجنسين کي تشهيري اوارڊ به ڏيندي آهي. هن تنظيم سان لاڳاپيل روزاني اخبارن، هفتيوار مئگزينن، ماهوار رسالن ۽ ڊائجسٽن جو تعداد 185 کان وڌيڪ آهي. تنظيم پاران منظور ڪيل اشتهاري ايجنسيون 68 آهن. هن تنظيم جو پهريون چونڊيل صدر ”ڊان“ (DAWN) -اخبار- جو اي. جي مرزا هو. -ان- کان پوءِ ساليانين چونڊن ۾ ٿيندڙ صدرن ۾ مير خليل الرحمان، محمود هارون، يوسف هارون، عزيز احمد، قاضي محمد اڪبر، مجيد نظامي، حميد هارون، فصيح اقبال، فرهاد زيدي، مصطفيٰ صادق، مير شڪيل الرحمان، قاضي -اسد- عابد ۽ ٻيا شامل آهن.[1]