عثماني سلطنت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م clean up, replaced: ← (6), ← (2) using AWB
سِٽَ 47:
|p13 = مملڪت ڪروشيا (قرون وسطي){{!}}مملڪت ڪروشيا
|flag_p13 = Coa Croatia Country History (Fojnica Armorial).svg
|border_p13 = no
|p14 = سلطنت مملوڪ (مصر){{!}}سلطنت مملوڪ (مصر)
|flag_p14 = Mameluke Flag.svg
سِٽَ 99:
|symbol = Coat of arms of the Ottoman Empire
|image_map = Ottoman Empire 16-17th century.jpg
|image_map_caption = عظيم ترين حد (سرخ) مع تابع رياستون (هلڪو سرخ) 1590 جي ڏهائي
|national_motto = ''Devlet-i Ebed-müddet''<br />دولت ابد مدت<br /><small>"ابدي رياست"</small>
|national_anthem = عثماني شاهي ترانو
سِٽَ 134:
|ref_pop5 =<ref name=autogenerated2>{{cite book|last=Erickson|first=Edward J.|title=Defeat in detail: the Ottoman Army in the Balkans, 1912–1913|pages=59}}</ref>
|stat_year6 = 1914
|stat_pop6 = 18520000
|stat_year7 = 1919
|stat_pop7 = 14629000
سِٽَ 146:
{{سلطنت عثمانيه جي تاريخ}}
 
''سلطنت عثمانيه'' يا ''خلافت عثمانيه'' (عثماني ترڪ ٻولي: "دولت عليه عثمانيه"، [[ترڪ ٻولي]]:''Osmanlı Devleti'') سن [[1299ء]] کان [[1922ء]] تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران [[ترڪ]] هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾ (16 هين – 17 هين صدي) هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ [[ڏکڻ اوڀر يورپ]] ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا  جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن، [[سلوواڪيه]] ۽ ڪريميا (هاڻوڪو [[يوڪرين]]) سان ڏکڻ ۾ [[سوڊان]]، [[صوماليه]] ۽ [[يمن]] تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا۔
 
''سلطنت عثمانيه'' يا ''خلافت عثمانيه'' (عثماني ترڪ ٻولي: "دولت عليه عثمانيه"، [[ترڪ ٻولي]]:''Osmanlı Devleti'') سن [[1299ء]] کان [[1922ء]] تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران [[ترڪ]] هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾ (16 هين – 17 هين صدي) هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ [[ڏکڻ اوڀر يورپ]] ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا  جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن، [[سلوواڪيه]] ۽ ڪريميا (هاڻوڪو [[يوڪرين]]) سان ڏکڻ ۾ [[سوڊان]]، [[صوماليه]] ۽ [[يمن]] تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا۔
 
== تاريخ ==
Line 162 ⟶ 161:
 
===  واڌارو (1453ء-1683ء) ===
عثماني تاريخ جو هي دور ٻن مختلف دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: هڪ [[1566ء]] تائين علائقائي، اقتصادي ۽ ثقافتي واڌ جو دور جنهن بعد عسڪري ۽ سياسي بيهجي وڃڻ جو دور۔
 
===  واڌارو ۽ عروج جو نقطو (1453ء-1566ء) ===
Line 169 ⟶ 168:
[[ملف:Battle of Mohacs 1526.png|thumb|[[جنگ موہاکز]] ([[1526ء]]) اور عثمانیوں کی جانب سے [[فتح ہنگری]]]]
}}
1453ء ۾ فتح قسطنطنيه  ڏکڻ اوڀر يورپ ۽ روم سمنڊ جي اوڀر وارن علائقن ۾ سلطنت عثمانيه جي هڪ عظيم قوت جي طور تي اڀرڻ جو بنياد وڌو ۽ پوء 1566ء تائين [[يورپ]]، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ فتحن جي هڪ طويل دور جو آغاز ٿيو۔ انهن فتحن جو سبب فوج جو معياري نظم و ضبط ۽ جديد عسڪري قوت هئي جنهن ۾ بارود جو استعمال ۽ مضبوط بحريه جو ڪردار تمام اهم هيو۔ رياست جي معيشت ۾ اهم ترين ڪردار تجارت جو هيو ڇو ته يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ تجارت جا تمام زميني ۽ سامونڊي رستا عثماني سلطنت مان ٿي گذرندا هيا۔ هڪ کان بعد ٻين عظيم سلطانن سلطنت جي سرحدن وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ۾ [[سليم پهريون]] جو نالو نمايابن آهي جنهن اوڀر ۽ ڏکڻ طرف توجهه ڏني ۽ صفوي سلطنت جي شاهه اسماعيل صفوي کي جنگ چالدران ۾ شڪست ڏني ۽ مصر ۾ عثماني حڪومت قائم ڪئي۔ سليم جي جانشين سليمان عاليشان ([[1520ء]] کان [[1566ء]]) اولهه ۾ سلطنت کي وڌاء ڏنو ۽ 1521ء ۾ بلغراد جي فتح کان بعد 1526ء ۾ جنگ موهاڪر جي ذريعي هنگري ۽ ٻين وچ يورپي علائقن ۾ عثمانين جو دٻدٻو ويهاري ڇڏيو۔ ان کان بعد ان 1529ء ۾ ويانا جو گھيراء ڪيو پر ٿڌي موسم ۽ شهر جي واسين جي زبردست مزاحمت جي ڪري هي گھراء ناڪام ٿي ويو اهڙي طرح عثماني طوفان جون موجون ويانا جي ديوارن سان ٽڪرائي واپس اچي ويون ۽ عثماني سلطنت جون سرحدون وچ يورپ جي هن شهر کان اڳتي ڪڏهن به نه وڌي سگھيون۔ سليمان جي دورن ۾ ٽرانسلوانيا، ولاچيا ۽ مالدووا سلطنت عثمانيه جو حصو بڻيا۔ اوڀر ۾ عثمانين ايران کان بغداد ٻيهر حاصل ڪري ورتو ۽ بين النهرين تي قبضو ڪر خليج فارس تائين سامونڊي رسائي حاصل ڪري ورتي۔
 
