بندوق: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: بَندُوقَ هڪ قسم جو بارودي هٿيار، جنهن ۾ گوليون يا ڪارتوس وجهي ڇوڙجن. پهريون ڀيرو بارودي بندوقن وا...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
بَندُوقَ هڪ قسم جو بارودي هٿيار، جنهن ۾ گوليون يا ڪارتوس وجهي ڇوڙجن. پهريون ڀيرو بارودي بندوقن واري دستي (جامڪي دار بندوقن) جي تشڪيل (-جنوري- 1517ع) شام [[ملڪ]] جي مملوڪ حڪومت ۾ نظر اچي ٿي. -ان- وقت -ان- هٿيار جو نالو ”البندُوق الرصاص“ مشهور ٿيو هو. دستي -بندوق- يعني بندوقيہ ۽ لفظ ”رصاصہ“ يعني گولي يا ڪارتوس واري -بندوق-. -ان- کان پوءِ بُندقيہ ۽ بندقيات جا لفظ گهڻو استعمال ٿيا. مملوڪين -بندوق- جو استعمال 1490ع ۾ ڪيو، ليڪن يورپ ۾ دستي -بندوق- جو استعمال 1365ع ۾ شروع ٿي ويو هو. چئن صدين تائين -بندوق- جي استعمال تي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ڌيان ڏنو ويو، فقط آلِ عثمان، بندوقن جي استعمال ۽ -ان- جي سپاهه کي وسيع پيماني تي تربيت ڏئي فوج جو اهم حصو بنائي ڇڏيو. جڏهن ته مملوڪين ۽ عالم اسلاميءَ جي ٻين فرمانروائن -ان- کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. نتيجي طور اولهه -ايشيا- ۽ مصر جي مستقبل تي وڏو اثر پيو. صرف اڍائي سالن (-آگسٽ- 1514ع کان -جنوري- 1517ع) ۾ عثمانين، صفوين کي شڪست ڏيئي مملوڪين جي سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سلطنت ۾ قديم اسلامي دنيا جا علائقا شامل ڪري ڇڏيا، -جن- تي انهن جو قبضو 20 صديءَ ۾ سندن سلطنت جي زوال تائين برقرار رهيو .
مختلف ماخذن موجب پهريائين 1422ع کان وٺي 1450ع تائين عثماني سلجوقين جنگين ۾ -بندوق- کان ڪم ورتو. عثماني پنهنجي زيردست ملڪن مان -بارود- لاءِ لوهه، شيهو، -ٽامو-، گندرف ۽ اعليٰ قسم جي شوري جو خام مال حاصل ڪندا هئا، جيڪو -جنگ- لاءِ ضروري هوندو هو. -ان- بعد سڄي يورپ ۾ -بارود-، بندوقن ۽ توپن ٺاهڻ جا ڪارخانا کلي ويا ۽ ملڪن جي سرحدن تي بارودي بندوقن جو رواج عام ٿي ويو، ويندي اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ تائين اهو سلسلو -جاري- رهيو. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو محمد -بن قاسم-، سنڌ جي راجا ڏاهر جي خلاف روغن نفط استعمال ڪيو، جيڪو سادو آتشين هٿيار هو. -تاريخ فرشته- جي لکڻ موجب، محمود غزنويءَ هتي -جنگ- ۾ شوري (-تيزاب-) جو استعمال ڪيو. اڪبر جي دور ۾ سڄيءَ سنڌ ۽ هند ۾ جامڪي دار بندوقون شروع ٿي چڪيون هيون. بارودي هٿيارن جي سکيا لاءِ اورنگزيب پنهنجي لشڪر جي سپاهين جي تربيت لاءِ ترڪن، عربن ۽ پورچوگيزن کي به ملازم رکيو. هن وقت دنيا ۾ بندوقن جا جيڪي نمونا هلندڙ آهن، -تن- ۾ هڪ نال واري -بندوق-، دُنالي -بندوق-، ريپيٽر، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا قسم مشهور آهن .<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D9%86%D8%AF%D9%88%D9%82</ref>
 
==حوالا==
{{حوالو}}