"وڪيپيڊيا:کاتي جي لاءِ درخواست ڏيو" جي ورجائن ۾ تفاوت

سنوار جو تَتُ ڪونھي
(نئون صفحو: صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛ منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛ جنين ساڻس ويرُ، ٿئ...)
 
ريڊيو جي دنيا ۽ ڊاڪٽر قربان علي جهتــــــــــــيال رح....ممتاز مصطفه وگهيو
 
 
 
صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛
منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛
جاني وه تون ڪــــهان گيا، جاني هم ڪڌر گئي
 
( ريڊيو گهر ۾ دڪان تي توڙي سفر ۾مون ساڻ هوندو هو، گهر ۾ ۽ سگريٽن جي ڪيبن تي ته وڏا ريڊيا هوندا هئا پر سفر ۾ هميشه پاڪيٽ سائيز ريڊيو ساڻ کڻندو هئس،ان وقت ۾ پنهنجو نالو ريڊئي تان ٻڌي ڪري دل باغ بهار ٿئي ويندي هئي۔ جنهن جو مزو هڪ پنهنجو مزو هو، جيڪو بيان ڪري نه ٿو سگهجي۔انهن ڏينهن ۾ ريڊيو جا ٻڌندڙ پڻ ڪافي دوست ٿئي ويا هئا، جن مان ڪافي ته دوستن جا نالا وسري ويا آهن، پر انهن مان محبت ديري جتوئي جو عبدالغفور ڀونئر، ۽ ٺٽه گجو جو هڪ سومرو ، ۽ ڦلجي اسٽيشن جو ڊاڪٽر قربان علي جهتيال خاص دوست ٿئي ويا هئا، جن سان قلمي دوستي جو هڪ عجيب رشتو هلندو هو، ٽٺه جي دوست جو ذڪر ته مون پنهنجي دوست محترم اشفاق احمد وگهيو صاحب سان به ڪيو هو، جڏهن ٺٽه جي شهر ۾ موجود هئاسين ۽ اشفاق چيو ته تنهنجي ان دوست کي ڳوليون ٿا، مگر ڳالهه رهجي وئي. ) مان جڏهن اڃان ستين اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ۽ مان ريڊيو خيرپور ميرس جا پروگرام وڏي شوق سان ٻڌندو هئس، ۽ انهن پروگرامن ۾ ذهني آزمائش جا پروگرام به نشر ٿيندا هئا، ۽ مان انهن پروگرامن ۾ حصو وٺندو هئس، ۽ انهن ڏينهن ۾ محترم سائين ڊاڪٽر جهتيال صاحب به انهن پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو، ۽ ريڊيو خيرپور پاڪستان جي ڪوئس پروگرامن ۾ يا ان کان علاوه به ريڊيو تان جيڪي تمام گهڻي مقدار ۾ خط نشر ٿيندا هئا، اهي ڊاڪٽر جهتيال صاحب جا هوندا هئا. ۽ انهن خطن جي رستي اسان جي به سلام دعا ٿئي، ۽ مون پهرين خط سان گڏ کيس پاڪيٽ سائيز هڪ قرآن مجيد پڻ سوکڙي پوسٽ ڪري موڪليو هو، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻو پسند ڪيو هو، ۽ مون کي خط لکي ڪري دعوت ڏني هئائين ته مون وٽان چڪر ڏئي وڃ. (جڏهن ته ان وقت منهنجي عمر 14 سال مس هئي ۽ اهيا ڳالهه تقريبن 24 سال پراڻي آهي ان کانپوء ڊاڪٽر صاحب سان خط و ڪتابت پڻ هلندي رهي جيڪا ڪافي عرصي تائين پڻ جاري رهي۔) ۽ هڪ ڏينهن اسڪول جي رسيس جي ٽائيم ۾ مان ۽ منهنجو هڪ ڪلاس فيلو محترم شاهنواز ميمڻ ولد .....( جنهن جو چاندني چونڪ دادو ۾ سگريٽ ٻيڙي جو دڪان هوندو هو.)- دادو مان بس تي چڙهي ڪري ڦلجي اسٽيشن پهتاسين، ۽ پڇا ڳاڇا ڪري ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ تي پهتاسين ۽ ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ڪئي سين، ڊاڪٽر صاحب مون کي ڏسندي سڃاڻي ورتو، ان جو ڪارڻ اهيو هو ته مان کيس پنهنجي تصوير خط ۾ موڪلي چڪو هئس، ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻي پيار محبت سڪ ۽ اڪير ۽ شفقت سان مليا، ۽ اسان شاگرد هئاسين ۽ ٻار به هئاسين مگر ان هوندي به ڊاڪٽر صاحب اسان کي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڏنو، جيڪو مان هيترا سال گذرڻ جي باوجود وساري نه سگهيو آهيان. ڊاڪٽر صاحب پنهنجا ڪجهه ڪتاب پڻ ڏيکاريه جيڪي ريڊيو جي ڪوئس پروگرامن ۾ سوال ڳولڻ ۾ استعمال ڪندا هئا، ء ڊاڪٽر صاحب اسان کي ڦلجي شهر جا پڪوڙا،مائو، ۽ چانهن نوش ڪرائي، سندس اها خدمت مان شايد ڪڏهن وساري نه سگهان.۽ تقريبن ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري ۽ ڊاڪٽر صاحب کان مولايوسين، جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب اسان کي زور ڀريو ته مون وٽ رات رهو ۽ شام جو گهر هلنداسين ۽ گهر ۾ ڪچهريون ڪندا سين ۽ توهان جي خدمت ڪرڻ جو موقعو به ملي ويندومگر اسان سندس شڪريه ادا ڪندي موڪلايو اهو ان ڪري جو اسان کي پنهنجي مائٽن جا موچڙا به سجهن پيا،ڇو جو انهن کي اهيا خبر نه هئي ته اسان اسڪول ٽائيم ۾ ڦلجي پهتا آهيون.، ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو پي ٽي سي ايل نمبر ڏنو، جنهن نمبر تي پڻ ڊاڪٽر صاحب سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي، مگر زماني جي گردشن ۽ پريشانين جسماني طور پري ڪري ڇڏيو، هو مگر محبت قائم ۽ دائم هئي، هن شاهه رح جي سٽن وانگر... ڪـــــــــي ڏور به اوڏا ســـــــــــــــپرين... اڄ ڊاڪٽر صاحب اسان جي وچ ۾ موجود ته نه آهي، مگر ساڻ گزاريل پل، پل پل ياد رهندا ۽ هميشه ياد رهندا. دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين.
 
 
گمنام واپرائيندڙ