سليم ۽ سليمان جي دورن ۾ عثماني بحريه دنيا جي عظيم ترين بحري قوت ٿي جنهن روم سمنڊ جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ انهن فتحن ۾ اهم ترين ڪردار عثماني امير البحر خير الدين پاشا باربروسا جو رهيو جنهن سليمان جي دور ۾ ڪافي شاندار عسڪری فتحون حاصل ڪيون۔ جنهن ۾ اسپين جي خلاف تيونس ۽ [[الجزائر]] جون فتحون ۽ سقوط غرناطه کان بعد اتي جي مسلمانن ۽ يهودين جي بحفاظت عثماني سرزمين تائين منتقلی ۽ 1543ء ۾ مقدس رومي سلطنت جي خلاف نيس جي فتح قابل ذڪر آهن۔
Line 176 ⟶ 175:
=== بغاوتون ۽ اڀرڻ (1566ع-1683ع) ===
[[عڪس:Battle of Preveza (1538).jpg|thumb|خير الدين پاشا باربروسا 1538ع ۾ جنگ پريويزا ۾ يورپ جي گڏيل بحري ٻيڙي کي بدترين شڪست ڏني]]
1566ء ۾ سليمان جي وفات علائقائي فتحن جي خاتمي جو شروعاتي نقتو ثابت ٿي۔ اولهہ يورپ جي سلطنتن جو بطور بحري قوت اڀرڻ ۽ يورپ کان [[ ايشيا]] جي لاء متبادل رستن ۽ "نئين دنيا" ([[آمريڪا]]) جي دريافت عثماني معيشت کي زبردست نقصان پهچايو۔ اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن سلطنت عثمانيه کي بيدار مغز حڪمرانن جي ضرورت هئي بدقسمتي سان ان کي نالائق حڪمرانن جي طويل دور کي سهڻو پيو جنهن اندروني ۽ عسڪري محاذ تي مملڪت کي شديد نقصان پهچايو۔ انهن تمام مشڪلاتن جي باوجود [[1683ع]] ۾ جنگ ويانا تائين سلطنت جي فتحن جو سلسلو جاري رهيو پر هن جنگ کان بعد يورپ ۾ سلطنت جي واڌاري جو مڪمل خاتمو ٿي ويو۔ اولهہ يورپ جي طرفان  نون تجارتي رستن جي تلاش ۽ دريافت کان علاوہ "نئين دنيا" کان اسپين ۾ وڏي مقدار ۾ چاندي جي آمد عثماني سڪي جي قدر ۾ تيزي سان بي قدري جو سبب بڻي۔ سليم ثاني جي دور ۾ صدر اعظم محمد پاشا صوقوللي معيشت کي استحڪام بخشڻ جي لاء سوئز نهر ۽ ڊون-وولگا نهر جي اڏاوت جا منصوبا پيش ڪيا پر انهن تي عملدرآمد نہ ٿي سگھيو۔
[[عڪس:Battle_of_Lepanto_1571.jpg|thumb|جنگ ليپانٽو 1571ء، عثماني سلطنت جي زوال جي علامت]]
هن ئي دور ۾ ڏکڻ يورپ ۾ اسپين جي فلپ ثاني جي زير قيادت ڪيٿولڪ قوتن روم سمنڊ ۾ عثماني بحريه جي قوت کي نقصان پهچائڻ جي لاء ڳٺ جوڙ ڪري ورتو۔ 1571ء ۾ جنگ ليپانٽو ۾ شڪست روم سمنڊ ۾ سلطنت جي برتري جي فوري خاتمي جو سبب بڻي۔ ان لاء ڪافي تاريخدانن جنگ ليپانٽو ۾ شڪست کي عثماني سلطنت جي زوال جو اشارو قرار ڏنو آهي۔ اهڙي طرح 16 هين صدي جي اختتام تائين فتحن ۽ ڪامیابین جي سنهري دور جو خاتمو ٿي ويو۔
Line 197 ⟶ 196:
[[عڪس:MahmutII.jpg|thumb|محمود ثاني (ٻيون) 1839ء ۾ تنظيمات جي ذريعي ترڪي ۾ جديد دور جو بنياد رکيو]]
دور تنظيمات ([[1839ء]] تائين [[1876ء]]) ۾ آئيني اصلاحن جو هڪ سلسلو متعارف ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نسبتاً جديد فوج، بينڪاري نظام جا اصلاح نافذ ٿيا ۽ جديد ڪارخانا قائم ٿيا۔ [[1856ء]] ۾ خط همايون جي ذريعي نسل ۽ مذهب کان بالاتر ٿي ڪري تمام عثماني شهرين کي برابري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو۔ عيسائي اقليتن کي به خصوصي حق عطا ڪيا ويا جيئن [[1863ء]] ۾ آرمينيائي دانشورن جي مرتب ڪيل 150 شقن کي ضابطه قانون جي تحت منظور شدہ ديوان نظام نامئه ملت آرمينيان (Armenian National Constitution) ۔ اصلاحن جي هن دور جي سڀ کان اهم ڳالهه اهو دستور هيو جيڪو قانون اساسي چورائيندو هيو جنهن کي نوجوانان عثمان  تحرير ڪيو ۽ 23 نومبر [[1876ء]] تي نافذ ڪيو ويو۔ هن جي ذريعي تمام شهرين جي لاء اظهار راء جي آزادي ۽ قانون جي نظر ۾ برابري عطا ڪئي وئي۔
سلطنت جو پهريون آئيني دور (عثماني ترڪ ٻولي: ''برنجي مشروطيت دوري'') مختصر رهيو پر ان جي نتيجي ۾ جنهن نظریي فروغ پاتو اهو اولهه جي جامعات ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري نوجوانان عثمان نالي اصلاح پسند گروهه جي مطابق هي هيو ته هڪ آئيني بادشاهت مملڪت جي مسئلن جو خاتمو ڪري سگھي ٿي۔ [[1876ء]] ۾ فوجي طاقت جي ذريعي سلطان عبدالعزيز ([[1861ء]] تائين [[1876ء]]) مراد پنجون جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو۔ مراد پنجون ذهني معذور هيو ۽ چند مهينن ۾ ئي عهدي تان هٽايو ويو۔ ان جي ممڪنه جانشين عبد الحميد ٻيون ([[1876ء]] تائين 1909ء) کي ان شرط تي بادشاهت سنڀالڻ جي دعوت ڏني وئي ته هو آئيني بادشاهت کي تسليم ڪندو جنهن تي هن 23 نومبر [[1876ء]] تي عمل به ڪيو۔ پر پارليمان صرف ٻه سال قائم رهيو ۽ سلطان انکي معطل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پارليمان کي طلب ڪرڻ جي لاء هن تي دٻاء وڌو ويو۔ پر قانون اساسي جا اثر ڪافي حد تائين گھٽجي ويا۔ هن عرصي ۾ سلطنت کي ٻاهرين جارحيت ۽ قبضه گيري جي خلاف پنهنجي دفاع جي حوالي کان شديد خطرن  کي منهن ڏيڻو پيو۔ [[1798ء]] ۾ فرانس مصر تي قبضو ڪري ورتو۔ [[1877ء]] جي روس ترڪ جنگ ۾ شڪست کان بعد برلن ڪانگريس ۾ حمايت جي صلي ۾ [[1878ء]] میں ايالت قبرص پٽي تي برطانيا جي حوالي ڪرڻو پيو۔ سلطنت پنهنجي مسئلن کي خود حل ڪرڻ جي قابل نه رهي ۽ مختلف يورپي ملڪن جي مداخلت ۽ اتحاد جي ذريعي ان جا مسئلا حل ٿيڻا پيا مثال طور جنگ ڪريميا جنهن ۾ عثمانين روس جي خلاف برطانيه ۽ فرانس سان اتحاد ڪيو۔
حالانڪه ان عرصي ۾ انکي "يورپ جو مرد بيمار" چيو ويو پر معاشي طور تي سلطنت جي بد حالي جو سبب ان جي ترقي پذير معيشت ۾ نه هيو بلڪه اهو ثقافتي خال هيو جيڪو انکي يورپي قوتن کان الڳ ڪري ڇڏيندو هو۔ اقتصادي مسئلا دراصل ٻاهرين سامراجيت ۽ اڀرندڙ داخلي قوم پرستي جهڙن مسئلن سان نه نمٽي سگھڻ جي وجهه جي ڪري هيا۔
 
