اجرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

١٨٤ بائيٽون واڌ ،  ٦ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
(مختصر ترين مضمون جي جاءِ تي جامع معلوماتي متن ڏنو ويو.)
سنوار جو تَتُ ڪونهي
[[File:Ajrak.jpg|thumb|اجرڪ]]
اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻ ۽ سوکڙي آھي. ھي ھڪ خوبصورت سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. [[موئن جو دڙو|موئن جي دڙي]] مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ ڊزائين به ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موئن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو ته پروھت کيس چيو ته ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ به اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. عربن اجرڪ کي ازرق جي نالي سان سڏيو آھي. ازرق جي معنيٰ آھي نيرو رنگ. اھو به چيو ويندو آھي ته ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا. <br />
 
[[File:Cast of the Priest.jpg|thumb|موهن جي دڙي مان لڌل مجسمي تي اجرڪ جهڙي گلڪاري ٿيل آهي]]
اجرڪ جي تياري ۽ ڇرائي سنڌ جو خاص ھنر آھي. ان جي تياري ۾ وڏي محنت ۽ مھارت جي ضرورت آھي. ان جو اندازو انھي مان لڳائي سگھجي ٿو ته اجرڪ چوڏھن مختلف مرحلن مان گذري مڪمل ٿئي ٿي. اجرڪ جي ڇرائي جا وري پنج مختلف مرحلا آھن، ھر مرحلي ۾ مختلف قسم ۽ رنگن جا پور يا ٺپا لڳندا آھن ۽ ھڪ اجرڪ جي مڪمل ٿيڻ تائين اٽڪل پنجويھ سوَ ڀيرا پور يا ٺپا لڳن ٿا. انھيءَ کان سواءِ اجرڪ جي تياري ۾ اٽڪل سورھن مصالحا استعمال ٿين ٿا. ڊيزائن ۽ رنگ جي لحاظ کان اجرڪ جا قسم ڏھن کان مٿي آھن، انھن جا نالا به الڳ الڳ آھن. اجرڪ گھڻو ڪري لاڙ وارن شھرن ۾ ٺھي ٿي جھڙوڪ [[نصرپور]]، [[ٽنڊو محمد خان]]، [[کيبر]]، [[سيکاٽ]]، [[مٽياري]]، [[هالا|ھالا]]، [[ڀٽ شاھ]]، [[ماتلي]] ۽ اتر واري حصي ۾ [[سکر]] ۾ اجرڪ ٺھي ٿي. اڳي [[ٽکڙ]] ۽ [[مانجھند]] ۾ به اجرڪ ٺھندي ھئي پري اھي مرڪز ڪڏھوڪو بند ٿي ويا آھن. رنگن جي لحاظ کان ھڪ اجرڪ جا گھڻو ڪري چار رنگ ٿيندا آھن. اڇو، ڪارو، ڳاڙھو ۽ نيرو. ڪن اجرڪن ۾ نيرو يا ڪارو رنگ نه ھوندو آھي ته اھا اجرڪ ٽن رنگن واري ٿيندي آھي. نيرو ۽ ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ھلڪو ھوندو آھي ته ڪڏھن وري تيز ان ڪري ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ناسي ٿي ويندو آھي. اجرڪ جي زمين يا تر جو رنگ ڳاڙھو يا نيرو ھوندو آھي، ليڪا ۽ چٽ ڪارا ھوندا آھن ۽ ڦلڙيون يعني گلڪاري اڇي ھوندي آھي. سموري اجرڪ ھٿ جي محنت سان تيار ٿيندي آھي. <br />
 
موجوده دور ۾ اجرڪ مان ٽايون، شرٽون، اسڪرٽ، پڙا، زنانا چولا ۽ سلوارون وغيره ٺاھيون وڃن ٿيون، ان کان سواءِ درن ۽ درين جا پردا، ڪشن ڪور، وھاڻن جا پوش، ميز پوش به اجرڪ مان ٺاھجن ٿا جيڪي تمام گھڻي سونھن ڪن ٿا.  اجرڪ جي مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته اڄڪلھ ڪارخانن ۾ به اجرڪ جي ڊزائين تي ڪپڙن جا تاڪيا تيار ڪيا وڃن ٿا، انھي ۾ ريشمي ۽ سنھو ڪپڙو به اچي وڃي ٿو پر جيڪا سونھن اصل اجرڪ ۾ آھي اھا نقلي اجرڪ ۾ ڪٿي!
<br />
 
اجرڪ، ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد پھرين ٿا. اجرڪ ھر موسم ۾ پھري سگھجي ٿي، اھا اونھاري ۾ ٿڌي ۽ سياري ۾ گرم محسوس ٿيندي آھي. سنڌي ماڻھو اجرڪ جو پٽڪو وڏي شان سان ٻڌندا آھن. اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي ھڪ علامت آھي. اجرڪ جيئن مختلف مرحلن مان گذري ٿي ايئن ان جو استعمال به زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ ٿئي ٿو. عام زندگيءَ ۾ ته اجرڪ جو استعمال آھي ئي آھي پر خاص موقعن تي پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو سھڻي ۾ سھڻو اظھار، اجرڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪونھي! جڏھن ڪنھن مھمان کي مان ڏيڻو ھوندو آھي ته ان کي اجرڪ اوڍائي ويندي آھي. سنڌ ۾ گھڻو تڻو گھوٽ پنھنجي شاديءَ تي به اجرڪ اوڍيندا آھن. اسان جي زندگيءَ ۾ اجرڪ جي عمل دخل جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته پنھنجي پياري دوست يا عزيز جي مرڻ کان پوءِ ان جي مڙھ تي به اجرڪ وڌي ويندي آھي.