مديني طرف هجرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: == هجرت ڪرڻ جو سبب == وحي جي ذريعي پيغمبر محمد صه کي ڪافرن ء مشرڪن جي منصوبي جي خبر پئجي وئي. چا...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{f}}
 
== هجرت ڪرڻ جو سبب ==
 
 
[[وحي]] جي ذريعي پيغمبر [[محمد]] صه کي ڪافرن ء مشرڪن جي منصوبي جي خبر پئجي وئي. چاهيندڙن ۾ فقط [[علي]] عه ئي هئا، جيڪي پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ سندن بستري تي ليٽيا، ۽ پاڻ سڳورا صه رات جي اونداهيءَ ۾ [[مڪو|مڪي]] کان ٻاهر نڪري ويا. رات جو مقرر وقت تي مشرڪ حملي لاءِ ڪٺا ٿيا، پر جڏهن انهن بستر رسول تي علي عه کي ڏٺو ته وائڙا ٿي ويا ۽ پوءِ فوراً پاڻ سڳورن جي پٺيان نڪري پيا پر نامراد ٿي واپس موٽيا. 9 ڏينهن جي ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ پيغمبر مديني جي ويجهو [[مقام قبا]] تي پهتا جتي مديني وارن سندن ڀليڪار ڪئي.
 
== مسجد قبا جي تعمير ==
 
اتي پهچڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن [[مسجد قبا]] جي تعمير جو منصوبو جوڙيو، جيئن مسلمان اتي گڏجي نماز پڙهن ۽ پنهنجي اڏاوتي ڪمن جي منصوبا بندي ڪري سگهن.مسجد جي اڏاوت جو ڪم تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. پيغمبر صه به ان ڪم ۾ هٿ ونڊرائيندا هئا. تعمير کان پوءِ پاڻَ پهرين جمعي جي نماز ان ئي مسجد ۾ پڙهي ۽ هڪ مختصر تقرير به ڪيائون. پيغمبر ڪجهه ڏينهن اتي ئي پنهنجي نمائندي حضرت [[علي]] عه جو انتظار ڪندا رهيا، ته جيئن اهي [[هاشمي|هاشمين]]ن جي عورتن کي وٺي اچن ته پوءِ سڀئي گڏجي مديني ۾ داخل ٿين.
 
 
== امانتن جوواپس ڏيڻ ==
 
حضرت علي عه (پاڻ سڳورن کان پوءِ) ٽن ڏينهن تائين مڪي ۾ ترسيا ۽ جيڪي امانتون رسول وٽ رکيل هيون انهن کي ماڻهن تائين پهچايائون ۽ اڌ رات جو بني [[هاشم|هاشمين]] جي عورتن کي ساڻ وٺي مديني طرف روانا ٿيا ۽ قبا ۾ پيغمبر سان اچي مليا. پيغمبر، حضرت علي عه ۽ عورتن سميت، ماڻهن جي پُرجوش استقبال سان مديني شهر ۾ داخل ٿيا.
 
== ڏاچي ==