Line 209 ⟶ 208:
=== پهرين مهاڀاري جنگ ===
[[عڪس:Turkish_trenches_at_Gallipoli.jpg|thumb|مصطفٰي ڪمال اتاترڪ 1915ء ۾ جنگ گيلي پولي جي دوران هڪ خندق ۾]]
پهرين مهاڀاري جنگ ۾ بغداد ريلوي تي جرمن اختيار بين الاقوامي طور تي ڪشيدگي جو هڪ اهم مسئلو هيو۔ سلطنت عثمانيه پهرين مهاڀاري جنگ جي وچ اوڀر ميدان ۾ حصو ورتو جنهن جو سبب ترڪ جرمن اتحاد هيو۔ عثمانين جنگ جي ابتدائي دور ۾ ٻه اهم فتحون، جنگ گيلي پولي ۽ ڪوت جو گھيراء، حاصل ڪيون پر ان سان ڪيترائي لوڏا به پهتا جيئن روس جي خلاف تباهه حال قفقاز مهم۔ 1917ء جي روسي انقلاب  عثمانين کي شڪست جا داغ ڌوئن ۽ وڃايل علائقا حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ عثماني فوجون جنگ جي اختتامي مرحلن ۾ آذربائيجان جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون پر مهاڀاري جنگ جي اختتام تي انهن فتحن تان هٿ کڻڻا پيا۔هن تنازعي ۾ پیش اچڻ وارو هڪ متنازع ۽ اهم واقعو صوبي وان ۾ ترڪ اڳواڻن، عثماني فوجن ۽ ڪرد جنگجوئن جي هٿان لکين آرمينيائي باشندن جو مبينه قتل عام ۽ ملڪ بدري ۽ ان جي خلاف آرمينيائي باشندن جي مزاحمت هئي۔ هڪ مرڪزي آرمينيائي مزاحمتي گروهه مئي [[1915ء]] ۾ آزاد عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو، ۽ عثمانين انکي اوڀر اناطوليه تي جارحيت ڪرڻ واري روسي فوجن جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش سمجھيو۔ 1917ء جي اختتام تائين آرمينيائي انقلابي وفاق جمهوريه آرمينيا قائم ڪري ڇڏي جيڪا آرمينيائي قتل عام کان بچڻ واري باشندن تي مشتمل هئي۔ واضع رهي ته ترڪ حڪومت آرمينيائي باشندن جي قتل عام تي يقين نه رکندي آهي۔ وڌيڪ تفصيل لاء ڏسو [[ آرمينيائي قتل عام]]
پهرين مهاڀاري جنگ ۾ عثمانين جي شڪست جا ٻه اهم سبب ایڊمنڊ ايلنبائي جي زير ڪمان برطانوي فوجن جي اهم هدفن تي حملا ۽ عرب بغاوت هيا ۔
ان ۾ عرب بغاوت سلطنت عثمانيه جي شڪست جو سڀ کان وڏو سبب سمجھي ويندي آهي۔ عرب بغاوت جي ان مهمن جي شروعات شريف مڪه حسين جي طرف کان برطانيه جي مدد سان جون 1916ء ۾ جنگ مڪه کان ۽ ان جو اختتام دمشق ۾ عثمانين جي اسلحي اڇلائڻ سان گڏ ٿئي ٿو . مديني جي عثماني ڪماندار فخري پاشا مديني جي گھيراء ۾ اڍائي سال کان وڌيڪ عرصي تائين زبردست مزاحمت ڪئي۔
 
