شاھ عبداللطيف ڀٽائي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 29:
 
 
== شاهشاهہ جي تعليم ۽ تربيت ==
چون ٿا تہ [[شاهشاهہ حبيب]] پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور [[عالم]] [[آخوند نور محمد ڀٽي]]ءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، [[وائيءَ جو ڳوٺ]] [[ڀٽ]] کان ڇهہ ۽ [[اڏيري لعل]] کان ٻہ ڪوهہ پري آهي. چون ٿا تہ شاهہ [[الف]] اچاري ب چوڻ کان نابري واري. شاهہ صاحب [[امي]] (اڻ پڙهيل) هو يا نہ تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن جو چوڻ آهي تہ هو هڪ يگانو [[عالم]] هو ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي تہ مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان [[ڪامل]] [[ولي|ولين]] کي عطا ٿيندو آهي.
 
شاهہ صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا: [[قرآن شريف]]، [[مولانا جلال الدين رومي]]ءَ جي [[مثنوي]]، [[شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام]]. انهن ڪتابن تي ڪنهن بہ هنڌ ڪجهہ بہ لکيل ناهي جنهن کي شاه جو دستخط چئجي. مير [[علي شير قانع ٺٽوي]]، جيڪو '''عبداللطيف''' جو معتقد هو سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنهنجي ڪتاب [[تحفه الڪرام]] ۾ لکي ٿو اگرچه عبداللطيف اڻ پڙهيل هو ته به ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو. [[تحفه ڪرام]] شاهہ صاحب جي وفات کان صرف سورنهن سال پوءِ يعني [[1786]] ۾ لکيل آهي انهي ڪري ڪي علام ان کي هڪ اهم سند سمجهن ٿاحقيقت ۾ [[عارفن اوليائن]] جو ذڪر ڪندي [[مير علي شير قانع]] وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس [[دفتر]] مان ڪو ّخاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.