وڪيپيڊيا:کاتي جي لاءِ درخواست ڏيو: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي |
سنوار جو تَتُ ڪونهي |
||
سِٽَ 13:
جڏهن لاڙڪاڻي کان دادو ايندي هڪ ننڍي ريلوي اسٽيشن ڦلجي تي لهي صرف سامهون نظر ڪبي هئي ته ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ ( رضوان ڪلينڪ ) نظر اچي ويندي هئي........... ۽ ڦلجي هڪ ننڍو شهر آهي سو ان ڪري ڊاڪٽر صاحب کي ڦلجي جو ٻچو ٻچو سڃاڻيندو هو، سندس ڪلينڪ جي سامهون شام جو جڏهن ڇڻڪار ايندو هو ته ان جي هڪ الڳ خوشبوء ايندي هئي، جيڪا خوشبوء ڊاڪٽر صاحب جي محبت واري خوشبوء سان رلي ملي ڪري هڪ الڳ خوشبوء ۾ تبديل ٿئي ويندي هئي، جيڪا الفاظن ۾ بيان ڪري نه ٿي سگهجي، مان جڏهن خيالن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ جو تصور ڪريان ٿو ته الائي ڪهڙي دنيا ۾ هليو ٿو وڃان، سندس ڪلينڪ تي هميشه ريڊيو پيو هلندو هو، ۽ سندس ڪڇ ۾ به هڪ ريڊيو هوندو هو،........ . ريـــــــــڊيو ڄـــڻ ڊاڪٽر صاحب جي هڪ سڃاڻپ بڻجي ويو هو،
ڊاڪٽر صاحب سان پهرين ملاقات.... 80 جي عشري ۾ ريڊيو پاڪستان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي هئي، سنڌ ۾ خاص ڪري ريڊيو خيرپور ميرس. جنهن جي شروعات مارچ جي مهيني ۾ 1983ع ۾ ٿئي، هيءُ ريڊيو اسٽيشن نشرياتي دور ۾ ٽاپ ڪري وئو. هن علائقي جي علمي، ادبي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي قدرن کي هڪ وڏو نالو ملي ويو، ريڊيو خيرپور جا ان وقت ۾ مشهور پروگرام هئا، .... نئون سج، ماروئڙ، اوهان جو خط پهتو، سهڻي ڌرتي، لطيف ڪوئس، لوچين سي لهن.لاٽ ٻرندي رهي جوت جلندي رهي. ۽ هن اسٽيشن خدمتن جا وڏا رڪارڊ قائم ڪري ورتا، براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ وڏي مڃتا ماڻي، ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ ريڊيو جو هڪ يادگار دور بڻيو، خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جي ماڻهن ان وقت جي وندر جو ڀرپور فائدو ورتو، ريــــــــــــڊيو اڄ به پنهنجي بادشاهت قائم ۽ دائم رکيو پيو اچي، مگر سندس طور طريقا، معيار، انداز وقت ۽ حالات جي هٿان پلٽو کائي ڪري هڪ الڳ رخ اختيار ڪري ويا آهن. جيڪا شايد وقت جي ضروت هئي............ريڊيو جي دنيا جو هي
تون ڀي ڪڇ اور اور هي،هم ڀي ڪڇ اور اور هين
جاني وه تون ڪــــهان گيا، جاني هم ڪڌر گئي
ريڊيو گهر ۾ دڪان تي توڙي سفر ۾مون ساڻ هوندو هو، گهر ۾ ۽ سگريٽن جي ڪيبن تي ته وڏا ريڊيا هوندا هئا پر سفر ۾ هميشه پاڪيٽ سائيز ريڊيو ساڻ کڻندو هئس،ان وقت ۾ پنهنجو نالو ريڊئي تان ٻڌي ڪري دل باغ بهار ٿئي ويندي هئي۔ جنهن جو مزو هڪ پنهنجو مزو هو، جيڪو بيان ڪري نه ٿو سگهجي۔انهن ڏينهن ۾ ريڊيو جا ٻڌندڙ پڻ ڪافي دوست ٿئي ويا هئا، جن مان ڪافي ته دوستن جا نالا وسري ويا آهن، پر انهن مان محبت ديري جتوئي جو عبدالغفور ڀونئر، ۽ ٺٽه گجو جو هڪ سومرو ، ۽ ڦلجي اسٽيشن جو ڊاڪٽر قربان علي جهتيال خاص دوست ٿئي ويا هئا، جن سان قلمي دوستي جو هڪ عجيب رشتو هلندو هو، ٽٺه جي دوست جو ذڪر ته مون پنهنجي دوست محترم اشفاق احمد وگهيو صاحب سان به ڪيو هو، جڏهن ٺٽه جي شهر ۾ موجود هئاسين ۽ اشفاق چيو ته تنهنجي ان دوست کي ڳوليون ٿا، مگر ڳالهه رهجي وئي.
|