آبِي چَڪَرُ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
====آبي چڪر ڇا آھي؟====
{{فانٽ}}آبي چڪر اسان کي ڌرتيءَ تي، ۾ ۽ مٿان پاڻيءَ جو وجود ۽ چُرپُر سمجھائي ٿو. ڌرتيءَ جو پاڻي ھميشھ چرپر ۾ رھي ٿو ۽ ھر وقت پنھنجي صورت مَٽائيندو رھي ٿو؛ پٽڙي کان برفَ ، ٻاڦَ، ۽ پوءِ واپس پٽڙو. آبي چڪر اربن سالن کان ھلندو اچي ۽ ڌرتيءَ تي سموري حيات ۽ جيوت جو جاري ساري رھڻ ان تي ئي دارومدار رکي ٿو. پاڻيءَ کان سواءِ ڌرتي رھڻ لائق نھ ھجي ھئا.
 
 
پيش ڪجي ٿو آبي چڪر جو مختصر تعارف. ھن جز ليک (پيراگراف) ۾ ڏنل ڳَنڍڻاLinks ‎‏ اوھان کي ملحڪھ موضوع تي تفصيلي ‏ڄاڻَ رکندڙ صفحي ڏانھن وٺي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ھر موضوع جو نسبتاً مختصر تعارف ھن ئي صفحي تي اڃا ھيٺ ڏنل آھي. ‏
آبي چڪر کي ڪو بھ شروعاتي يا آغازي نُڪتو نھ آھي. پر پاڻَ سمنڊَن ‏Oceans‏ کان شروع ڪنداسين، ڇاڪاڻ تھ ڌرتيءَ جي پاڻيءَ ‏جو گھڻي کان گھڻو مقدار اتي ئي سمايل آھي. آبي چڪر جو محرڪ سِجُ آھي، جيڪو سمنڊَ جي پاڻيءَ کي گرمائي ٿو. گرمائش ‏سبب پاڻيءَ جو ڪجھھ حصو اُٻارجي ٿو ‏Evaporates‏ ھوا ۾ اُٻَ جِي صورتَ ۾ شامل ٿِي وڃي ٿو. برفَ ‏Ice‏ ۽ ڳڱ ‏Snow‏ سڌو ‏سنئون اُٻَ ۾ ‏Sublimate‏ سگھي ٿِي. ھوا جون مٿي ويندڙ اھڙي اُٻَ کي مٿي ماحول ‏Atmosphere‏ ۾ وٺِي وڃن ٿا. ان سان گڏ اھو ‏پاڻي بھ مٿي وڃي ٿو، جيڪو ‏Evapotranspiration‏ جي عمل ذريعي ٻوٽن مان ‏transpire‏ ۽ مِٽيءَ مان اُٻارجي نڪري ٿو. اُٻَ ‏ھوا ۾ مٿي کڄي وڃي ٿِي، جتي جو ٿڌڙو گرمي پد اُٻَ کي ڪنڊينسي ‏Condense‏ ڪڪر ڪري ڇڏي ٿو. ھوا جا وھڪرا ڪڪرن کي ‏سڄي ارض ‏Globe‏ ۾ گھُمائين ٿا. ڪڪرن جا ذرڙات پاڻَ ۾ ٽڪرائجي گڏجن ٿا، ايئن وڏا ٿين ٿا ۽ ‏Precipitation‏ جِي صورتَ ۾ ‏آسمانَ تان ڪِرَن ٿا. ڪجھھ پرسپيٽيشن ڳڱ جِي صورتَ ۾ ھيٺ ڪِرندي آھي، جيڪا برفِي ڪيپس ۽ برفاني ٽَڪَرَن ‏Ice Caps and ‎Glaciers‏ جِي صورتَ ۾ گڏ ٿيندي آھي، جيڪي ڄميل پاڻيءَ جي انَ ذخيري کي ھزارن سالن تائين سانڍي سگھن ٿا. بھار جِي مُندَ ‏اچڻَ بعد نسبتاً گرم آبھوا ۾ اھي برفاني ذخيرا رجڻ ۽ ڳرڻ لڳندا آھن ۽ اھو ڳريل آب پاڻي ڳڱريج (ڳريلاب) ‏Snowmelt‏ جِي صورتَ ‏‏۾ زمين تي وھڻ لڳندو آھي. پرسيپيٽيشن جو اڪثر حصو واپس سمنڊَ ۾ ويندو ھليو آھي، جڏھن تھ باقي حصو خُشڪِيءَ تي ڪِرندو ‏آھي ۽ ثقلي ڪشش سبب زمين تي (سطحي يا مٿاڇراتي) نئين آب ‏Surface runoff‏ جِي صورتَ ۾ وھندو آھي. ان رن آف جو ھڪڙو ‏حصو دريائن ۾ داخل ٿي ويندو آھي، جنھن جو وھڪرو ‏Streamflow‏ پاڻيءَ کي سمنڊَ طرف وٺي ويندو آھي. نئين جو پاڻي ۽ جر ‏‏(زير زمين پاڻي) جو سيمو ملي ڍنڍُن اندر تازي پاڻيءَ ‏Freshwater‏ جي صورتَ ۾ گڏ ٿي ٿو. مگر سڄو جو سڄو نئين آب دريائن ۾ ‏نھ ٿو وڃي. ان جو وڏو ڀاڱو زمين چُھِي وڃي ٿِي، جنھن کي دَرڇاڻَڪاري ‏Infiltration‏ چئجي ٿو. ڪجھھ پاڻي درڇاڻجِي اونھائيءَ ۾ ‏ھليو ويندو آھي جتي اھو جرگاھن ‏Aquifers‏ (پاڻيءَ سان تَر ٿيل زير زمين سطح) کي ڀري ٿو، جيڪي تازي پاڻيءَ کي تمام وڏي ‏مقدار ۾ ۽ تمام ڊگھي عرصي لاءِ سانڍي سگھن ٿا. ڪجھھ جَر (زير زمين پاڻي) مٿاڇري کي ويجھو رھي ٿو، جيڪو سيمو ڪري ‏واپس مٿاڇري تي موجود آبگاھن (۽ سمنڊ) ۾ ھليو وڃي ٿو، جنھن عمل کي جر اخراج ‏Ground-Water Discharge‏ چئجي ٿو؛ ۽ ‏ڪجھھ جر وري چشمي جِي شڪل ۾ خُشڪِيءَ تي تازي پاڻيءَ جي ڦُوھارو ٿِي نڪري ايندو آھي. بھر حال، وقت ساڻ سمورو پاڻي ‏ھلندو ھلندو ڪنھن نھ ڪنھن ريت سمنڊَ ۾ داخل ٿِي وڃي ٿو، جتي آبي چڪر پُورو ٿي ٿو......... اڙي – منھنجو مطلب تھ شروع ٿي ٿو. ‏