لال ڪرشن آڏواڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: سنڌ ڄائو '''ايل . ڪي. آڏواڻي'''، ڀارت جو اڳوڻو ڊپٽي وزيراعظم هن وقت اتان جي لوڪ سڀا ۾ مخالف ڌر جو... |
سنوار جو تَتُ ڪونهي |

سِٽَ 1:
[[سنڌ]] ڄائو '''ايل . ڪي. آڏواڻي'''، [[ڀارت]] جو اڳوڻو ڊپٽي وزيراعظم هن وقت اتان جي لوڪ سڀا ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ پڻ آهي. سندس جنم 8 آگسٽ [[1927ء]] تي [[ڪراچي]] ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ڪشنچند ڌرم داس هو ۽ ماءُ جو نالو گياني ديوي . شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين، پوءِ ڊي جي نيشنل ڪاليج [[حيدرآباد]] (سنڌ) مان پڙهي گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. سندس شادي ڪملا جڳتياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس هڪ پٽ جينت ۽ ڌيءَ پراتڀا آهي. ايل . ڪي آڏواڻي [[1973ء]] کان [[1977ء]] تائين ”ڀارتيه جن سنگهه“ جو صدر رهيو، پوءِ [[1977ء]] ۾ بي جي پي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. [[1977ء]] کان [[1979ء]] تائين انڊيا جي اطلاعات ۽ نشريات کاتي جو وزير رهيو. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ڀارتي سياست ۾ کيس هيٺيون ذميواريون مليون.
هائوس ليڊر – راجيه سڀا (79-1977ء)
اپوزيشن ليڊر – راجيه سڀا (81-1979ء)
جنرل سيڪريٽري – بي جي پي (86-1980ء)
صدر – بي جي پي (91-1986ء)
نائين، ڏهين ۽ يارهين لوڪ سڀ لاءِ منتخب ٿيو (1991ء-1989ء)
گهرو معاملن بابت ڪئبنٽ منسٽر (2004ء-1999ء)
ڊپٽي وزيراعظم