=== ورهاست ===
[[عڪس:Sultanvahideddin.jpg|thumb| عثماني سلطنت جي آخري سلطان محمد ڇهون  جي آمد، 1922ء]]
مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه ۾ ورهاست جو عمل قسطنطنيه تي قبضي جي 13 ڏينهن بعد 30 آڪٽوبر [[1918ء]] تي مدروس معاهدي جي ذريعي شروع ٿيو۔ ۽ بعد ۾ سيوري معاهدو جي ذريعي وچ اوڀر ۾ عثماني قبضن کي برطانيا ۽ فرانس جي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته روم سمنڊ جي ساحلي علائقن کي اٽلي، ترڪ ايجيئن ساحلن کي يونان، ۽ آبنائي باسفورس ۽ مرمره سمنڊ کي بين الاقوامي علائقي جي طور تي اتحادي قوتن جي حوالي ڪيو ويو۔ ان سان گڏوگڏ اوڀر اناطوليه ۾ جمهوريه آرمينيا کي وسعت ڏيندي ولسونين آرمينيا جي تشڪيل ڏني وئي جيڪو آرمينيائي باشندن جو قديم وطن هيو پر بعد ۾ انهن علائقن ۾ ترڪ ۽ ڪرد به آباد ٿيا۔ برطانيه وچ اوڀر جي ورهاست جي لاء انتهائي چالاڪي ۽ عياري سان فرانس سان سائيڪوس-پيڪوٽ نالي خفيه معاهدو ڪيو۔
استنبول ۽ ازمير تي قبضو ترڪ قومي تحريڪ جي قيام جو سبب بڻيو ۽ مصطفٰي ڪمال پاشا جي زير قيادت جنگ آزادي جي شروعات ۽ جمهوريه ترڪي جي قيام جو اعلان ڪيو ويو۔
مصطفٰي ڪمال جي زير قیادت ترڪ قومي تحريڪ 23 اپريل 1920ء تي انقره ۾ "قومي مجلس اعلٰي" (ترڪ ٻولي: ''بیوڪ ملت مجلسي'') جي قيام جو اعلان ڪيو، جنهن استنبول ۾ عثماني حڪومت ۽ ترڪي ۾ ٻاهرين قبضي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔ ترڪ انقلابين عوامي فوج جي ذريعي يونان، اٽلي ۽ فرانس جي فوجن کي اناطوليه مان ڪڍي ٻاهر ڪيو۔  سيوري معاهدي جي نتيجي ۾ جيڪي علائقا جمهوريه آرمينيا کي مليا هيا انهن کي به ٻيهر حاصل ڪيو ۽ آبنائي تي قابض برطانوي فوجن جي لاء خطرو بڻجي وئي۔ بالآخر ترڪ انقلابین آبنائي ۽ استنبول تي قبضو ڪري ورتو ۽ پهرين نومبر 1922ء تي سلطنت عثمانيه جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو۔ آخري سلطان محمد ڇهون وحيد الدين ([[1861ء]] تائين [[1926ء]]) 17 نومبر 1922ء تي ملڪ ڇڏي ويو ۽ لوزان معاهدي جي تحت 24 جولاء 1923ء تي باضابطه طور تي ترڪ جمهوريه کي تسليم ڪيو ويو۔ ڪجھ مهينن بعد 3 مارچ 1924ء تي خلافت جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو ۽ سلطان ا۽ ان جي اهل خانه کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏئي ڪري جلاوطن ڪيو ويو۔ 50 سال بعد 1974ء ۾ ترڪ قومی مجلس اعلٰي اڳوڻي شاهي خاندان کي ترڪ شهريت عطا  ڪندي وطن واپسي جي اجازت ڏئي ڇڏي۔
سلطنت عثمانيه جي خاتمي جي نتيجي ۾ جيڪي نوان ملڪ قائم ٿيا انهن جي تعداد هن وقت (متنازع شمالي ترڪ جمهوريه قبرص سان گڏ) 40 ٿئي ٿي۔
 
