خواجه محمد طاهر بخشي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
خواجه محمد طاهر عباسي بخشي نقشبندي مجددي هاڻوڪي دؤر ۾ سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ ۽ روحاني مرشدرهبر آهي جنهن جا مريد سنڌ کان سوا پاڪستان ۽ ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود آهن. پاڻ نقشبندي مجددي طريقي جو مرشد آهي.
 
مولانا محمد طاهر عباسي نقشبندي کي سنڌ ۾ سندس مريد پيار مان محبوب سڄڻ سائين سڏيندا آهن، جنهن ڪري کيس ان ئي لقب سان سڃاتو ويندو آهي. پاڻ [[درگاه الله آباد شريف]] لڳ [[ڪنڊيارو]] جو گادي نشين آهي، جنهن جي بنياد سندس والد ۽ مرشد پير سهڻا سائين وڌي هئي. سهڻا سائين لاڙڪاڻي جي مشهور بزرگ [[خواجه عبدالغفار نقشبندي|پير مٺا سائين]] جو سڀ کان وڏو خليفو هو ۽ جماعت اصلاح المسلمين جو باني پڻ هو.
 
==تعليم ۽ تربيت==
سڄڻ سائين 1963 ۾ لاڙڪاڻي جي ڀرسان درگاههدرگاھ رحمت پور شريف ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس والد دادو ضلعي ۾ راڌڻ جي ويجهو درگاه فقيرپور شريف قائم ڪئي، جتي سڄڻ سائين پنهنجي بنيادي تعليم پرائي. ان بعد سهڻا سائين ڪنڊيارو جي لڳ درگاههدرگاھ الله آباد شريف قائم ڪئي جتي هڪ وڏو ديني مدرسو به قائم ڪيو ويو. سڄڻ سائين انهيءَ مدرسي مان تعليم پرائي ۽ اعليٰ تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مدرسن مان حاصل ڪئي جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري به حاصل ڪئي.
 
تصوف جي نقشبندي طريقي ۾ پاڻ پنهنجي والد سهڻا سائين کان روحاني تربيت ۽ نسبت حاصل ڪئي. سلوڪ جي سبقن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سهڻا سائين کيس خلافت عطا ڪئي. سهڻا سائين جي وفات کان پوءِ سندس مڙني خليفن گڏجي ڪري سڄڻ سائين کي درگاهه جو گادي نشين بڻايو ۽ سڀني مريدين نئين سر ساڻس بيعت ڪئي.
سِٽَ 15:
* سهڻا سائين جو ڏوهٽو مولانا [[محمد جميل عباسي]] نقشبندي طاهري
* پير مٺا سائين جو ڏوهٽو صاحبزاده [[ديده دل غفاري]]، جيڪو درگاهه غريب آباد، لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.
* [[پير فضل علي قريشي]] جو ڏوهٽو [[مولانا رفيق احمد شاههفضلي|مولانا رفيق احمد شاھ فضلي نقشبندي،نقشبندي]]، جيڪو درگاههدرگاھ [[مسڪين پور شريف]]، [[مظفرڳڙھ ضلعو|ضلعي مظفرڳڙھ]] جو گادي نشين آهي.
* [[علامه محمد ادريس ڏاهري]] نقشبندي، جيڪو سنڌ جو مشهور واعظ ۽ خطيب آهي ۽ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جو مصنف آهي. سندس ڪارنامن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن جي مڪمل تفسير نوَ جلدن ۾ لکيل به شامل آهي.
* [[سيد جيئل شاهه جيلاني|پير سيد محمد جيئل شاهشاھ جيلاني]]، جيڪب آباد (وفات 2015)
* [[حاجي خير محمد عباسي]] نقشبندي طاهري، گاڏي کاتو، حيدرآباد (وفات 2011)
* [[پير رياست علي طاهري]]، سيالڪوٽ، پنجاب
* پير سيد اسماعيل شاهشاھ طاهري، راولپنڊي، پنجاب
* [[حاجي محمد علي بوزدار]]، [[ٽنڊو الهيار ضلعو]] (وفات 1996)