آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: آل -پاڪستان- ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس شروع ۾ هڪ ادارو ’-آل -انڊيا- محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس-‘ جي نالي س...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 13:33, 6 فيبروري 2016ع

آل -پاڪستان- ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس شروع ۾ هڪ ادارو ’-آل -انڊيا- محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس-‘ جي نالي سان گڏيل هندستان ۾ سرگرم عمل هو، جنهن جو بنياد سرسيد احمد خان وڌو هو. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ هن اداري جو ناظم سيد الطاف علي بريلوي 1950ع ۾ -پاڪستان- لڏي آيو ۽ 1951ع ۾ ’-پاڪستان- ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس'>-آل -پاڪستان- ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس-‘ جي نالي سان -ان- جو بنياد رکيائين. ابتدا ۾ هن جي آفيس ڪراچيءَ جي صدر علائقي ۾ ميجر شمس الدين جي ڪوٺيءَ جي هڪ ڪمري ۾ هئي، بعد ۾ سنڌ مدرسي جي هڪ ڪمري ۾ ۽ -ان- کان پوءِ مسواڙ تي جاءِ وٺي اداري جو ڪم ڪار هلايو ويندو هو. هينئر اداري جي آفيس ناظم -آباد- (ڪراچيءَ) ۾ پنهنجي هڪ عاليشان عمارت ۾ آهي.
هيءُ ادارو هڪ علمي، تعليمي ۽ ثقافتي ادارو آهي. -پاڪستان- ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ لساني -ترقي-، -اصلاح- ۽ تحفظ هن جا بنيادي مقصد آهن. انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ جيڪي طريقا طئي ڪيا ويا آهن، انهن ۾ -تصنيف- ۽ تاليف، تعليمي ادارن جو قيام، عورتن جي -تعليم- جي -ترقي-، لائق استادن ۽ استادياڻين جي تياري، صحيح قسم جي مذهبي -تعليم- جو پرچار، ابتدائي -تعليم- کي عام، مفت ۽ لازمي ڪرائڻ، -تعليم- ۾ سائنس ۽ صنعت جي مضمونن کي شامل ڪرڻ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فوجي -تعليم- لازمي ڪرائڻ، عربي زبان ۾ -تعليم- جو واڌارو، مرڪزي ڪتب خانو قائم ڪرڻ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ، رسالا -جاري- ڪرڻ، -بالغن جي تعليم-، ۽ ناخواندگيءَ ختم ڪرڻ جون تدبيرون ۽ جسماني تربيت کي نصاب ۾ داخل ڪرائڻ جون ڪوششون شامل آهن.
ڪانفرنس جيتوڻيڪ پنهنجا سڀئي مقصد حاصل نه ڪري سگهي آهي، پر اُن کي سٺي ڪاميابي ضرور حاصل ٿي آهي. اُن جي ’-تصنيف- ۽ تاليف واري اڪيڊميءَ‘ جي ڪارڪردگي بهتر آهي. هيستائين -تعليم-، نفسيات، فلسفي، سائنس، ٻوليءَ، ادب، سيرت، سوانح، -تاريخ-، سماجيات وغيره تي هڪ سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ڪانفرنس جو ٽه ماهي علمي ادبي رسالو ’العلم‘ 1951ع کان مسلسل شايع ٿيندو رهي ٿو. ڪانفرنس جي نظرداريءَ هيٺ علمي ۽ ادبي مجلسون ٿينديون رهن ٿيون. ناظم -آباد- ۾ سر سيد گرلز ڪاليج، هن ’ڪانفرنس‘ جو ڪارنامو آهي.[1]