== حڪومتي نظام ==
Line 224 ⟶ 223:
=== سلطان ===
عثماني ترڪن ايشيائي ڪوچڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بعد هڪ اهڙي سلطنت جو بنياد رکيو جنهن ٽي سو سالن ۾ دنيا جي وسيع ترين ۽ سب کان وڌيڪ طاقتور سلطنت جو روپ اختيار ڪري ورتو ۽ ان ۾ بنيادي ڪردار ترڪ قوم جي شجاعت ۽ تنظيمي صلاحيت هئي جنهن جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه جهڙي وسيع ۽ پائيدار سلطنت قائم ٿي۔ جيئن ته عثماني سلطانن سلجوقين جي نظام کي اپنايو هيو ان لاء فرمانروا جي انتخاب اهل خاندان ڪندا هيا ۽ خاندان جو سربراهه ئي بادشاهه هوندو هيو۔ عملي سياست جي تعلق تائين بادشاهه مرضي جو مالڪ ۽ تمام قوتن جو سرچشمو هيو پران جا تمام اقدام ۽ فعل ان جي خواهش جي مطابق نه هوندا هيا۔ هو قانون، نظام ۽ رسم ۽ رواج جو پابند هيو ۽ شريعت جي سامهون سر جھڪائي ڇڏيندو هو۔ اسلامي قانون کي تقريباً تمام معاملن ۾ برتري حاصل هئي ۽ بادشاهه شريعت جي حدن ۾ رهي ڪري پنهنجي حق ۽ طاقت جو استعمال ڪري سگھندو هيو۔ جيئن ته بادشاهه جي حيثيت مرضي جي مالڪ فرمانروا جي هئي ان ڪري جڏهن ڪمزور سلطان آيا ته سلطنت جا امور وزير انجام ڏيڻ لڳا پر پوء به حڪم سلطان جي طرفان صادر ٿيندا هيا۔
ابتداء ۾ عثماني حڪمران پاڻ کي بيگ ۽ غازي چورائيندا هيا۔ بايزيد پهريون پهريون عثماني حڪمران هيو جنهن سلطان جو لقب اختيار ڪيو ۽ سليم پهريون فتح مصر کان بعد پهريون عثماني خليفو بڻيو۔ سلطان سليمان قانوني جي زماني تائين فوج جي اعلٰي ڪمان سلطان جي هٿ ۾ هوندي هئي ۽ خود جنگ ۾ شرڪت ڪندو هيو پر بعد جي حڪمرانن ۾ هي طريقو نه رهيو جنهن سان سلطان جي وقار کي نقصان پهتو۔
 
=== ديوان ===
Line 239 ⟶ 238:
ابتدائي دور ۾ صرف وزير هوندو هيو پر ان جي وڌندڙ تعداد کان بعد انهن مان هڪ وزير اعظم چورائڻ لڳو جيڪو صدر اعظم بڻجي ويو۔ طاقتور سلطانن جي عهد ۾ صدر اعظم سلطان جي مشير جي حيثيت سان ڪم ڪندو هيو۔ صدر اعظم جي ماتحت وزيرن ۾ وزير جنگ ۽ داخله، صدر اعظم جي غير موجودگي ۾ انجو قائم مقام هوندو هيو، وزير خارجه، جيڪو رئيس آفندي چورائيندو هيو ۽ مير درٻار شامل ٿيندا هيا۔
صدر اعظم جي عهدي تي ڪافي نالا اهڙا شامل آهن جن جون خدمتون عثماني نظام جي لاء ناقابل فراموش آهن جن ۾ ڪوپريلي خاندان قابل ذڪر آهي۔ هي عهدو [[1368ء]] کان [[1922ء]] تائين يعني 554 سالن تائين هي عهدو سلطنت عثمانيه ۾ موجود رهيو جنهن ۾ 211 (يا 215) صدر اعظم ٿيا جن جي اڪثريت غير ترڪن جي هئي ۽ ان ۾ عرب، البانوي، روسي، چرڪسي، يوناني، ارمني ۽ سلافي قومن جا فرد شامل هيا پر ڪڏهن ڪنهن غير مسلم کي صدر اعظم نه بڻايو ويو۔
صدر اعظم جي تقرري خود سلطان ڪندو هيو۔
 
=== قاضي عسڪر ===
ان جي اصل حيثيت فوجي منصف جي هئي ۽ شيخ الاسلام کان بعد ان جو درجو ايندو هيو۔ قاضي عسڪر کي سلطان خود مقرر ڪندو هيو۔ قاضي عسڪر ٻه هيا هڪ يورپي ۽ ٻيو ايشيائي قبضن جي لاء جيڪي بالترتيب قاضي عسڪر روميليا ۽ قاضي عسڪر اناطوليه چورائيندا هيا۔
 
