وڪيپيڊيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م RESOLVED ISSUE OF MODULE IMAGES
سِٽَ 30:
}}
 
هيءُ ڄاڻ چيڪلو دنيا جي 253 ٻولين ۾ ڀاڱيوارائي طور [[رضاڪار]] لکي رهيا آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اڪثر مقالا کليل مواد آهن، جن کي ڪو به ترميمي سگھي ٿو. هيءَ رٿا بنا نفعي نقصان جي بنياد تي ڪم ڪندڙ [[وڪيميڊيا فائونڊيشن|وڪيذريعات پيڙهڪا]] هلائي رهي آهي. جيڪڏهن وڪيپيڊيا يُوزر کي ڳڻپيوڪر، انٽرنيٽ ڪنيڪشن، ۽ هڪ [[ويب جھانگُو]]ءَ جي سهوليت ميسر آهي ته هُو وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود صفحن کي سنواري سگھي ٿو ۽ نوان صفحا پڻ متعارف ڪرائي سگھي ٿو، جيڪي پڻ کليل مواد تصور ڪيا ويندا. هيءَ رٿا جو بنياد جنوري 15، 2001ع، تي رکيو ويو، ۽ اڄ وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي موجود وڏي ۾ وڏو، تڪڙي ۾ تڪڙو وڌندڙ ۽ مقبول ترين عام حواليه ڄاڻ جو خزانو آهي. نومبر 2007ع تائين، وڪيپيڊيا تي 253 ٻولين ۾ 91 لک مضمون لکجي چڪا هئا. انگريزي وڪيپيڊيا سيپٽمبر 9، 2007ع تي 20 لک مضمونن جو حدف پورو ڪيو. پنهنجي وڌندڙ مقبوليت باعث، هن وقت وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي گھڻي ۾ گھڻو گھمجندڙ 10 ويب سائيٽن ۾ شمار ٿي ٿِي.
وڪيپيڊيا جو مواد کليل هوڻ ڪري، ان جي قابل اعتبار ۽ تز هوڻ تي سوال اٿاريا ويندا رهيا آهن. وڪيپيڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جو مرڪز [[واندائپ]] آهي، جنهن جو نشانو وڪيپيڊيا ٿي سگھي ٿي؛ جنهن ۾ بي معنيٰ ۽ بي مقصد اکر يا جملا وجھڻ، غير درست ڄاڻ رکڻ، جانبداريءَ تي ٻڌل ڄاڻ رکڻ، وغيره وغيره شامل آهن. تجربو ٻڌاي ٿو ته [[واندائپ]] تمام ننڍو مدو رهي سگھندي آهي. <br />
وڪيپيڊيا جي سنڌي ورزن، سنڌي وڪيچيڪلو جو بنياد [[21هين فيبروري]] 2006ع تي جناب [[يوزر:aursani|احسان احمد عرساڻي]]ءَ وڌو. هن وقت سنڌي وڪيچيڪلو تي '''{{NUMBEROFARTICLES}}''' مضمون لکجي چڪا آهن.