"ٻج" جي ورجائن ۾ تفاوت

٩٦٠ بائيٽون واڌ ،  ٦ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
 
[[عڪس:Avocado_seed_diagram-en.svg|thumb|250x250px|ٻج جا اندريان حصا]]
[[عڪس:Phaseolus_vulgaris_seed.jpg|thumb|240x240px|مختلف بينس جا ٻج۔]]
'''ٻج''' : (Seed) ڪنھن به [[اناج]]، [[وڻ]] ۽ ول وغيره جو داڻو، يا تخم، جيڪو پوکجي ته ان مان سلو پيدا ٿئي. ڪن پڪل فصلن جي ٽڪرن ۽ ڳرين وغيره کي به ”ٻج“ چئبو آھي، جيئن پٽاٽي جا ٽڪر، ڪماند جون ڳريون، لاھوري [[گجر]] جا ٽڪر وغيره، ڪن ٻوٽن جون ”اکيون“ به ٻج طور، ٻين ٻوٽن ۾ پيوند ڪبيون آھن، ڪنھن به وڻ، ٻوٽي، جاندار جيت، جانور يا ساھواري جو خلياتي جز، جنھن ۾ ساڳئي نسل جي وڌڻ، ويجھڻ ۽ پکڙجڻ جون جملي صلاحيتون موجود ھونديون آھن. مثال طور جنھن ٻوٽي جو ٻج آھي، اھو ٻج ڦاٽي، وڌي ويجھي، پنھنجي نسل جا ٻيا ٻج پيدا ڪري ٿو، اھو ئي حيات مسلسل جو سلسلو آھي. قدرت جو اھو ڪرشمو آھي، جو نموريءَ ۾ سڄي نم سمايل آھي ته [[گلاب]] جي ٻوٽي ۾ سوين گل، مکڙين ۽ پنن سوڌا سمايل آھن.
'''ٻج''' : (Seed) :هي [[ميوو|ميون]] ۽ سبزين جي اندر ملندڙ شيء آهي جنهن کي پوکي نوان ٻوٽا تيار ڪيا ويندا آهن۔