=== دفتر دار ===
Line 249 ⟶ 248:
=== نشانچي ===
نشانچي به ماليات جو ذميدار هيو پر ان جي ذمي ٻيا ڪافي سارا ڪم هيا جن ۾ شاهي مهر هڻڻ، زمين جي معاملن جو اندراج، غلطين جي تصحيح ۽ ان جي ترتيب، اڳواڻن ۽ نيم خود مختيار حاڪمن کي فرمان موڪلڻ وغيرہ۔ نشانچي تمام سرڪاری ڪاغذن جي تياري جو ڪم به ڪندو هيو ۽ ان کان بعد ڪاغذن تي سلطان جي علامت لڳائيندو هيو۔
سلطنت عثمانيه جي قوت ئي هن جي ادارۂ حڪومت جي زبردست نظام تي قائم هئي ۽ ان جي خاص اصولن ۾ اميدوارن جي سٺي انتخاب، تعليم ۽ تربيت جي سخت نگراني، مڪمل نظم ۽ ضبط ۽ پرجوش مقابلو اهم ترين هيا ۽ ان جي بنياد تي ڪو به امیدوار پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ترقي ڪري اعلٰي ترين عهدن تي پهچي سگھندو هيو۔ اهڙي طرح شاهي خاندان ئي اهڙو هيو جنهن ۾ نسلي امتياز تسليم ڪيو ويندو هو تمام عهدن جي لاء صلاحيت کي بنياد بڻايو ويندو هيو.
 
== صوبائي نظام ==
Line 255 ⟶ 254:
صوبا پهريون ايالت چورائيندا هيا جنکي بعد ۾ ولايت ڪيو ويو جڏهن ته سنجق جي حيثيت ضلعن جي هئي۔ ولايتن جا حاڪم بيلربي يا پاشا ۽ ضلعن جا حاڪم سنجق به چورائيندا هيا۔ سنجق جي حاڪم جا ٻه قسم هوندا هيا هڪ شهزادو ۽ غير شهزادو۔
سليمان اعظم جي عهد ۾ سلطنت 21 ولایتن ۽ 250 سنجقن ۾ ورهايل هئي۔ هر صوبي جي هڪ مجلس شوريٰ هوندي هئي جنهن جو صدر اتان جو والي هوندو هيو۔
قضا ڪنهن وڏي شهر يا ان سان ملحق چند قصبن تي مشتمل هوندي هئي ۽ ان جو حاڪم اعلٰي سوباشي يعني فوج جو افسر هوندو هيو۔ ڪوئي ۾ ڳوٺ ۽ قصبا سڀ شامل ڪيا ويا هئا۔ غير فوجي معاملا خصوصاً شرعي ۽ قانوني ڪمن جي ڏيک واٺ قاضي جي ئي سپرد هئي۔
 
== اقتصادي نظام ==
سلطنت جو اقتصادي نظام ان جي جاگرافي تي قائم هيو ڇو ته اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ تمام تجارتي شاهراهون ٽن کنڊن تي پکڙيل هن سلطنت مان گذرنديون هيون۔ انهن تجارتي شاهراهن جي ذريعي ئي انکي محصولن جي ذريعي ايتري ادائگي ٿيندي هئي  جو هو پنهنجي وقت دنيا جي وڏي اقتصادي قوتن مان هڪ بڻجي وئي۔ سلطنت عثمانيه جو مقابلو ڪرڻ جي لاء ئي يورپي قوتن متبادل راهه ڳولهڻ جي لاء بحري مهمون شروع ڪيون ۽ جڏهن 1492ء ۾ [[ڪرسٽوفر ڪولمبس]] آمريڪا دريافت ڪئي ته ان وقت سلطنت عثمانيه پنهنجي عروج تي هئي۔ وچ يورپ ۽ عثمانين جي وچ ۾ تعلقن ۾ تبديلي جو بنياد به نون بحري راستن جي دريافت هيو ۽ ممڪنه طور تي سلطنت عثمانيه جي زوال جي وجهه به ڇو ته يورپي قوتن وچ اوڀر ۽ روم سمنڊ جي بجاء ٻيا رستا اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا جيڪي سلطنت جي مالي حالت جي خرابي جو سبب بڻيا۔
سلطنت هيٺ ڏنل قسمن جي ملڪن ۾ ورهايل هئي:
# ايراضي جو اهو وڏو حصو جنهن جو انتظام سڌوسئون حڪومت عثمانيه جي طرف کان هوندو هيو<br>
# اهي علائقا جن جو انتظام خاص ضابطن جي ماتحت هوندو هيو۔
# متعدد باجگذار صوبا
Line 270 ⟶ 269:
# ٽين اها زمين جن کي بادشاهه جنگي خدمتن جي صلي ۾ عطا ڪيو هو۔ اهي به ٻن حصن ۾ ورهايل هيون ۔ هڪ جنهن تي شرعي اصولن جي مطابق عملدرآمد هوندو هيو ۽ ٻيا جنهن جو نفاذ قانوندانن جي راء جي مطابق هوندو هيو۔
تمام محصولات جو عام نالو خراج هيو ان ۾ جزيو، مال گزاري ۽ محصول پيداوار وغيره شامل هيا۔
رعايا جي فلاح ۽ بهبود ۽ خوشحالي سلطان جو نصب العين هيو ۽ غير مسلم رعايا کان جزيي کان علاوہ ڪوئي ناجائز محصول نه ورتو ويندو هيو۔
 
