==درويش حاجي محمد اسماعيل نظاماڻي==
حضرت خليفه احمد خان جي جمله اولاد جو ته تذڪرو نه ٿو ملي، مگر سندن هڪ فرزند محمد هاشم نالي هيو جنهن کي وري هڪ فرزند [[درويش محمد اسماعيل نظاماڻي|حاجي محمد اسماعيل]] هيو جيڪو مجذوب طبيعت ۽ درويش صفت انسان هيو. پاڻ ستر سال کان وڌيڪ عمر گذاري نيٺ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو ۽ پنهنجي ڏاڏي حضرت خليفه صاحب جي ڀرسان نم جي ڳوٺ، ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ آرامي آهي.
حضرت خليفه احمد خان جي جمله اولاد جو ته تذڪرو نه ٿو ملي، مگر سندن هڪ فرزند محمد هاشم نالي هيو جنهن کي وري هڪ فرزند حاجي محمد اسماعيل هيو جيڪو مجذوب طبيعت ۽ درويش صفت انسان هيو. حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي رحمة الله عليہ سندس باري ۾ لکن ٿا ته ننڍپڻ کان وٺي منجهس مجذوبيء جو اثر هو. پاڻ سادي طبيعت وارو هو ۽ سادي گفتگو ڪندو هو. زماني جي طور طريقن کان ڄڻ ته بلڪل ناواقف هو. عبادتن ۽ ورد وظيفن ۾ توڙي جو ميانه روي ڪندو هو، پر تنهن هوندي به باطن جي صفائي ايتري هئس جو ٻين جي دلين جا راز ڄاڻي وٺندو هو. هڪ شخص ٻڌائي ٿو ته هو جيترا ڀيرا سندس خدمت ۾ دعا گهرائڻ واسطي حاضر ٿيو، پاڻ بغير کانئس پڇڻ جي سندس مقصد کي زبان تي آڻي دعا ڪيائين.
مولانا حسن جان مجددي عليہ الرحمة جا والد محترم حضرت حاجي عبدالرحمان سرهندي مجددي (وفات 1315ھ) رحمة الله عليه، جيڪي پنهنجي وقت جا ڪامل ولي ۽ عارف هئا، سي جڏهن افغانستان کان حرمين شريفين ڏانهن هجرت ڪرڻ جي ارادي سان سنڌ ۾ آيا ته ٽکڙ جي شهر ۾ سندن قيام ٿيو. حاجي محمد اسماعيل نظاماڻي به سندن تشريف آوري جو ٻڌي سندن زيارت لاءِ حاضر ٿيو. هڪڙي ڏٻري گهوڙيءَ ۽ هڪ ڪمزور خذمتگار ساڻس گڏ هيا ۽ پاڻ به سادي پراڻي لباس ۾ هيو. حضرت حاجي عبدالرحمان عليه الرحمة جنهن مهمان خاني ۾ ترسيل هئا ان جي مٿين ماڙ تي مهمانن جي ترسڻ جو انتظام هيو جڏهن ته ڇت جي هيٺان گهوڙن ٻڌڻ جي جاءِ هئي. درويش محمد اسماعيل انهي گهوڙن ٻڌڻ جي جاءِ ۾ ئي پنهنجي لاءِ سمهڻ جي جاءِ ٺاهي ۽ اتي ئي رهي پيو. کيس ٻڌايو به ويو ته سائين اوهان مٿي هلي ترسو، پر نه ٻڌائين. اونهاري جي هوا ۽ مٿان مٽي ۽ دز جو طوفان جنهن ۾ ڪک پن مٿانئن اچي پوندا هئا، پر پاڻ تمام فرحت مان اتي ئي ويٺو رهيو. حضرت حاجي عبدالرحمان سرهندي به سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻين کي ڇڏي خاص اچي ساڻس گڏ ويهندا هيا.
ڪجھ وقت پوءِ حضرت خواجه عبدالرحمان سرهندي رحمة الله عليه جن نم جي ڳوٺ ۾ تشريف فرما ٿيا ته حاجي محمد اسماعيل دعوت کان پوءِ دعا طلبي لاءِ کين پنهنجي گهر وٺي آيو. اتي کين عرض ڪيائين ته حضرت دعا فرمايو ته الله پاڪ مون کي فرزند عطا ڪري. حضرت جن خوش طبعيءَ مان فرمايو ته فرزند تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندو، تنهنجي عمر ستر سال کان مٿي ٿي چڪي آهي، هاڻي جي فرزند ڄايو سو تنهنجي ڪهڙي خدمت ڪندو. پاڻ عرض ڪيائين ته حضرت، آئون فرزند انهيءَ لاءِ گهران ٿو ته جيئن حضرت امام مهدي جي لشڪر ۾ شامل ٿئي. حضرت جن سندس لاءِ دعا فرمائي ۽ الله تعالى کيس پٽڙو عطا فرمايو جنهن جو نالو پاڻ محمد پريل رکيائين.
ان روايت مان معلوم ٿئي ٿو تو کيس حضرت امام مهدي عليه السلام جن سان ڪيتري قدر محبت هئي. اڪثر سندن نالو ورد جيان پڪاريندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته منهنجي لاءِ دعا گهرو ته امام مهدي کي ڏسان ۽ سندن لشڪر ۾ شامل ٿيان.
حاجي محمد اسماعيل وچولي قد وارو، سونهاري مبارڪ گهاٽي، سفيد چهرو ۽ ويڪريون اکيون هيس. پاڻ ستر سال کان وڌيڪ عمر گذاري نيٺ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو ۽ پنهنجي ڏاڏي حضرت خليفه صاحب جي ڀرسان نم جي ڳوٺ ۾ آرامي آهي.
==حوالا==
|