"رزاق مهر" جي ورجائن ۾ تفاوت

٧ بائيٽون لاٿ ،  ٥ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
(نئون صفحو: پورو نالو رزاق مھر ولد رانجهو خان مھر، ادبي نالو رزاق مھر. تاريخ پيدائش 20 جولاءِ 1954ع ڏينھن اڱارو، ...)
 
پورو نالو رزاق مھر ولد رانجهو خان مھر، ادبي نالو رزاق مھر. تاريخ پيدائش 20 جولاءِ 1954ع ڏينھن اڱارو،[[اڱارو]]، 18 شوال 1373 هجري، 5 ساوڻ 2011 بڪرمي تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. بي.اي ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ايم.اي سنڌي ادب ۾ 1979ع [[سنڌ يونيورسٽي]] مان ڪئي. ملازمت جي شروعات ڊرافٽس مين جي حيثيت سان بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي ۾ ڪئي. 1989ع ۾ ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، مختلف شھرن جي ڪاليجن جھڙوڪ جوهي، قمبر ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪيائين. پھرين ڪھاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکيائين. سندس ڪھاڻين جا مجموعا ”سڪون ڪٿي آهي“، ”ڊهندڙ ليڪا“ 1982ع ۾ ڇپيا. رزاق مھر فقط ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه هيو پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هو. هن جي ڪھاڻي ”آڙاهه“ کي 1987ع ۾ [[سنڌي ادبي بورڊ]] پاران بھترين ڪھاڻيءَ جو ايوارڊ مليو. سندس وفت 15- آگسٽ 2002ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري ٿي. By: Khalid Chandio