== فوجي نظام ==
عثماني فوج پنهنجي زماني جي دنيا جي جديد ترين فوج هئي ۽ هو پهرين فوج هئي جنهن بارودي اسلحي جو استعمال شروع ڪيو۔ ان کان علاوہ هو تلوارون، نيزا، تير ۽ ٻيا روايتي اسلحا به استعمال ڪندا هيا۔
1389ء ۾ جنگ ڪوسوو ۽ 1396ء ۾ جنگ نڪوپولس ۾ فتحن کان بعد عثماني فوجن تيزي سان وچ يورپ کي پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽيندا هليا ويا ۽ 1526ء ۾ جنگ موهاڪس ۾ فتح جي ذريعي هنگري تي به قابض ٿي ويون ۽  ٻه دفعا 1529ء ۽ [[1683ء]] ۾ ويانا جو گھيراء به ڪيو۔ انکان
علاوه هي پهرين فوج هئي جيڪا غير ملڪي ماهرن جي خدمتن حاصل ڪندڙ ۽ انجي افسرن کي تربيت جي لاء اولهه يورپ جي ملڪن ۾ موڪليو ويندو هيو۔
 
=== يني چري ===
Line 286 ⟶ 285:
 
=== سپاهي ===
مستقل پيادي فوج کان علاوه هڪ مستقل سوار فوج به هئي جيڪا سپاهي چورائيندي هئي۔ ان جي تربيت به اعلٰي انداز ۾ ڪئي ويندي هئي ذهني قابليت جي لحاظ کان بهتر سپاهين کي حڪومت جي انتظامي شعبي جي لاء منتخب ڪيو ويندو هو۔ سليمان اعظم کان بعد یني چري جي طرح ان ۾ به بدعنوانيون ٿيڻ لڳيون۔
 
=== مهتران ===
Line 309 ⟶ 308:
=== امير البحر ===
عثماني امير البحر ڪپتان پاشا (يا قپودان پاشا) چورائيندو هيو۔ سلطنت جي معروف امير البحرن ۾ خير الدين باربروسا، پيري رئيس، حسن پاشا، پيالي پاشا، طرغت پاشا ا۽ سيدي علي عثماني تاريخ سان گڏ يورپ جي بحري تاريخ ۾ به هميشہ ياد رکيو ويندو۔ بحري فتحن کان علاوه ان جا علمي ڪارناما به نماياں آهن۔
عثماني ترڪن جي بحری طاقت ۾ اضافي سان گڏ امير البحر جي اهميت به ٻه وڌي وئي ۽ باربروسا جي زماني ۾ ڪپتان پاشا ديوان جو باقاعده رڪن بڻجي ويو۔ عهدي جي اعتبار سان هو امير العساڪر جو مساوي ۽ شيخ الاسلام جي ماتحت سمجھيو ويندو هو۔
 
=== عثماني فضائيه ===
Line 325 ⟶ 324:
شيخ الاسلام جا اختيار انتهائي وسيع هيا ۽ ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته سلطان کي لاهڻ متعلق ان جي فتويٰ تمام ضروري هئي ا۽ ان جي بغير سلطان کي لاهڻ ممڪن نه هيو۔
سلطان جي نماز جنازه به هو ئي پڙهائيندو هيو۔ دور زوال ۾ هن منصب ۾ به ڪافي خاميون پيدا ٿي ويون هيون۔
عثمانين جي پوري دور ۾ 131 شيخ الاسلام ٿيا۔ 19 استعفٰي ڏني ۽ ٽن کي ڦاهي ڏني وئي۔ اڪثريت ترڪي نسل جي هئي۔ 1442ء ۾ هن منصب جي ابتدا ٿي ۽ مراد ٻيون جي عهد جو حضرت ملا شمس الدين فتاري پهريون شيخ الاسلام هيو۔ آخري شيخ الاسلام مدني محمد نوري آفندي هيو جنهن سلطنت جي خاتمے تي 1922ء ۾ استعفٰي ڏئي ڇڏيو۔ اهڙي طرح هي عهدو 498 سال برقرار رهيو۔
 
=== قاضي ===
Line 336 ⟶ 335:
== ثقافت ==
ڇو ته سلطنت عثمانيه ٽن کنڊن تي پکڙيل هڪ وسيع سلطنت هئي ان لاء ان کي واحد ثقافت جي طور تي بیان ڪرڻ مشڪل آهي البته مختلف مرڪزن ۾ ان جا مختلف روپ هيا۔
قسطنطنيه جي شهري نموني دمشق، بغداد، [[مڪو|مڪي]]، مديني، قاهره ۽ تيونس ۽ [[الجزائر]] تي اثر انداز ۔ فنڪارن جو اجتماع قسطنطنيه ۾ هيو پر دستڪاري ۽ صنعت جي غير معمولي ترقي اناطوليه ۾ ٿي جنهن ۾ بروصا ۽ ازنڪ کي اهم مقام حاصل هيو۔ ڪافي اهم شهرن ۾ ڪارخاني پوري سلطنت کي ڪپڙو ۽ ٿانو فراهم ڪر کان علاوه غير ملڪن کي به شيون موڪليندو هيا۔ پارچه بافي کان علاوه قالين سازي به سلطنت جي اهم ترين صنعت هئي۔
 
