اردن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 2:
[[File:Coat of arms of Jordan.svg|thumb|اردن جي سرڪاري مهر]]
اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو. ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن اردن تي قبضو ڪيو. سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تائين -اردن-، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو، پر سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ کان پوءِ اردن ترڪيءَ جي قبضي کان آزاد ٿيو. اقوام متحده پاران ”مينڊيٽ سسٽم“ جوڙيو ويو، جنهن جو مقصد آزاديءَ جي لائق ملڪن جي مدد ڪرڻ هو، ان ڪري 1922ع ۾ اردن برطانيه جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. برطانيه سڀ اصول ٽوڙي، اردن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو ۽ 24 سالن تائين پنهنجي مرضي هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ 1946ع ۾ اردن آزاد ٿيو. اردن جو پهريون سربراهه امير عبدالله بڻيو. 1948ع ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن اسرائيل نالي نئون ملڪ قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي اردن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگيون شروع ٿيون. اردن جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪيو ويو. 1951ع ۾ امير عبدالله کي يروشلم ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس پٽ طلال تخت نشين ٿيو، ان بعد 1952ع ۾ سندس پٽ شاهه حسين تخت تي ويٺو، 1955ع ۾ اردن اقوام متحده جو ميمبر بڻيو. 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي. اسرائيل يروشلم سميت الهندي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو. 26 آڪٽوبر 1994ع تي اردن ۽ اسرائيل ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ 50 سالن کان هلندڙ دشمنيءَ جو خاتمو آيو. 1999ع کان شاهه حسين جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهه عبدالله تخت تي ويٺو. اردن جو 12 سيڪڙو حصو زراعت جي لائق آهي. باقي حصو ويران آهي. هتي ميوو ۽ سبزي چڱي مقدار ۾ ٿئي ٿي. اردن مان فاسفيٽ ۽ پوٽاش جهجهي انداز ۾ نڪرن ٿا. <ref>encyclopediasindhiana.org</ref>
{{-}}
 
{{حوالا}}
[[زمرو:ملڪ]]