آل پارٽيز حريت ڪانفرنس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''آل پارٽيز حريت ڪانفرنس''' ڪشمير جي 26 سياسي ، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جو هڪ گڏيل -اتحاد- آهي . حريت ڪان...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 13:30, 6 فيبروري 2016ع

آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ڪشمير جي 26 سياسي ، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جو هڪ گڏيل -اتحاد- آهي . حريت ڪانفرنس جو بنياد 10 مارچ 1993ع تي پيو ، جيئن ته حريت لفظ جي معنيٰ آزادي ( Liberty ) آهي تنهنڪري -ان- -اتحاد- جو مقصد -اقوام متحده- جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ نمبر 47 مطابق ڪشميرين لاءِ حق خود اراديت ( Self determination ) حاصل ڪرڻ آهي . ڪانفرنس جي قيام وقت -ان- جي ميمبرن ۾ ” ڄمون ائنڊ ڪشمير لبريشن فرنٽ “ ( JKPL ) جو رهنما ياسين ملڪ ، ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ليگ ( JKPL ) جو رهنما شيخ يعقوب ، ” پيپلز ڊيموڪرِئٽڪ فرنٽ “ ( PDF ) ” -اتحاد- مسلمين “ جو مولانا عباس -انصاري- ، ” اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ “ ۽ مسلم ڪانفرنس جو پهريون اڳواڻ عبدالغني بَٽ ، مير واعظ عمر فاروق شامل آهن . مير واعظم عمر فاروق بعد ۾ ڄمون ائنڊ ڪشمير عوامي ائڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ ٿيو . انهن سمورن -آل پارٽيز حريت ڪانفرنس- جي قيام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو . 2002ع وارين عام چونڊن کانپوءِ -آل پارٽيز حريت ڪانفرنس- ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي . -ان- جو سبب اهو هو ته حريت جي -آئين- جي ابتڙ ڪجهه اتحادين چونڊن ۾ حصو ورتو . تنهن کانپوءِ هڪ ڌڙي جو اڳواڻ سيد علي شاهه جيلاني ۽ ٻئي ڌڙي جو مير واعظ عمر فاروق ٿيو . عمر فاروق جو پيءُ 90 واري ڏهاڪي ۾ هڪ سياسي سازش تحت قتل ٿيو هو . 2004ع کان وٺي مير واعظ عُمر فاروق ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ڪشمير جي مسئلي جي حوالي سان ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن . جڏهن ته سيد علي شاهه جيلانيءَ واري ڌڙي جو مؤقف آهي ته هندستان حڪومت سان -ان- وقت تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي ، جيستائين اها پنهنجي فوج ڪشمير مان ٻاهر نه ٿي ڪڍي ۽ ڪشمير کي غير تڪراري رياست ( Undisputed territory ) طور قبول نه ٿي ڪري . -جنوري- 2010ع ۾ طبش ڀٽ -آل پارٽيز حريت ڪانفرنس- جو اڳواڻ چونڊيو ويو . موجوده -آل پارٽيز حريت ڪانفرنس- جي ميمبرن ۾:
( 1 ) مير واعظ عمر فاروق ( عوامي ائڪشن ڪميٽي ) ( 2 ) مولانا محمد عباس -انصاري- ( تحاد مسلمين ) ( 3 ) محمد عمر فاروق ( انجمن اوقافِ -جامع مسجد- ) ( 4 ) سـيـد قـاسـم شاهه -بخاري- ( انـجـمـن تـبليغ الا -اسلام- ) ( 5 ) قاضي غلام محمد ( امت اسلامي ) ( 6 ) اشياق قادري ( آل ڄمون ائنڊ ڪشمير امـپـلائـيـز ڪـنـفـيـڊريـشـن ) ( 7 ) مــولانا طـاهـري ( جـمــاعت اَهِــل حــديــث ) ( 8 ) عبدالغني اظهري ( جماعت علماءِ -اسلام- ) ( 9 ) مولانا ايم ياسين همداني ( جماعت همدانيه ) ( 10 ) عبدالغني لون ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ڪانفرنس ) ( 11 ) محمد ياسين ملڪ ( ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ ) ( 12 ) نور الحسن ( ڄمون ائنڊ ڪشمير هيومن رائيٽس ڪميٽي ) ( 13 ) مفتي بهاءُ الدين فاروقي ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز بئس رائيٽس ( پروٽيڪشن ڪـمـيـٽي ) ( 14 ) مولانا محمد عباس -انصاري- ( Liberation council ) ( 15 ) مولانا محمد مبارڪي ( ڪشمير بَزمِ -توحيد- ) ( 16 ) ميان عبدالقيوم ( ڪشمير بار ائسوسيئيشن ) ( 17 ) مس ضمرودا حبيب ( مسلم خواتين مرڪز ) ( 18 ) پروفيسر عبدالغني بٽ ( مسلم ڪانفرنس ) ( 19 ) عبدالصمد ( پوليٽيڪل ڪانفرنس ) ( 20 ) ثاقب ڀٽ ( تحريڪ حريت ڪشميري ) ( 21 ) شيخ يعقوب ( پيپلز ليگ ) ( 22 ) شڪيل بخشي ( اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ ) ( 23 ) رفيق احمد مير ( -امام- احمد رضا اسلامڪ مشن ) ( 24 ) مولانا عبدالرشيد دائود ( 25 ) محمد فاروق رحماني ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز فريم ليگ ) شامل آهن .[1]