=== عثماني فن تعمير ===
Line 343 ⟶ 342:
عثماني سلطانن فن تعمیر تي خاص توجھ ڏني۔ يني شهر، بروصه، ادرنہ ۽ قسطنطنيه ۾ مسجدن، مدرسن ۽ محلن جي تعمير ۽ فتح قسطنطنيه کان بعد سلطنت ڀرن ۾ عثماني اڏاتون هن عظيم سلطنت جي شوڪت ۽ عظمت جو آئينو آهن ۽ اڄ به هن جي شاندار ماضي جي يادگار جي طور تي موجود آهن۔
چوڏهين صدي جي عثماني دور جي مسجدن ۾ سلجوقي طرز هر جڳهه نمايان آهي جنهن جا اهم ترين مثال بروصه جون شاندار مسجدون آهن جن ۾ بايزيد جامع ۽ اولو جامع نمايان آهن۔
پندرهين صدي ۾ استنبول جي مسجد ۾ بروصه جي طرز جو نقل ڪيو ويو پر وڏين مسجدن ۾ اياصوفيه جامع جي طرز تعمير جو نقل ڪيو ويو جيڪي بازنطيني گرجا هئي جنهن کي فتح قسطنطنيه کان بعد مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو هو۔ ترڪ معمارن جديد عثماني طرز تعمير جون ڪافي شاندار ۽ بلند عمارتون ٺاهيون جن ۾ فاتح جامع، سليميه جامع، سليمانيه جامع ۽ اورتاڪوئي جامع نمايان آهن۔ عثماني طرز تعمير انهن عمارتن جي ذريعي اڄ به پنهنجي پوري شان ۽ شوڪت سان موجود آهي ايتري تائين دنيا ڀر ۾ جتي به ترڪ مهاجرن مسجدون تعمير ڪيون هو اهڙي طرز تعمير جو شاهڪار آهن۔ [[پاڪستان]] جي گادي جي هنڌ [[اسلام آباد]] ۾ واقع فيصل مسجد جا مينار به ترڪ طرز تعمير جا حامل آهن۔
 
[[عڪس:Dolmabahce Palace.Turchia.JPG|250px|thumb|دولما باغچه محل، استنبول]]
Line 356 ⟶ 355:
عثماني سلطنت جو سرڪاري مذهب [[اسلام]] هيو پر غير مسلمن خصوصاً اهل ڪتاب (عيسائين ۽ يهودين) سان ان جو اعلٰي رويو مسلمانن جي فراخ دلي جو واضع ثبوت آهي۔
محمد فاتح قسطنطنيه کي فتح ڪرڻ بعد مقامي عيسائين کي شهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ۽ انهن جي چند گرجا گھرن کي به بحال رکيو۔ 1492ء میں سقوط غرناطه کان بعد اسپين مان ڪڍيل مسلمانن کي بخيريت مسلم سرزمین تي پهنچائڻ جي عظيم مهم هلائي وئي ان ۾ ڪيترن ئي يهودين کي به عيسائين جي ظلمن کان بچائي ترڪ سرزمين تي آندو ويو ۽ انهن کي سلطنت عثمانيه ۾ آزادي سان رهڻ جي اجازت ڏني وئي۔
اسلامي شريعت مملڪت جو بنیادي قانون هئي ۽ ان جو ماخذ قرآن ۽ حديث هيا ۽ انهن ٻنهي کان رهنمائي نه ملڻ جي صورت ۾ اجماع يا قياس کان ڪم ورتو ويندو هو۔
 
=== علم ۽ ادب ===
Line 367 ⟶ 366:
# اصلاحات جو دور: هي ٽيون دور ڇو ته سلطنت عثمانيه جي خاتمي کان بعد شروع ٿيو ان لاء اسان جو موضوع بحث نه آهي۔
محمد فاتح جي دور ۾ تعليم جي سلسلي جي باقاعده شروعات ٿي، هو خود به عالم جو وڏو قدردان هيو۔ محمد جي جانشينن تعليم کي خوب ڦهلايو ۽ هر سلطان هڪ مسجد ضرور تعمير ڪرائيندو هيو جنهن سان گڏ مدرسو قائم ڪرڻ به لازمي هيو۔ اهڙي طرح مسجدن سان گڏ مدرسن جي تعداد به وڌندي وئي۔ مصطفٰي ثالث جي عهد ۾ صرف قسطنطنيه ۾ تقريباً ٽي سو مدرسا هيا۔
دور تنظيمات ا۾ جامعه عثمانيه جو قيام عمل ۾ آيو۔ تعليم جي ترقي جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو [[1892ء]] ۾ صرف قسطنطنيه ۾ هر قسم جي مدرسن جي تعداد 500 هئي جن ۾ 13 وڏيون [[ڪاليج]]ون هيون۔
 
== عثماني گادي جا هنڌ ==
Line 394 ⟶ 393:
|align="center"|[[عڪس:Muradhudavendigar.jpg|100px]]
| align="center" |خداوندگار
| align="center" |[[مراد پهريون| خان خداوندگار]]
| align="center" |1362 -1389
|-
Line 575 ⟶ 574:
* [http://ottomanfoothill.googlepages.com سلطنت عثمانيه: هڪ لازوال رياست]
* [http://www.osmanli700.gen.tr/english/engindex.html عثمان ويب سائيٽ]
* [http://www.euratlas.com/big/big1600.htm سلطنت عثمانيه] 1600ء ۾ يورپ جو نقشو جنهن ۾ سلطنت جو تفصيلي نقشو به موجود آهي<br>
* [http://books.google.com/books?vid=LCCN05017306&id=LFbTIBgjbqQC&pg=PA257 ترڪ سلطنت جي تاريخ]
* [http://www.wsu.edu:8080/~dee/OTTOMAN/OTTOMAN1.HTM عالمي تهذيبون: عثماني] —