ائٽم بم: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار |
سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار |
||
سِٽَ 1:
ائٽم بم هڪ جنگي [[هٿيار]] آهي. انهيءَ جي تياري اهڙي اصول تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن ”فشن چين ريئيڪشن“ يعني ”ائٽم جي اُمکڻ جو لاڳيتو ردعمل“ شروع ٿئي ۽ بنا ضابطي جي جاري رهي، ته بي انداز گرميءَ جو مقدار خارج ٿئي ٿو. يورينيم جي مايي جا ٻه سب ڪرٽيڪل (sub critical) مايا خالي ٽيوب جي ٻن ڇيڙن تي رکجن ٿا. جڏهن به
ائٽم بم آئن اسٽائن ايجاد ڪيو هو. ان جو پهريون تجربو 16 جولاءِ 1945ع تي آمريڪا جي علائقي نيو ميڪسيڪو ۾ ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڇهين آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر هيروشيما تي اڇليو ويو. ان بم جو وزن نو هزار پائونڊ (20,000 ٽن) هو ۽ ان بم جو نالو ”لٽل بواءِ“ هو، جيڪو 600 ميٽرن جي اوچائيءَ تان اڇليو ويو هو، جنهن سان هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مئا ۽ ايترا زخمي ٿيا هئا. 9 آگسٽ 1945ع تي ٻيو بم به جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ”نئٽ بواءِ“ معنيٰ ”ٿلهي ڇوڪري“ جي نالي سان اڇليو ويو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا هئا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ روس، انڊيا، چين، اسرائيل وغيره ائٽم بم ٺاهيا.
جڏهن ائٽم بم ٺاهيو ويو، تڏهن آئن اسٽائن جو خيال هو ته ائٽم کي توانائيءَ ۾ منتقل ڪيو ويندو، پر پوءِ ائٽم بم جي ٺاهيندڙ، آئن اسٽائن، ان وقت پڇتايو هو، جڏهن آمريڪا، ائٽم بم هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي استعمال ڪري، هن جي ايجاد کي انسان ذات جي ڀلائيءَ بجاءِ ان لاءِ هاڃيڪاريءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A6%D9%BD%D9%85%20%D8%A8%D9%85</ref>
{{-}}
{{حوالا}}
[[زمرو:سائنس]]
|