آتم ڪهاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ڪنهن به شخص جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جو احوال يا سوانح عمري، -آتم ڪهاڻي- سڏبي آهي. سنڌي ٻوليءَ...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
ڪنهن به [[شخص]] جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جو احوال يا سوانح عمري، -آتم ڪهاڻي- سڏبي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ -جن- عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، -تن- جو ڪجهه تفصيل هن طرح آهي: مرزا قليچ بيگ ”سائو پن، ڪارو پنو“، علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو ”منهنجي مختصر -آتم ڪهاڻي-“، جي. ايم سيد ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ (ٻه جلد ڇپيل، ڪل 5 جلد لکيل)، شيخ -اياز- ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (4 جلد) ۽ ”جڳ مڙوئي سپنو“، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ (ٻه جلد)، هري دلگير ”چولو منهنجو چِڪ ۾“ ۽ ”گند جنين جي گوڏ ۾“، پوپٽي هيراننداڻي ”منهنجي جيون جا سونا روپا ورق“، موتي لال جوتواڻي ”-آتم ڪٿا جي نالي ۾-، هري موٽواڻي ”آخري پنا“، ڪيرت ٻاٻاڻي ”ڪجهه لڪايم، ڪجهه ٻڌايم“ (4 جلد)، گوبند مالهي ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، (5 جلد)، نارائڻ داس ملڪاني ”نرالي زندگي“، ريٽا شهاڻي ”-ٻپهريءَ جا ٻه پل-“ (جيڪو سندس ٻن آتم ڪٿائي ڪتابن ”گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ -ٻپهريءَ جا ٻه پل-“ جو گڏيل ڪتاب آهي. نارائڻ ڀارتي ”سرءُ جا پن“، موهن ڪلپنا ”-بک-، عشق، ادب“، رام) پنجواڻي ”يادگيريون“، -ارجن سڪايل- ”غفائن جي ياترا“، -ٻلديو گاجرا- ”زندگيءَ جا ورق“، محمد -اسماعيل عرساڻي- ”سکر سيئي ڏينهن“، لعل -بن- يوسف ”منهنجي پنهنجي ڪهاڻي“، -الهبچايو مرڻاس- ”سورن سانڍياس“، -جمال ابڙو- ’ڪٿا‘ جي عنوان هيٺ پنج جلد الڳ الڳ نالن سان: ”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”-ٿوهر- ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينهن وسن“، محمد صديق مسافر ”منازل مسافر بمع ڪليات مسافر“، آپا شمس عباسي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“، غلام فاطمه شيخ، ”شيخياڻي جي ڪهاڻي“، نائون مل هوتچند -ڀوڄواڻي- ”نائون مل جون يادگيريون“، (انگريزيءَ مان ترجمو) قاضي فيض محمد ”منهنجو سفر“ ، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”ادبي زندگي“، لعل پشپ ”آتم جيوني“، ”حياتين جا حصا“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻل“، ”الهاس نگر واسي“، ”ٽه مورتي“ (5 جلد) هولا رام هنس ”-آتم ڪٿا- هڪ اديب جي“، عالي شاهه (-بدين-) ”منهنجي ماضيءَ جا ورق“، عبدالجبار جوڻيجو ”ملهار“ ۽ ”مجاز“ (ٻه جلد) ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ”ڪيم روح رهاڻ“ عبدالحميد قريشي ”يادِ ايام“، عبدالغفور الستي ”-ٻنڌڻ ٻاروچن جا-“، چترو ناگپال، ”جيون جهلڪيون“، لڇمڻ ڪومل ”وهي کاتي جا پنا“(ٻه جلد ڇپيل)، پروانو سيوهاڻي ”منهنجو ننڍپڻ“، عزيز ڀنگوار ”مان ڏوهي آهيان“، عبدالله چنا ”پنهنجي ڳالهه“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”گهڙيون گهاريم -جن- سين“، -تاجل بيوس- ”ڏکيا سکيا ڏينهڙا“ (3 جلد) شبنم گل ”منهنجو سورج مکي“، سوز هالائي ”ڪويءَ جي ڪٿا“، گڻيش ٻالاڻيءَ جو ”منهنجي ڪهاڻي، ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي“ ، سرڪش سنڌيءَ جي ”جوڻيون جڳ جهان جون“، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي ”ادبي زندگي“، مخدوم طالب الموليٰ ”منهنجو ننڍپڻ“، غفار تبسم جو ”سيئي جوڀن ڏينهن“ (هڪ جلد). -ان- کان سواءِ ايم. ايڇ پنهور جي -آتم ڪٿا- ”جگ بيتي آپ بيتي“ به سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. جيڪا سندس انگريزيءَ ۾ لکيل -آتم ڪٿا- جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو مشهور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي. -ان- کان سواءِ محترمه شهيد بينظير -ڀُٽو- جي آتم ڪهاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو ”پورب ڄائي“ جي نالي سان مراد علي مرزا جو پڻ ڇپيل آهي. <ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AA%D9%85%20%DA%AA%D9%87%D8%A7%DA%BB%D9%8A</ref>
 
==حوالا==
{{حوالو}}