ستين جو آستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 2:
 
== تعارف ==
{{مبسس4}} مير ابوالقاسم نمڪين جي قبرستان واري ٽڪري کي، قبرستان ٺھڻ کان اڳ ”ستين جو ٿان“ سڏيو ويندو ھو، يعني ”ستين جو اسٿان“، جنھن کي فارسي ۾ ”ستياسر“ جي نالي سان لکيو ويو آھي، جيڪو غالبن ”سرتين“ يا ”ستين جو اسٿان“ جو بگاڙ ڀانئجي ٿو. اڪبر نامي ۾ ان کي ”ڪوھ ھفت دختر“ لکيو ويو آھي، ”ماثرالامرا“ جو مصنف انھي ٽڪري کي ”کار ماتري“ سڏي ٿو. ھي ٽڪري [[روھڙي]] ۾ واقع آھي.
 
{{مبسس4}}مير ابوالقاسم نمڪين جو قبرستان روھڙي جي سول ڪورٽ جي ويجھو، اتر ۽ اولھ جي ڪنڊ تي درياء جي ڪپ تي ھڪ بلند ٽڪري مٿان ٺھيل آھي. اوڀر کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل آھن. سامھون اتر کان درياء جي ٻي ڀر سکر جو شھر آھي ۽ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روھڙي جو شھر آھي. بکر جي قلعي جون ڊٺل ديوارون اوڀر کان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڌ ٻيلو اتر کان درياء جي وچ تي سامھون موجود آھي. جاء وقوع جي لحاظ کان ھي ٽڪرو بي مثال آھي. چارئي طرف کليل ڪوھن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام پري پري تائين ڏسي سگھجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀريو پيو آھي، سکر کان ايندڙ رستو (پراڻو قومي شاھراھ) درياء جو ڪپ ڏيو، انھي ٽڪري جي پھلو کي ڇھندو روھڙي ڏانھن وڃي ٿو.
ڀانئجي ٿو ته اھا ننڍي ٽڪري ڪنھن زماني کان پنھنجي ھم جنس جبلن کان جدا ٿي اتي رھجي وئي آھي. مشھور روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي ستين جو اسٿان ھو ۽ اھا جاءِ انھن خدا رسيده بيبين جي رھائش سبب متبرڪ سمجھي ويندي ھئي. مير ابوالقاسم نمڪين جڏھن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو ته بکر کي ئي پنھنجي رھائش لاء پسند ڪيائين ۽ اتي ئي پنھنجا يادگار ٺھرائڻ شروع ڪيائين. تڏھن انھي ٽڪري جو ماحول، جاء وقوع ۽ ڀرپاسي جا ڏيک کيس پسند آيا ۽ ھن انھي ٽڪري جي چوٽي کي صاف ڪرائي، ھموار ڪري، چوڌاري ديوار ڏئي، پڪين سرن جو فرش ٻڌرائي، چئني ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺھرائي، ان کي پنھنجي خاندان جي قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو، مگر ان کان اڳ جو فوتين کي اتي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان جاءِ کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آراتي لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جو نالو ”صفه صفا“ رکيائين.
 
سِٽَ 20:
 
ھن وقت تمام مضبوط حالت ۾ آھي ۽ پاڪستان جي محڪمه آثار قديمه جي قبضي ۾ آھي، جيئن ته پوڻا چار سو ورھيه گذري چڪا آھن تيئن ممڪن آھي ته ايندڙ ڪن صدين تائين اڃا به قائم رھي سگھي.
 
 
== خارجي ڳنڍڻو ==