آخرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''آخرت''' عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پڄاڻي، پڇاڙي، عقبيٰ، ايندڙ جهان يا قيامت. اص...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 07:39, 30 آڪٽوبر 2015ع

آخرت عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پڄاڻي، پڇاڙي، عقبيٰ، ايندڙ جهان يا قيامت. اصطلاحي زبان ۾ ”حيات، بعدالموت“ يعني هن حياتيءَ کان پوءِ موت بعد ملندڙ زندگيءَ کي ”آخرت“ چئبو آهي. اڳين دنيا، ٻي دنيا ۽ موت کان پوءِ واري حياتي ئي ”آخرت“ آهي. آخرت تي ايمان آڻڻ، اسلام جي اصولن مان اهم اصول آهي. خدا پاڪ قرآن مجيد ۾ واضح طور فرمايو آهي ته ”جيڪو شخص آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو آڻي، اهو منڪر آهي.“ خدا جي نيڪ ٻانهن لاءِ آخرت واري حياتي، بقادار حياتي آهي. آخرت مسلمانن جي عملن جو بدلو آهي.“ آخرت جي عقيدي کي دنيا جا ٻيا مذهب به مڃن ٿا. قديم بابل ۽ آشوريه جا رهاڪو به ”حيات بعدالموت“ ۾ يقين رکندي، چڱن ۽ برن ڪمن (عملن) جي فرق کي سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح قديم مصري، آفريقي ۽ آمريڪي وغيره به ”آخرت“ جي عقيدي کي دل و جان سان تسليم ڪن ٿا. خود هندو به هن عقيدي ۾ پاڻ کي پابند سمجھن ٿا.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AE%D8%B1%D8%AA