آبھوا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: آبھوا لفظي معنيٰ ”پاڻيءَ ۽ ھوا جي گڏيل ڪيفيت“. اصطلاحي معنيٰ ”ڪنھن ملڪ، شھر يا خطي جي موسمي طب...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 08:58, 13 آڪٽوبر 2015ع

آبھوا لفظي معنيٰ ”پاڻيءَ ۽ ھوا جي گڏيل ڪيفيت“. اصطلاحي معنيٰ ”ڪنھن ملڪ، شھر يا خطي جي موسمي طبعي حالت“.

سنڌ ۾ چار مندون ٿين ٿيون: سيارو، بھار، اونھارو ۽ سرءُ. فيبروريءَ جي اڌ کان بھار يا بسنت جي مند شروع ٿيندي آھي، جيڪا اپريل جي اڌ تائين ھلي ٿي ۽ پوءِ گرمي شروع ٿيندي آھي. مينھن جي موسم جون، جولاءِ کان شروع ٿيندي آھي. گرميءَ ۾ ٻنپھرن جو سج ڪاپار تي ھوندو آھي، جنھنڪري گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آھي. جون جو مھينو سخت گرم ھوندو آھي. انھيءَ مھيني ۾ جيڪب آباد ۾ گرميءَ جو درجو 126 فارنهائيٽ ڊگرين تائين پھچي ويندو آھي. عام طرح اونھاري ۾ گرميءَ جو درجو 115 فارنهائيٽ ڊگريون ھوندو آھي. نومبر کان سياري جي مند شروع ٿي ويندي آھي. سياري ۾ ھوا اتر اڀرندي کان لڳندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن برسات به پوندي آھي.

ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ضلعا سامونڊي ڪناري سان لاڳو ھئڻ ڪري، اونھاري ۾ گھٽ گرم ۽ سياري ۾ گھٽ سرد ٿين ٿا. سرءَ جي رت تپاوليءَ ۽ پن ڇڻ جي رت ھوندي آھي ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جا ڏھاڙا سرءَ ۾ شمار ٿيندا آھن. ھيءَ مند ڪڻڪ پوکڻ جي ھوندي آھي. سنڌ جي جدا جدا خطن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن وانگر گرميءَ توڙي سرديءَ جو درجو گھٽ وڌ به ٿيندو رھندو آھي.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%A8%DA%BE%D9%88%D8%A7